انٽرويوخاص

ڊاڪٽر مبارڪ علي کان (نومبر 2017) ۾ ورتل انٽرويو

ڊاڪٽر مبارڪ علي کان (نومبر 2017) ۾ ورتل انٽرويو

منظور ٿهيم، ڊاڪٽر اشوٿاما، زاهده ابڙو

 

18 آڪٽوبر 2017 تي ڊاڪٽر مبارڪ علي سان هڪ پروگرام کانپوءِ خانا بدوش تي ملاقات ٿي ۽ اسان ساڻس غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا توهان جي آڏو پيش ڪريون ٿا.

زاهده ابڙو: حيدرآباد اچڻ کانپوءِ توهان کي ڪيئن پيو لڳي؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: ڪافي عرصي کانپوءِ حيدرآباد آيو آهيان ۽ حيدرآباد ڪافي تبديل نظر اچي رهيو آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪافي اهڙيون هوٽلون ۽ چانهه خانا هوندا هئا، جتي توهان ويٺا ۽ وري ڪو ٻيو دوست اچي ويو ان کي ويهاري چانهه پياري، اڌ ڪلاڪ ويٺا چانهه پي وري پنهنجي گهر روانو ٿي ويا پر هاڻي حيدرآباد ۾ توهان گاڏي کاتي وڃو ته ويهڻ لاءِ ڪا اهڙي جڳهه نه ملندي جتي ويهي چانهه پيو. سماجي زندگيءَ جي لاءِ اهڙي قسم جي هوٽلن ۽ چانهه خانن جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي. اهي پراڻا ٽرينڊ ختم ٿي ويا آهن هاڻي شايد ويهڻ جي لاءِ جيڪي جڳهيون آهن انهن جو ڪو الڳ مقصد آهي سمجهه ۾ نٿو اچي. هن وقت خانا بدوش ليکڪن ۽ دانشورن لاءِ هڪ سٺي گڏجاڻيءَ جي جاءِ آهي.

زاهده ابڙو: ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته انهن سڀني پراڻين روايتن کي وري ڪيئن زنده ڪري سگهجي ٿو ڇا سوشل ميڊيا ان جو نعم البدل ٿي سگهي ٿو؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: پراڻيون روايتون وري ته زنده نٿيون ٿي سگهن پر نئين طريقي سان انهن سڀني شين کي توهان اختيار ڪري سگهو ٿا ۽ ڪوشش ڪري سگهو ٿا ته جيئن توهان گڏجي ويهڻ جو هڪڙو بهانو ڳوليو ڇو ته نوان خيالات گڏجي ويهڻ ۽ بحث مباحثي سان ئي ايندا آهن. جيستائين ڳالهيون ٻولهيون نه ٿينديون، بحث مباحثا نه ٿيندا، نه مسئلن جا حل ملندا ۽ نه ئي نوان خيال جنم وٺندا. سوشل ميڊيا تي توهان کي ٻيون ته ڪافي شيون ملنديون پر اتي توهان بحث مباحثا نٿا ڪري سگهو. سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهو تنهائي جو شڪار ٿيندا پيا وڃن، ماڻهو پنهنجي خانداني زندگيءَ کان ڪٽجندا پيا وڃن، چار ماڻهو گڏجي ويٺا هوندا آهن، چئني ماڻهن جي هٿ ۾ موبائل هوندي آهي ۽ ان ۾ ئي مگن هوندا آهن. سوشل ميڊيا اسان کي انسانن کان ڪٽي ڇڏيو آهي ۽ دوستن کان به ڪٽي ڇڏيو آهي. توهان جڏهن اڪيلائي جو شڪار ٿيندا ته توهان جون تخليقي صلاحيتون اڀري نٿيون سگهن. توهان ڪيترو به پڙهو پر اڪيلي ۾ ويهي ان جو فائدو حاصل نٿا ڪري سگهو جيستائين توهان انهن شين تي دوستن سان ويهي بحث نه ڪريو. پهرين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهو لاڙو موجود هوندو هو ته بحث مباحثا ڪرايا ويندا هئا، جتي نوجوان تمام گهڻو سکندا هئا.

