ڏينهن ڏٺي جو منيشا ڪماري جي اغوا مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ لاقانونيت عروج تي آهي: سنڌياڻي تحريڪ

سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، زرقا هاليپوٽو ۽ مريم گوپانگ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ شاهه ٽنڊو ڪوٽ ڏجي ٿاڻي جي حد مان منيشا ڪماري ڌيءَ راجھڻ ميگھواڙ جي اغوا جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته منيشا ڪماري جي عمر 15 سال آهي جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ 16 جولاءِ تي منجهند جو 2 وڳي ھٿيارن جي زور تي گھر مان اغوا ڪيو ويو آهي. جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس اڃان تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي. ڏينھن ڏٺي جو پنھنجي ئي گھر مان اغوا ڪرڻ ظلم ۽ زبردستي جي انتھا آھي. اهڙي نسوري ظلم ۽ بربريت مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني بدران لاقانونيت جو راڄ قائم آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌي هندو ڀائرن ۽ انهن جي معصوم نياڻين خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي ته جيئن سنڌي هندو ڀائرن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌي هندو ڀائر سنڌ جا اصلوڪي رهواسي ڌرتي ڌڻي آهن، انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ واري سازش کي سنڌ جو محبت وطن عوام مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته منيشا ڪماري جي اغوا جو SSP خيرپور ۽ DIG سکر ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي سختي سان فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. انتظاميه غريب اقليتن جي فوري واھر ڪري. جيڪڏھن دير ڪئي وئي ته ھن اغوا جي معاملي کي به مذھبي شڪل ڏني ويندي. جيڪڏھن گھرن ۾ گھڙي زوري نياڻين ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته پوءِ ڪنھن به عزتدار جي عزت محفوظ نه رھندي. اھڙن سماج دشمن عملن کي روڪي ملوث ڏوهارين کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي ۽ منيشا ڪماري کي فوري طور تي واپس ڪرايو وڃي. ٻئي طرف سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن عمره سمون، افشين ميمڻ، آمنت ڪيڙانو حيدرآباد ۾ مڙس هٿان بي دردي سان قتل ڪيل قرت العين بليدي جي گهر پهچي سندس ماءُ، ڀينرن ۽ ٻين گهر ڀاتين سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته قرت العين جو قتل هڪ وحشياڻو عمل آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن قرت العين جي گهر ڀاتين کي يقين ڏياريو ته سندن هر قانوني مدد ڪئي ويندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments