ڪارو جبل ڪوهستان جي فطري سونهن کي تباهه ڪندڙ ڪجهه خطرا ۽ انهن جا حل جوکيو جسارت الياس سنڌي
جنگشاھي ڪوھستان تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ قدرتي سونھن جو عظيم الشان شاھڪار ڪارو جبل سنڌ جو جڳ مشھور ورثو آھي جنھن سان نه صرف انساني، حيواني، سماجي، فطري، قدرتي، حياتياتي ۽ ارتقائي تاريخ جا سوين داستان وابسته آھن، پر ھتي جي لڪل رازن ۾ وڏو تاريخي سرمايو پڻ موجود آھي، جنھن تي جڏھن مون تحقيق جي شروعات ڪئي ته ابتدا ۾ ئي جيڪو مواد ۽ قدرتي آثار مليا انھن کي پڙھي سنڌ جي مختلف علمن جي ماھرن جن ۾ ارضيات، انسانيات، حياتيات، سياحت ثقافت، علم و ادب ۽ ٻين مختلف فني ۽ سائنسي علمن جي ماھرن جھڙي ريت رابطا ڪري پنھنجي شوق ۽ مطالعي جو اظھار ڪيو ان مان اندازو ٿيو ته ھي جبل نه صرف انساني ارتقا جي مطالعي جي لحاظ کان پر سنڌ جي ڪوھستان سان وحدت جو پڻ ھڪ چٽو ۽ ظاھري نشان آھي. اھڙو سرمايو جيڪڏھن پنجاب يا اسلام آباد ۾ ھجي ھا ته ھوند ان جي چئن ئي طرفن لوھ جون ڪنڊيدار سيخون ھڻي، ان جي ھڪ ھڪ پٿر کي محفوظ ڪري ان جبل کي ھميشه لاءِ ھڪ قومي ورثو قرار ڏنو وڃي، پر افسوس آھي اسان جي سنڌ حڪومت جي ان نظر اندازي واري پراڻي پاليسي تي جنھن بابت سنڌ جو ڏاھو رسول بخش پليجو ھميشه اھو چوندو ھو ته اھا سنڌ سرڪار کي پِٽَ (بد دعا) مليل آھي ته اھا شروع ۾ ھر معاملي کي نظر انداز ڪندي پوءِ جڏھن عام سنڌين جو پريشر پوندو ته پوءِ ڪم ڪرڻ جي تياري ڪندي.
ھن موجودہ وقت ۾ ڪارو جبل ھيٺين وڏن نقصانن ۽ خطرن کي منھن ڏيئي رھيو آھي:
- آلودگي ۽ تيزابي وسڪارا
- جھنگلي جيوت جو ناپيد ٿيڻ
- قدرتي وڻن جي واڍي
- سيمينٽ فئڪٽريون ۽ انھن جا غير قانوني جبل لوڏيندڙ بم ڌماڪا
- مال جا چارا ختم ٿيڻ ۽ ڏڪار
- قبضا مافيا ۽ سندن والار
- ريتي بجري جا غير قانوني دڪا ۽ زير زمين پاڻي جو سوڪھڙو
- غير قانوني بنا اجازت شڪار
- نون شھرن جو اڏجڻ ۽ مستقبل ۾ لوڌ جو پلٽڻ ٿي اچڻ
- انساني آبادي ۾ واڌ ۽ قدرتي وسيلن جي اڻاٺ
- وسڪاري جي ڪري لئنڊ سلائيڊنگ
- جبل ۽ ان جي سلسلن جي غير قانوني ٽوڙ ڦوڙ
اچو ته انھن خطرن ۽ تباھ ڪارين تي سراسري نظر وجھي جائزو وٺون ۽ ان جي حل لاءِ حڪومت يا وسوارن کي ڪجھ تجويزون ڏيون.