ڊاڪٽر اشوٿاما: اڄڪلهه ماڻهن کي گهر ويٺي انٽرڪشن جي لاءِ وڏو اسڪيل ملي ٿو وڃي هو نيٽ تي ويهي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ دوستن سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر مبارڪ علي: توهان جي ڳالهه به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، هاڻي اسان پهرين جهڙو ماحول جيڪڏهن جوڙڻ به چاهيون ته جوڙي نٿا سگهون پر هينئر به اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ کپي ته بحث مباحثن لاءِ پنهنجي وس آهر بيٺڪون ٺاهڻ کپن. مهيني ۾ هڪ دفعو يا ٻه دفعا اسان کي گڏجي ويهڻ کپي. ماڻهن جون مصروفيتون وڌي ويون آهن، پر اسان کي ڪوششون جاري رکڻ کپن.

زاهده ابڙو: معاشري ۾ ماڻهو تنهائيءَ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن ان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي، اسان کي گڏجي ويهڻ کپي نه ته انفرادي طور تي اسان تنهائي جو شڪار ٿي وينداسين. هاڻي توهان پراڻي ماحول کي واپس نٿا آڻي سگهو، نئون ماحول جوڙڻو پوندو. اسان اتي لاهور ۾ هر هفتي سڀئي دوست گڏجي بيٺڪ ڪندا آهيون، جتي اتان جا مقامي ماڻهو ۽ ڪجهه ٻاهريان دوست به اچي شامل ٿيندا آهن. ٽي چار ڪلاڪ گڏجي ويهندا آهيون، تمام سٺا بحث مباحثا ٿيندا آهن، اهڙيون بيٺڪون هر شهر ۽ هر علائقي جي لاءِ تمام ضروري آهن.

منظور ٿهيم: اسان جي تعليمي نظام ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي هاڻي اهو پهرين وارو ته رهيو ئي ڪونهي جنهن جي ڪري اڄ جو نوجوان اڪيلائي جو شڪار ٿيندو وڃي ۽ ٽيڪنالاجي جو به غلط استعمال ڪري رهيو آهي ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: اسان جي تعليمي نظام ۾ ڪيترائي نقص موجود آهن. تعليم سان گڏ تربيت تمام گهڻي ضروري آهي، جيڪا توهان جي ماحول جي مطابق هجڻ گهرجي ته جيئن اتان جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ماحول مطابق تبديل ڪري سگهي. تعليم جو مقصد صرف پڙهڻ لکڻ نه هوندو آهي پر تعليم اصل ۾ توهان کي موجوده دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندي آهي، جيڪا تعليم توهان کي موجوده مسئلن کان آگاهه نٿي ڪري، سماج جي ڏنل چئلينجن جي مقابلي جي همت توهان ۾ پيدا نٿي ڪري ته پوءِ اهڙي تعليم جو ڪوبه فائدو ڪونهي. اسان وٽ اهڙي ئي تعليم ڏني پئي وڃي. ٻي ڳالهه ته جڏهن هائر ٽيڪنالاجي پٺتي پيل سماجن ۾ گهڙي پوندي آهي ته اها فائدي جي جاءِ تي نقصان ڏيندي آهي. جيئن اسان وٽ مختلف ٽي وي چئنل آهن، سوشل ميڊيا آهي، ڪيترائي اهڙا چئنل موجود آهن جتي ماڻهن کي هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ ڏيڻ جي تياري ڪئي ويندي آهي، سوشل ميڊيا ماڻهن کي فائدي جي بجاءِ الائي ڪيترائي نقصان ڏنا آهن جنهن ۾ سڀني کان وڏو نقصان اهو آهي جو ماڻهن گڏجي ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي. مطلب ته پٺتي پيل سماج اڃان وڌيڪ پٺتي پوندو پيو وڃي. ساڳي جاءِ تي ترقي يافته سماج انهيءَ ٽيڪنالاجي مان تمام گهڻو فائدو وٺي رهيا هوندا آهن ڇو ته انهن کي ان شيءِ جي صحيح استعمال جي خبر هوندي آهي. اسان وٽ ته ٽي وي جو استعمال صرف سياستدانن جي پبلسٽي لاءِ ٿي رهيو آهي، ذهني تربيت ۽ شعور جي لاءِ اسان وٽ نه ٽي وي چئنلز ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نه سوشل ميڊيا.

