ڪاشيءَ جي هنر تي خاص انٽرويو : امجد دائودپوٽو

همسري جي پليٽ فارم تي اسان سان گڏ آهن امجد دائودپوٽو نصرپور کان، اڄ اسان انهن جي ورڪشاپ ۾ موجود آهيون. امجد پاڻ اين سي اي جو گريجوئيٽ آهي ۽ هن نصرپور ۾ NITA جي نالي سان هڪ اداري ۽ ورڪشاپ جو بنياد وڌو آهي. جنهن ۾ هو هتان جي انڊيجينيئس آرٽ کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري ۾ فائن آرٽ جا ڪيترائي گريجوئيٽ به ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه اهي نوجوان جيڪي هن ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري پنهنجو مستقبل ان ڪم سان ڳنڍڻ چاهين ٿا اهي به هتي ڪم ڪري رهيا آهن. هن ڪم کي وري هڪ نئين جهت ڏيڻ لاءِ امجد ۽ سندس وڏو ڀاءُ غلام حيدر دائودپوٽو گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. اسان کي فخر آهي ته اهڙا نوجوان اسان جي وچ ۾ موجود آهن. اڄ اسان امجد دائودپوٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ۽ انهن کان ڪاشيءَ جي ڪم ۽ انڊيجينيئس هنرن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪنداسين.

زاهده ابڙو: امجد اسان کي اهو ٻڌايو ته ڪهڙي ڪم کي ڪاشيءَ جو ڪم چئجي ٿو ڪاشيءَ جو لفظ عام طور تي استعمال ٿئي ٿو، پر ڪهڙو ڪم مخصوص طور تي ڪاشيءَ جو ڪم سڏجي ٿو؟

امجد دائودپوٽو: بنيادي طور تي ڪاشي لفظ فارسي ٻوليءَ مان آيو آهي، جيڪو لفظ ”ڪانچ“ مان نڪتل آهي ڪانچ معنيٰ شيشو، جنهن جي معنيٰ آهي چمڪ، ڪاشي نڪتو ڪانچ مان. ڪاشيءَ جي ڪم جي هيٺان تمام نازڪ نفيس ڊزائين هوندا آهن، انهن جي مٿان چمڪ (glaze) ڏني ويندي آهي جيڪو glassy هوندو آهي جنهن کي ڪاشي سڏجي ٿو. جيڪو بنيادي طور تي هڪ ٽائل جو قسم آهي جيڪو اڄ کان هزار يا ٻارهن سئو سال پهرين ايجاد ٿيو، جنهن تي اڇي بيڪ گرائونڊ سان گڏ ننڍيون ڊزائينون، گل ٻوٽا ڏنا ويا ۽ ان ڊزائين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ  تهه (layer) ڏني ويندي هئي جيڪا ان جو گليز به آهي ۽ ان کي محفوظ به ڪري ٿي، ان کي ڪاشيءَ جو ڪم چئجي ٿو. جيڪو آهستي آهستي اسان جي سنڌي ثقافت جو خاص حصو بڻجي ويو، جنهن کي اسان پنهنجي ڪلچر جو آرڪيٽيڪچرل يا حقيقي (tangible) پارٽ چئي سگهون ٿا.

زاهده ابڙو: اهو ڪم ڪيترو پراڻو آهي، ان جو بنياد ڪهڙي ريجن يا ملڪ کان شروع ٿيو يا ان جي شروعات سنڌ کان ٿي آهي يا اهو ٻئي هنڌان سفر ڪري سنڌ ۾ پهتو آهي؟