دنيا ۾ جبلن تي آلودگين جا واقعا عام آھن. جڏھن ٻرندڙ جبلنvolcano مان نڪرندڙ مادا جھڙوڪ: لاوا ۽ گئسن جا مجموعا جابلو پٿرن تي پون ٿا ته فضائي آلودگي جي ڪري گُھٽ ٻوسٽ ٿيندي آھي. ڪاري جبل ۾ ارتقائي دورن جي گئسن نڪرڻ جا آثار ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. شايد اڄ به انھن گئسن جا ڪجھ ائٽم غارن، کڏن ۽ کامن مان ٻاھر نڪرندا ھجن جن جي ڪري ڪن مخصوص جڳھين تي ساوڪ نه ٿيندي ھجي (حوالو: جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان). اھا آلودگي تيزابي وسڪاري جي ڪري به ٿيندي آھي جيڪا نوري آباد مان نڪرندڙ ڪارخانن جي بيڪار مادن جي گئسن جي ھوا ۾ ملڻ جي ڪري ٿئي ٿي. ان آلودگي جي ڪري ھوا ۾ گھم جي ڪري آھستي آھستي فضا جو رنگ آلودہ نظر ايندو آھي جيڪو منھنجي 95 سالن جي عمر واري چاچي حاجي شير دل بقول اڄ کان 70 سال پھرين جبل جي چئني طرفن ھوا صاف ھوندي ھئي. ان آلودہ ماحول جي ڪري ڪافي جھنگلي جيوت ھتان ناپيد ٿي چڪي آھي جھڙوڪ: ھرڻ، ڪارو تتر، سائو طوطو، شينھن ۽ ھاتار وغيرہ. جيڪڏھن اھا ناپيدہ ٿيڻ جي رفتار رھي ته ڪاري جبل جو ايڪو سسٽم بيحد متاثر ٿيندو.
جيڪي وڻ مالماڙي مان وڍي ختم ڪيا پيا وڃن انھن ۾ ٻٻر، ديوي، انب، لوھيڙو، ڄار، بڙ ۽ نم وغيرہ شامل آھن. ڇو ته انھن وڻن کي ماڻھو وڪڻڻ ۾ استعمال ڪن پيا ته گڏوگڏ ڪجھ فطرت جا دشمن ماڻھو ھر سال ھرو ڀرو وڻن جي واڍي پڻ ڪندا آھن. جڏھن ته ھتي ڪونو ڪارپس جھڙا ڌاريا وڻ به ڏٺا ويا آھن جن جو ڪو فائدو ناھي، پر وڻڪاري ۾ اھي ھتي لڳائڻ بدران جيڪڏھن ديسي وڻ ھڻجن ته ھوند پکين کي به ميوا ملن پر ڪير ٿو فطرت کي ڏسي، بقول ڪاري جبل جو گائيڊ حسڻ جوکيو ته ڄام اويس بجار کان علاوہ ھتي ھرڪو صرف پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورو آھي، پر پکين جي ڪنھن کي ناھي.
عالم پالاري منھنجو نوري آباد جو دوست آھي ان جڏھن جبل لوڏيندڙ ھڪ ڪمپني جو ٻڌايو ته حيران ٿي ويس. ھن چيو ته ڪاري جبل جي تباھي ۾ جيڪو ڪردار سيمينٽ فئڪٽريون ادا ڪري رھيون آھن انھن جو بدترين مثال سڄي ڪوھستان جي جابلو تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏھن به نٿو ملي. ھڪ پاسي کان لڪي ۽ دادا ڀائي سيمينٽ فئڪٽريون ته ٻئي پاسي پاور سيمينٽ ڪمپني ۽ پاپولر سيمينٽ ڪمپني نوري آباد، ھن جبل کي ظاھري ۽ لڪل طور کائي رھيون آھن. پاور سيمينٽ ڪمپني لاءِ ڄڻ ته ھي جبل ڪو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ يا سونا آنا ڏيندڙ جھرڪي ھجي! جبل کي ڪٽيو پيو وڃي، جنھن مان نڪرندڙ قيمتي پٿر سيمينٽ ٺاھڻ ۾ استعمال پيو ٿئي. ان کان علاوہ انھن سيمينٽ فئڪٽرين جي نڪرندڙ گند مان ھوائي توڙي زميني يا پاڻي جي آلودگي به ڦھلجي ٿي جنھن جي ڪري چوپائي مال جا چارا جلد ختم ٿيو وڃن. افسوس ته ڪاري جبل جي معدنيات کي پاور ۽ پاپولر سيمينٽ جي لرزندڙ ڌماڪن ۽ بمن سان ڪڍڻ اھڙو ته ڌرتي لوڏيندڙ عمل آھي جنھن سان ڀر پاسي جي پالاري برادري جي ڳوٺن ۾ ننڍڙن