منظور ٿهيم: انهيءَ کي ڪيئن ڪائونٽر ڪجي ته جيئن هن جو صحيح استعمال ٿي سگهي؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: سماج کي تبديل ڪرڻ خاص طور تي ذهني طور تبديل ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي، جيڪڏهن توهان يورپ جي تاريخ پڙهندو ته توهان کي خبر پوندي ته جيڪي حالات هينئر اسان وٽ آهن ان کان وڌيڪ بدتر حالات اتي موجود هئا پر انهن پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ ضروري نه آهي ته جيڪا تبديلي اسين چاهيون ٿا اها اسان جي موجودگيءَ ۾اچي. اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي، پنهنجا خيالات ڇڏي وڃڻ گهرجن ته جيئن اڳيان جيڪي به نسل اچن انهن کي آگاهي ملي سگهي. سنڌي ۾ هينئر مون کي خبر ڪونهي ته ڪهڙو ادب تخليق ٿي رهيو آهي پر ماضيءَ ۾ ته مون کي خبر آهي تمام سٺو ادب تخليق ٿيو آهي. ٻڌو آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ انتها پسندي تمام گهڻي اڀري رهي آهي، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي، ان جي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. اڄڪلهه پوري پاڪستان ۾ تقريبن اديب ان مقصد سان لکي رهيا آهن ته انهن جو ڪتاب ڇپجي وڃي ۽ انهن جي مٿان ڪا تنقيد به نٿي ٿئي.

ڊاڪٽر اشوٿاما: ٻڌايو ته هينئر جيڪو ادب ۾ ٽرينڊ تبديل ٿيو آهي با مقصد لکڻين جي بجاءِ اديب موقعي پرستي جو وڌيڪ قائل نظر اچي ٿو، اديب ذميدارانه ادب کان موقعا پرستي واري ادب ڏانهن وڌي رهيو آهي ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: اهو مسئلو رڳو سنڌي ادب جو نه پر اردو ادب جو به آهي. لاهور شهر ۾ هن وقت ڪو اهڙو اديب توهان کي نطر نه ايندو جيڪو چئي سگهجي ته جالب، فيض احمد فيض، احمد نديم قاسمي يا منٽو وانگر لکي رهيو هجي، پورو لاهور هاڻي موقعا پرست ليکڪن سان ڀرجي ويو آهي. اردو ادب ۾ به جيڪي رسالا ڇپجن ٿا انهن جو معيار اهڙو ڪونهي جو انهن کي ڪير پڙهي. ڪمرشل ازم تمام گهڻو وڌي ويو آهي جو انهن کي ڪوئي نٿو پڙهي. شاعري تمام بيڪار قسم جي ٿي رهي آهي، ڪو هڪڙو پروگريسو شاعر اردو ۾ ٻڌايو جنهن کي توهان چئي سگهو ته هن وقت جو بهترين شاعر هجي. هن وقت پوري سماج جو زوال هلي رهيو آهي، آرٽ، ادب، خيالن، تعليم ۽ تربيت ۾ زوال نظر ايندو. ٽي وي چئنلن تي جيڪي پروگرام هلن ٿا اتي جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي اها بنهه اخلاق کان ڪريل هوندي آهي. خيالات مان جهالت نظر پئي ايندي آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته سماج پٺتي وڃي رهيو آهي.

زاهده ابڙو: اسان جي ملڪ ۾ امير ۽ غريب ۾ ويڇو تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ڇا رياست پنهنجي ذميداري پوري ڪري رهي آهي؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: جي بلڪل ان ۾ اسان جون حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون ذميدار آهن ۽ ڪجهه ذميداري رياست جي به اچي ٿي. انهن کي ان ڳالهه ۾ ڪابه دلچسپي ڪونهي ته عوام ۾ شعور پيدا ٿئي. رياست هينئر بلڪل پنهنجي دلچسپي نه ڏيکاري رهي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته صحت ۽ تعليم واپار بڻجي ويا آهن. ماڻهن وٽ روزگار ڪونهي، ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار عروج تي آهي ۽ هينئر ملڪ رياض وٽ رياست کان وڌيڪ طاقت موجود آهي ڪراچي ۾ حڪومت جا ڪم ملڪ رياض ڪري رهيو آهي، پُلون پيو ٺاهي، ڪچرو پيو صاف ڪرائي، فلاءِ اوور پيو ٺهرائي. ماڻهو ڪچين آبادين ۾ جانورن کان وڌيڪ بدتر حالت ۾ زندگي گذارين پيا پر رياض ملڪ کي هزارين ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي جنهن سان هو امير طبقي جي لاءِ پر آسائش اسڪيمون تيار ڪري رهيو آهي جنهن جو فائدو عوام کي ته آهي ئي ڪونه. بلڪه انهن علائقن ۾ عام ماڻهو ته پير به رکي ڪونه سگهندو، انهن کي ته چار ديواريون ڏنل آهن. رياست کي انهن سڀني شين کي ڏسڻ گهرجي. ڇو ته امير ۽ غريب جو فرق تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. غريبن جي آبادي تمام تيزي سان وڌي رهي آهي. امير جي لاءِ ديوارن جي اندر ڪيترا به کڻي رهائشي منصوبا تعمير ڪيا وڃن پر جڏهن وبائي بيماريون اينديون آهن پوءِ اهي نه ديوارن کي ڏسنديون آهن ۽ نه امير کي نه غريب کي. ان طبقاتي فرق جي ڪري جيڪڏهن ملڪ اندر فساد پيدا ٿيا ته پوءِ نه امير بچندو نه غريب. اها رياست جي ذميداري آهي ته پنهنجي غريب آباديءَ جي لاءِ صاف پاڻي جو انتظام ڪري، انهن جي رهائش جي لاءِ بندوبست ڪري، انهن کي روزگار فراهم ڪري. 1952ع ۾ اسان حيدرآباد آيا هئاسين، 70ع تائين آئون هتي رهيس پوءِ ايندو ويندو رهيس. ان حيدرآباد کي جڏهن آئون ياد ٿو ڪريان ته اهو حيدرآباد هڪ صاف سٿرو شهر جنهن ۾ وڻڪار به هئي ته لائبريريون به هيون. هاڻي جو حيدرآباد ڏسي منهنجي دل کي يقين ڪريو ته گهٻراهٽ ٿي ٿئي. هن طرح شهرن جو بنا ڪنهن پلاننگ جي وڌڻ اسان جي لاءِ اڳتي هلي وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. وڏا ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان شايد پنهنجن قلعن ۾ محفوظ رهنداسين پر جڏهن حملا ٿيندا آهن ته پوءِ قلعا ڊهي ويندا آهن.

