ڏوهن کان پاڪ ۽ تعليم يافتا ڳوٺ، پاڪستان ۽ دنيا لاءِ مثال
رسول پور پاڪستان جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي جيڪو اتر اولهه پنجاب ۾ آهي، اهو ڳوٺ دنيا لاءِ تهذيب جو هڪ نمونو ٿي سگهي ٿو. ان ڳوٺ ۾ 100 سيڪڙو خواندگي ۽ 0 سيڪڙو ڏوهن جي شرح آهي، ڳوٺ ۾ هر سال 8 سيپٽمبر تي تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن. سمورو ڳوٺ سگريٽ نوشي کان بلڪل پاڪ آهي، هڪ به ماڻهو سگريٽ نوشي ناهي ڪندو ڳوٺ ۾ گھڻو ڪري احمداڻي بلوچ آباد آھن، جن جا ابا ڏاڏا 1933-34 ۾ بلوچستان کان ھتي لڏي آيا ھئا. ان وقت آمدنيءَ جو ڪو ذريعو نه هجڻ ڪري تعليم ئي انهن لاءِ معيشت جو واحد ذريعو بڻجي وئي. ان ڳوٺ ۾ 2 هاءِ اسڪول ۽ هڪ پرائمري اسڪول آهي. هاءِ اسڪول مان تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ شاگرد ڳوٺ ويجهو تقريبن 5 کان 6 ميل پري ڄام پور سٽي ڪاليج ڏانهن پڙهائي لاءِ ويندا آهن. گرلز اسڪول ۾ 300 ڇوڪريون آهن ۽ ڇوڪرن جي اسڪول ۾ به تقريبن ايترو ئي انگ تعليم پرائي رهيو آهي. پاڪستان سوشل اينڊ لونگ اسٽينڊرڊ سروي موجب 2019-20 ۾ ملڪ ۾ خواندگي جي شرح 60 سيڪڙو ھئي. هن ڳوٺ جون سڀئي عورتون تعليم يافته آهن ۽ گذريل 100 سالن ۾ ڪوبه ڏوهه نه ڪيو ويو آهي. سمورين عورتن جو تعليم يافتا هجڻ جي ڪري هتي ٻار به تعليم يافته آهن. ڳوٺ ۾ ھڪڙي رسولپور ڊولپمينٽ سوسائٽي ڪم ڪندي آهي جيڪا انھن ماڻھن لاءِ چندو گڏ ڪري ٿي جيڪي تعليم جا خرچ پورا نٿا ڪري سگهن. ڄام پور جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد فاروق ڳوٺ جي اهميت بابت ڳالهائيندي چيو ته هي ڳوٺ سڄي دنيا لاءِ پاڪستان جي حقيقي تصوير جي نمائندگي ڪري ٿو. هتان جي ماڻهن گڏجي اهو ممڪن بڻايو آھي ته ھر ڪنھن لاءِ تعليم ۽ رھائش لاءِ صاف ۽ دوستاڻو ماحول ھجي. هن ڳوٺ ۾ تعليم جي ڏهاڪن کان پراڻي وابستگي کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ سالياني تقريب منعقد ڪئي ويندي آهي ته جيئن ٻارڙن ۽ انهن جي والدين جي حوصله افزائي ڪئي وڃي ته انهن شاگردن جي عزت ڪئي وڃي جيڪي يونيورسٽي سطح جي امتحانن ۾ پوزيشنون ماڻين ٿا.