ٻارن کان علاوہ وڏن پوڙھن توڙي پڪن ماڻھن ۽ پکين وغيرہ جو جيئڻ جنجال ڪريو ڇڏي. ان اھڙي عمل سان ماحوليات ۾ جيڪو بگاڙ اچي رھيو آھي ان جا نتيجا نه صرف ڪوھستان، پر سڄي سنڌ ڪجھ سالن ۾ ڀوڳي سگھي ٿي جن ۾ زير زمين پاڻي جو سڪڻ، معدنيات جي ختم ٿيڻ ۽ جيوتن جي تباھي جي ڪري جاندارن ۾ توازن بگڙڻ سبب کاڌي جو نظام متاثر ٿي سگھي ٿو جيڪا سنڌ ڪوھستان کي صدين تائين سزا ملندي رھندي. ان ڪري ان قاتل ۽ بم ڌماڪا ڪندڙ سيمينٽ ڪمپني کي فورن بند ڪري ڪوھستان جي ڌرتي تي ماٺ ۽ پرسڪون ماحول پيدا ڪيو وڃي جنھن سان ھتي جي ماحولياتي نظام ۾ سڪون ۽ توازن پڻ اچي ويندو. سڄي ڪوھستان وانگر ھن جبل تي به قبضا چيف ملڪ رياض جي نظر آھي. قبضا مافيا جو وڏي ۾ وڏو نالو “بحريا ٽائون” آھي جڏھن ته ان سان گڏوگڏ مختلف ٻيا اھڙا بلڊر مافيا جيڪي تقريبن ديھ ٻٻر ٻنڌ کان وٺي سري ۽M9 موٽر وي سڄي تي قبضن، خريد ۽ وڪري ذريعي ملير کان بعد ڄامشوري ضلعي جي حدن ۾ اورانگھي آيا آھن، انھن کان به ڪاري جبل کي وڏو خطرو آھي. ريتي بجري جيڪا ڪاري جبل جي اندران يا مٿان کان ريشم جي نازڪي وانگر وھي ڪري ڍورن جي صورت ۾ وڃي سمنڊ ۾ دنگ ڪندي آھي. ان قيمتي ريتي کي ڍورن ۽ ندين مان غير قانوني طور کڻڻ سان زير زمين پاڻي جا ذخيرا سڪندا آھن جنھن جي ڪري ھتي مٺو پاڻي کوھن ۾ ناياب ٿي ويو آھي. ھاڻي پاڻي جا سوين فوٽن جي زير زمين ذخيرن کي به سڪڻ جو ڊپ آھي ان ڪري ريتي کڻڻ بند ٿيندي ته علائقي ۾ پاڻي ميسر ھوندو جيڪو ڪاري جبل کان ڳوٺن تائين وڃي ٿو. ھتي موجود جھنگلي جيوتن جي شڪار تي توڙي جو پابندي لڳل آھي، پر ان باوجود ڪجھ واٽوڙي شڪار ڪري ويندا آھن جن ڪڏھن ھڪ پکي به ھتي واڌ ويجهه ڪارڻ ناھي ڇڏيو. ھا اھي ڳوٺاڻا جن وٽ شڪار جي پرمٽ آھي ۽ جيڪي پکين جي نسلي واڌ ويجھ لاءِ قدم به کڻن ٿا، انھن کي قانون شڪار جي اجازت ڏئي ٿو، پر ھرو ڀرو جي نسل ڪشي سان جھنگلي جيوتن کي نقصان ٿيندو آھي. ان کان علاوہ جبل جي ھٿرادو ٽوڙ ڦوڙ سان جتي جبل جي ڊيموگرافي ۾ تبديلي اچي ٿي ته اتي جبل جي ايڪو سسٽم کي به نقصان پھچندو جيڪو ھڪ سنگين نوعيت جو خطرو آھي. ڪاري جبل کي قدرتي لينڊ سلائيڊنگ جيڪا وسڪاري جي موسم ۾ پاڻي جي ڪري نرم زمين ٿيڻ سان “ڀَرُ ڪِرڻ” وچان ٿيندي آھي ان سان پاسي وارن ڳوٺن کي خطرا محسوس ٿيندا آھن. اھڙي لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري حسڻ جوکيو بقول غالبن 1950ع ۾ ڳوٺ الھرکيو ۾ ڪجھ ذنب به آيا ھئا جن کي ڳوٺاڻن روڪي ورتو نه ته گھر تباھ ٿي پون ھا.
اسان ھن آرٽيڪل ذريعي وسوارن کان اھو مطالبو ٿا ڪريون ته ھو سنڌ جي ھن تاريخي مھاڳ مالماڙي ڀرسان موجود ڪاري جبل کي تمام خطرن کان پاڪ ڪرڻ جي ڏس ۾ فورن ھيٺيان قدم کڻن:
* سموري ڪاري جبل کي سنڌ جو قومي ورثو قرار ڏيندي ثقافت ۽ سياحت کاتو اتي پنھنجا عاليشان ريسٽ ھائوس ٺھرائي ۽ مقامي ماروئڙن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪري جن ۾ نوڪريون ۽ دڪانداري وغيرہ شامل ھجن.