ڊاڪٽر اشوٿاما: توهان هينئر سماجي ابتري جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي ۽ وري توهان تاريخ جي سبجيڪٽ کي چونڊيو انهن ٻنهي کي توهان ڪيئن ڳنڍيندا؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: هڪ تاريخدان جي حيثيت سان مون پنهنجو پاڻ کي رياست ۽ سياسي پارٽين کان الڳ ٿلڳ رکيو. مون ان ڪري لکيو ته جيئن ماڻهو تاريخ مان شعور حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهن ۽ مسلسل مزاحمت ڪندا رهن، ڪمزور ۽ مايوس ٿي ويهي نه رهن. جيڪڏهن ماڻهو خاموش ٿي ويهي رهيا ته حڪمرانن جي لاءِ ان کان وڌيڪ سٺي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جيڪي پنهنجن حقن لاءِ آواز ئي نه بلند ڪري سگهن انهن کي ته اهڙائي ماڻهو کپن. جڏهن برسات جي ڪري گهرن ۾ پاڻي اچي وڃي ۽ توهان جي ڳلين مان پاڻي نه ڪڍيو وڃي ۽ توهان سِرون رکي گٽر جي پاڻي مان لنگهي گهر اچو ۽ وڃو. انهن روين کي اسان سڀني کي تبديل ڪرڻو پوندو. ترقي پسند ادب لکڻ جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي اڳيان اچڻو پوندو، سماج جي مسئلن کي ادب جي ذريعي اجاڳر ڪرڻو پوندو. هن وقت ادبي هلڪن ۾ هڪڙو عجيب ماحول پيدا ٿي ويو آهي. ڪيترائي پروگرام ٿيندا آهن جن ۾ مون کي دعوت به نه ڏني ويندي آهي، هينئر جيڪي لٽريچر فيسٽيول ٿي رهيا آهن انهن سڀني مون کي دعوت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي پر ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي. منهنجا لکيل ڪتاب ۽ منهنجون تحريرون خود ڳالهائينديون، آئون نه به هوندس تڏهن به انهن کي پڙهيو ويندو، منهنجو مقصد صرف اهو ئي آهي ته آئون ماڻهن کي تاريخ کان آگاهه ڪيان، شعور ۽ آگاهي ڏيندو رهان. مون جهڙي اديب کي نه ڪنهن کان ڪو ايوارڊ کپي نه ڪو صلو کپي، مان ته عوام جي لاءِ لکندو آهيان. جيڪڏهن انهن کي شعور اچي ٿو وڃي، انهن ڪجهه سکي ورتو ته منهنجو مقصد پورو ٿي ويندو.

زاهده ابڙو: توهان تاريخ جي شاگرد جي حيثيت سان پاڪستان جي مستقبل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: تاريخدان هونئن ته مستقبل جي باري ۾ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهي ڇو جو هو ماضيءَ جي باري ۾ تحقيق ڪندو آهي پر هن وقت جيڪي چئلينجَ ۽ صورتحال آهي ۽ جنهن طرف اسان وڃي رهيا آهيون اهي ڪي سٺا نه آهن. هن وقت جيڪو چين جو ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهي ان جا اثر اسان جي ملڪ تي ڪي سٺا نه پوندا. اسان جي مقامي انڊسٽري بلڪل ختم ٿي ويندي ۽ چين هر جاءِ تي ڇانئجي ويندو، انهن جو ٿرڊ ڪلاس مال هر جاءِ تي موجود هوندو. هو پنهنجو مزدور به اتان آڻيندو، ڪاريگر به اتان آڻيندو ۽ اسان جي زمين استعمال ڪندو، ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي. تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن خراب حالتن مان اميد افزا حالتون به پيدا ٿينديون آهن. ڪا خبر ڪونهي ته انهيءَ دور ۾ ڪا اهڙي چڱي ڳالهه به ٿي وڃي جو ماڻهن جي اندر ڪو نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿي وڃي. حالتون اسان جي حق ۾ بهتر ٿي وڃن. مستقبل جي باري ۾ ڪابه ڳالهه يقيني طور تي نٿي چئي سگهجي صرف اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ اسان کي مثبت سوچ به رکڻ کپي ته شايد اسان جا حالات بهتري ڏانهن وڃن.

ڊاڪٽر اشوٿاما: توهان چئني صوبن جي سياسي ماڻهن، اديبن ۽ دانشورن سان به مليا آهيو ماضي ۾ انهن چئني قومن جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو به رهيو آهي پر هن وقت حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن مستقبل ۾ توهان انهن جي وچ ۾ حالتن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: پنجاب کي سڀني کان مٿڀرائي حاصل آهي ۽ اڃان رهندي، ان جا ڪيترائي سبب آهن. خيبر پختونخواهه جي ماڻهن کي به گهڻي حد تائين شِهه مليل آهي، انهن وٽ ڪارو ناڻو وڌيڪ آهي. غفار خان جي ANP ڪرپشن جو شڪار آهي. هاڻي اها غفار خان جي پراڻي پارٽي نه رهي آهي. بلوچستان جي حالت هن وقت تمام خراب آهي، سنڌ جي اندر تمام گهڻي افرا تفري موجود آهي ڇو ته شهر تمام گهڻا وڏا ٿيندا پيا وڃن، آبادي تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي مهاجر آيا اهي ته آباد ٿي ويا پر ان کان علاوه پختون آبادي تيزي سان پنهنجو دٻاءُ وڌائي رهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي وسيلن تي انتهائي درجي جو بار وڌي رهيو آهي. ان کانسواءِ بنگالي، برمي ۽ روهنگيا ۽ الائي ڪير ڪير هتي آباد ٿيل آهن. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي پر ان کان وڌيڪ جيڪو نقصان سنڌ کي پهچايو آهي اهو پيپلز پارٽي پهچايو آهي. سنڌ جي لاءِ پيپلز پارٽي گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي پر ڪجهه نه ڪيو آهي، اڃان تائين به هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ ٻي اهڙي ڪا پارٽي آهي ئي ڪونه جيڪا عوام ۾ مقبول هجي. جيستائين توهان جا رياستي ادارا مضبوط ڪونه ٿيندا توهان مٿاڇري تبديلي نٿا آڻي سگهو.