امجد دائودپوٽو: بنيادي طور تي هي سنڌ جو ڏيهي فن آهي، پر ان کان اسان سنڌ جي ايجاد نٿا چئي سگهون، هي ڪم ايران کان شروع ٿئي ٿو. ايران جي هڪڙي شهر ڪاشان ۾ اٺين صدي عيسوي ۾ اڄ کان تقريبن ٻارهن سئو سال پهرين اتي ان ڪم جي شروعات ٿي. ان کانپوءِ جڏهن ننڍي کنڊ کي مغلن فتح ڪيو ۽ پنهنجي سلطنت قائم ڪئي ۽ ان کان ڏهه سال پوءِ هنن ايران جي سلطنت مان ڪجهه ماهر ڪاريگر هندستان گهرايا ۽ انهن کان اهو ڪم ورتو جيڪو ايران ۾ ٿيندو آهي. ڪاشيءَ جو پهريون مثال 1152ع ۾ شاهه يوسف گرديزي ملتان جو ڪم اسان کي ملي ٿو. ملتان به ان وقت ۾ سنڌ جو حصو هو، جيڪڏهن اسان موجوده سنڌ ۾ ڏسون ته مسجدِ بابري ٺٽو 1640ع ۾ ان جي ڊزائين جو جيڪڏهن اسان مطالعو ڪنداسين ته ان جا گل ٻوٽا اصلي ايراني ڊزائين ۾ ٺهيل آهن.

زاهده ابڙو: ڪاشيءَ جو ڪم پاڪستان ۾ هن وقت ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۾ ٿئي ٿو ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ٿئي ٿو. ان جو استعمال مسجدن ۽ درگاهن کانسواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي ٿو ٿئي؟

امجد دائودپوٽو: ڪاشيءَ جو ڪم پاڪستان ۾ صرف ٽن شهرن ۾ ٿئي ٿو ملتان، نصرپور ۽ هالا. اهو صرف ٽائل جي حوالي سان آئون ڳالهه ڪريان ٿو، پر جيڪڏهن ٿانون جي ڳالهه ڪريون ته اهو هينئر لاهور ۾ به ٿئي پيو. باقي ملتان، هالا ۽ نصرپور ۾ ٽائل به ٺهن ٿا ته ٿانو به ٺهن ٿا. مزارن ۽ مسجدن کان علاوه ان جو استعمال بنيادي طور تي آرڪيٽيڪچرل آرنامينٽيشن ئي آهي. جنهن ۾ بلو ٽائل جو استعمال گهڻو آهي، ان کانپوءِ جڏهن ان جو رجحان وڌيو ته برٽش دور جي آرڪيٽيڪچر ۾ مٿان هڪڙي بلو cornice هلي ٿي. هينئر اسان جديد دور ۾ ان کي پورٽ ايبل ڪيو آهي. جيئن اسان جون پينٽنگز آهن، فريم آهن، ان جو استعمال هاڻي ڪچن ۾ به ٿئي پيو، آفيسن ۾ ٿئي پيو، مزارن، مسجدن ۽ درگاهن کان هٽي ڪري ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به لڳرائين پيا. هن وقت اسان به ان ڪم کي جديد انداز ڏيئي آفيسن کي فراهم رهيا آهيون. ڪچن جي لاءِ ڪجهه شيون ٺاهيون آهن. ماڻهو ريسٽورينٽس ۾ به لڳرائين پيا. ڪاشيءَ جي ڪم کي ڪاٺ جي ڪم سان گڏي (incorporate) ٺاهيو وڃي پيو، اهو وري تڏهن ٿيندو جڏهن ان جي ڪوالٽي کي اڃان وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو.

زاهده ابڙو: اها ڪوالٽي ۾ بهتري ڪيئن ايندي، ڇا ڪوالٽي ۾ بهتري توهان يا ڪو ادارو اڪيلي سر آڻي سگهي ٿو يا ان لاءِ توهان کي حڪومتي سطح تي مدد جي ضرورت هوندي؟

