ڪابل ايئرپورٽ ڀرسان هڪٻئي پٺيان 3 ڌماڪا: 13 آمريڪي فوجين سميت 85 ڄڻا مارجي ويا
افغانستان جي گاديءَ جي هنڌ ڪابل جي ايئرپورٽ ڀرسان هڪٻئي پٺيان ٽن ڌماڪن ۾ 85 ڄڻا مارجي ويا ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪندي چيو ته ڪابل جي ايئرپورٽ ڀرسان هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ ٽن ڌماڪن ۾ 85 ماڻهو مارجي ويا ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. آمريڪا اختيارين اهلڪارن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڪابل ڌماڪن ۾ 13 فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته ڪابل ايئرپورٽ ٻاهران ٿيل ڌماڪي جي هنڌ واري سڪيورٽي جي ذميواري آمريڪي فوج جي هئي، هو عوام جي سڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن. افغان ميڊيا موجب داعش ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن جي ذميواري قبولي ورتي آهي، آمريڪي صدر جو بائيڊن داعش جي حملن جو خدشو ظاهر ڪيو هو. واضح رهي ته افغان طالبان جي ڪابل تي قبضي بعد اِهو پهريون حملو ٿيو آهي.