ڊاڪٽر اشوٿاما: ريڊ ڪلف جيڪا لائين اسان کي ڇڪي ڏني هئي ان جي مٿان پاڻي پئجي ويو، ان جو ڇا ٿيندو؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: دنيا ۾ تبديليون اينديون رهنديون آهن، پنجاب ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجهن ٿا ته هن وقت نواز شريف جي حڪومت هندستان جي پنجاب سان گڏجي گريٽر پنجاب ٺاهڻ جي حق ۾ آهي ۽ آرمي ۾ ڀارت خلاف جذبات کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا اهو هڪڙو تصور موجود آهي ته يونائيٽيڊ پنجاب هئڻ کپي. اها هڪڙي خطرناڪ صورتحال آهي ۽ افرا تفري نظر اچي رهي آهي ۽ ان جي قيمت عوام کي ادا ڪرڻي پوندي. تقسيم هند کانپوءِ عام ماڻهو کي قيمت ادا ڪرڻي پئي، جڏهن به دنيا ۾ ڪا اهڙي تبديلي ايندي آهي ته قيمت عام ماڻهو کي ادا ڪرڻي پوندي آهي.

زاهده ابڙو: ڇا اسان جي خفيه ادارن کي خبر نه هوندي جو ان کي ڪائونٽر ڪري سگهن ۽ پاڪستان جي سالميت جي لاءِ قدم کڻي سگهن؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي: آرمي کي سڄي خبر آهي، آرمي ائين ٿيڻ ڪونه ڏيندي.

ڪامريڊ اظهر: ڊاڪٽر صاحب توهان لکيو هو زوال شده معاشري جي ڪهاڻي اسان ڪيترائي سال پهرين توهان کي چيو هو ته ان کي تبديل ڪري زوال پذير معاشري جي ڪهاڻي لکو توهان چيو هو ته اهو زوال شده معاشرو آهي جنهن کي توهان زوال پذير سمجهو ٿا ڇا توهان اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيو.

ڊاڪٽر مبارڪ علي: هن وقت اسان وٽ ڇا بچيو آهي، نه ادارا مضبوط آهن ۽ نه وري اسان جا قدر باقي بچيا آهن. هر انسان صرف پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. زندگيءَ جو جيڪو مزو اچڻ کپي جنهن سان جيئڻ جو احساس ايندو آهي اهو ته اسان کي آهي ئي ڪونه. جنهن ۾ خوشگوار زندگيءَ جو لطف ٻار کان وٺي پوڙهو ماڻي سگهي اسان وٽ موجود ڪونهي. منهنجو هڪ تاريخدان دوست آهي جنهن جو هڪ ڏاڍو خوبصور جملو آهي ته“We must fight knowing that we are losing the war” جنگ جاري رکڻ کپي، توڻي جو توهان کي خبر هجي ته توهان هارائيندو. هر ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي وس آهر سماجي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪرڻ کپي، مايوس بلڪل نه ٿيڻ کپي، اميد هاري ويهڻ سان شيون اڃان وڌيڪ خراب ٿينديون ۽ ڪوششون جاري رکڻ کپن. اڄ جون ڪوششون سڀاڻي جي تبديليءَ جو سبب بڻبيون.