امجد دائودپوٽو: ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ان ۾ ڪافي سيڪٽر ڳنڍيل آهن، جنهن ۾ تعليم جو شعبو سڀ کان پهرين آهي. ان کانپوءِ معاشيات ٿو اچي وڃي، پوءِ مارڪيٽنگ اچي ٿي وڃي. اهي سڀئي جڏهن پاڻ ۾ ڳنڍجندا ته اسان سڀني جي ڪوششن سان گڏجي شين جي ڪوالٽي ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. پهرين ڳالهه اها آهي ته توهان جي ان سبجيڪٽ جي باري ۾ ڄاڻ ڪيتري آهي ته جيئن ان کي توهان بهتر بڻائي سگهو ته جيئن ماڻهو ان جو استعمال پنهنجن گهرن ۾ ڪرڻ پسند ڪن. جيڪڏهن اسان ان جي ڪوالٽي کي بهتر نه ڪنداسين ته ماڻهو ان شيءِ جو استعمال ڇو ڪندا. پوءِ يقينن ماڻهو اهي شيون استعمال ڪندا جيڪي ٻاهرين ملڪن جون هونديون. جيستائين ادارن جي پٺڀرائي لاءِ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندي تيستائين انهن شين ۾ نه بهتري اچي سگهي ٿي، نه خوبصورتي اچي سگهي ٿي، نه انهن جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو. اسان پنهنجي ڄاڻ ۽ تعليم جي بنياد تي انهن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شين جي ڪوالٽي توهان جي اڳيان آهي، ٻي ڳالهه اها آهي ته جيستائين اسان انهن شين کي ڪمرشلائيز نه ڪنداسين جيستائين ان جي مارڪيٽ نه وڌندي تيستائين ان ڪم جي معيار ۾ بهتري نٿي اچي سگهي.

زاهده ابڙو: ان جو مطلب اهو آهي ته اڃان تائين اهو ڪم ڪمرشلائيز نه ٿيو آهي.

امجد دائودپوٽو: نه مڪمل طور تي ڪمرشلائيز نه ٿيو آهي. اڃان تائين هي آرٽ ۽ ڪرافٽ جي بنياد تي ٿي رهيو آهي. هي ڪم بنيادي طور تي رهندو به آرٽ ۽ ڪرافٽ. جڏهن اسان هن کي مشينن تي ٺاهڻ شروع ڪنداسين ته پوءِ هن جي اها حيثيت نه رهندي. جيئن مشين ۾ ٽائل ٺهندا آهن ته انهن جي اها اهميت نه هوندي آهي، اهي فيڪٽري ۾ هزارن جي حساب ۾ ٺهن ٿا. هي هڪ هنر آهي هٿ جو ڪم آهي، هن جي پنهنجي هڪ اهميت آهي. جنهن کي ختم ناهي ڪرڻو بلڪه ان کي مدد ڏيئي مٿي کڻي اچڻو آهي.

زاهده ابڙو: ڇا هٿ جي ٺهيل ٽائل ۽ مشين جي ٺهيل ٽائل جي خوبصورتي ۽ ان جي پختگيءَ ۽ ان جي معيار ۾ ڪو فرق هوندو آهي؟ يا ان جي قيمت ۾ ڪو فرق هوندو آهي جو ماڻهو مشين جو ٺهيل ٽائل استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.

امجد دائودپوٽو: ان جا ٻه ٽي سبب آهن، پر ان جا ٻه بنيادي سبب آهن هڪڙو وقت ٻيو قيمت. هٿ جي ڪم جي قيمت وڌيڪ هوندي آهي. ڇو ته ان ۾ وقت وڌيڪ ٿو لڳي. مثال طور: توهان گهر ٿا ٺاهڻ چاهيو ۽ ان جي هزار اسڪوائر فوٽن جي فلورنگ ٽائل ۾ ٿا ڪرڻ چاهيو جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪاشيگر جي آسري ۾ ويهي رهندا ته اهو ڪافي وقت وٺندو، پر توهان مشين جو ٺهيل ٽائل مارڪيٽ مان وڃي خريد ڪري اچي سگهو ٿا. مشين تي ٺهيل ٽائل جي پيداوار پنج کان ڇهه هزار ميٽر هڪ ڏينهن جي حساب سان ٿئي ٿي. جيڪا اسان شايد هڪ سال ۾ به پوري نٿا ڪري سگهون. ان کان علاوه وري قيمت جو به فرق اچي ٿو. مشين تي ٺهيل ٽائل هٿ جي ٽائل کان سستو ٿئي ٿو، اسان جا خرچ وڌيڪ آهن ۽ ذيان به وڌيڪ ٿئي ٿو. ان جي مقابلي ۾ مشين تي ٺهيل ٽائل جو ذيان گهٽ آهي ۽ سستو ٺهي ٿو. ان لاءِ جيڪي شيون وڏي پئماني تي استعمال ٿين ٿيون اهي گهڻو ڪري فيڪٽري ۾ ٺهن ٿيون. اسان جون ٺهيل شيون آرٽسٽڪ ايڪسپريشن جي طور تي استعمال ٿين ٿيون. ماڻهو گهر جي ڪنهن مخصوص جاءِ لاءِ استعمال ڪن ٿا.