* ڪاري جبل جي آس پاس جھنگلي جيوتن جي بچاءُ ڪارڻ انھن تي موجود گيم واچر ڊيوٽي وارن ماڻھن کي ڪجھ الائونس ڏي ته اھي پکين جي سار سنڀال به ڪن.
* پاور پاپولر سيمينٽ فئڪٽرين سميت ھر اھڙي فطرت دشمن ڪمپني کي فورن بند ڪري اتي لڳل پلانٽن ۾ مزدورن کي فورن ٻيو ڪو مزدوري جو ذريعو کولي ڏئي ۽ پاور سيمينٽ ڪمپني پاران ڪيل ڪاري جبل جي تباھي تي جلد از جلد ايڪشن کڻي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
* ڪاري جبل تي ھڪ عالمي ريسرچ ڪانفرنس سڏائي وڃي جنھن ۾ چوٽيءَ جا محقق پنھنجون تحقيقون پيش ڪن ۽ ڪوھستان مٿان ھڪ مڪمل تحقيق جي شروعات ھتان کان ڪئي وڃي.
* ڪاري جبل جي مٿان موجود تاريخي جڳھين جھڙوڪ: جھاز حادثي وارو ڪُن، ڌومڪ، گڙڪ کنڊ، ڄٻڙ، ڇپر، ٺل، بائين وارو ڪن، ننڍو ڪڇو، وڏو ڪڇو، ڪارو اصحابو، سونھارو اصحابو سميت ھر تاريخي غار، ڪن، لنگھ، اڌوڪ ۽ جڳھ تي وڏا وڏا بورڊ آويزان ڪجن جن تي نالا لکي طرف وغيرہ ٻڌايا وڃن ته جيئن گھمڻ لاءِ ايندڙن کي سولائي ٿئي.
* زولاجيڪل سروي آف پاڪستان وارن کي ھتي سروي شروع ڪرڻ کپي جنھن سان جھنگلي جيوتن جو رڪارڊ محفوظ ٿيندو ۽ ايندڙ محققن کي مواد ملندو.
* ڪارو جبل وڃڻ لاءِ ڪوبه رستو ناھي. فورن ھڪ عاليشان روڊ ٺھرايو وڃي ته جيئن عام ماڻھو ۽ سياح ھي نرالو جبل گھمي سگھن. اھڙيءَ ريت ٽوئرزم ذريعي ڪاري جبل جي محفوظ ترقي به ٿي سگھي ٿي ته لکين رپين جو روينيو به ملي سگھي ٿو.
* جبل مٿان بجلي جو بندوبست ناھي جنھن جي ڪري ھتي رات جي وقت اچڻ يا ٽئنٽ ڪئمپنگ ڪرڻ ناممڪن لڳندو آھي. مالماڙي مان فورن بجلي ڪاري جبل مٿان پھچائي جبل کي وڌيڪ خوبصورت ڪيو وڃي.
* سڀني ڳالھين بعد ھن جبل کي ھڪ نيشنل پارڪ ڊڪليئر ڪيو وڃي جتي جانورن کي رھڻ جا سڀ حق ۽ سندن “جوئون” جوڙي سگھجن.
* ھن جبل جي ارد گرد رھندڙ تمام ڳوٺن ۽ مڪانن جيڪي گذريل 500 سالن کان ھتي آباد آھن انھن کي ھتي جي حقيقي ڌرتي ڌڻي ھجڻ ڪري جلد از جلد تمام تر بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.
* جنگشاھي کان مالماڙي روڊ تباھي جي ڪري ختم ٿي چڪو آھي جنھن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، انهيءَ روڊ کي پايا تڪميل يعني نوري آباد تائين ٺاھيو وڃي.
* ڪاري جبل جي سلسلي جي سمورين ٽڪرين ۽ پھاڙن جي ٽوڙ ڦوڙ کي مڪمل بند ڪري ھتي جي ھڪ ھڪ پٿر کي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي.
ان ڪري ڪوھستان جا ساڃاھ وند دوست فورن ڪورٽ جو در ٺڪائي سمورن لاڳاپيل ڌرين مٿان قانوني ڪارروائي ڪرڻ واسطي ھڪ گڏجاڻي رکي ڪارو جبل جي بچاءُ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪن ته جيئن سنڌو ماٿري جي پنج ھزار سال پراڻي تاريخ جي ھن امين ورثي جي بھتر انداز ۾ مالڪي ڪري سگھجي.