زاهده ابڙو: جيڪڏهن اسين چاهيون ته هن ڪم جو واهپو وڌي ته ان لاءِ اسان کي اوترا ئي ڪاريگر ۽ آئوٽ ليٽ گهرجن ۽ جڏهن ان جي وڌيڪ پيداوار ٿيندي ته ڇا ان جو واهپو وڌي سگهي ٿو؟

امجد دائودپوٽو: نه ايئن ناهي، هن ڪم جي هڪڙي تاريخ آهي. جڏهن ڪا شيءِ هسٽري سان وڃي ملي ٿي ته پوءِ ان کي توهان مارڪيٽ جي شيءِ نٿا چئي سگهو. جيئن پينٽنگز آهن اهي مارڪيٽ ۾ توهان کي نه ملنديون. هي ڪم به بلڪل ايئن ئي آهي، آرٽ ورڪ آهي ۽ آرٽ ورڪ ڪڏهن به مارڪيٽ جو حصو ناهي ٿيندو. اسان جو گهڻو ڪري ڪم ڪسٽمائيزڊ هوندو آهي. اسان ڪسٽمر جي فرمائش تي يا ان جي پنهنجي گهرج جي مطابق ٺاهيندا آهيون. مارڪيٽ جي لاءِ ٺاهينداسين ته شايد ڪو ڪلائينٽ ان شيءِ کي خريد ڪري ڪو نه ڪري. هن ڪم جو مارڪيٽ سان ته تعلق ئي ڪونهي. جيئن اسان جي سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”توهان کي هن ڪم جي سمجهه ڪونهي.“ اصل ۾ هي انهيءَ طرز جو ڪم آهي، جيئن ڪنهن ماڻهو کي شوق هوندو ته پنهنجي گهر ۾ ڪو اهڙو يونيڪ پيس لڳائي ڇڏي. ماڻهو اڪثر سفر ڪري اها شيءِ وڃي اتان وٺي ايندا آهن جيئن اسان کي خبر آهي ته ملتان ۾ ڪاشيءَ جا ٿانو سٺا ٺهن ٿا. جيئن چنيوٽ جو فرنيچر مشهور آهي، شڪارپور جو فرنيچر مشهور آهي، نصرپور جو ٽائل مشهور آهي، هالا ۾ جنڊيءَ جو فرنيچر ملي ٿو. هاڻي جيڪڏهن هالا جي جنڊيءَ جو فرنيچر سڄي سنڌ ۾ ٺهڻ لڳندو ته هالا پنهنجي اها اهميت وڃائي ويهندو. ان جو مطلب اهو به ناهي ته هالا وارا ان تي قابض ٿي وڃن ۽ صرف انهن جو ئي حق آهي. اتي گورنمينٽ کي کپي ته انهن ڪاريگرن کي سپورٽ ڪري، انهن جا ٽريننگ پروگرام هلايا وڃن ته جيئن وڌ ۾ وڌ ڪاريگر پيدا ٿين ۽ ڪم جي اهميت اها ئي رهي ۽ ان جي پيداوار وڌي وڃي.

زاهده ابڙو: جيڪو ڪم هالا، نصرپور، ملتان ۾ ٿي رهيو آهي اهو ايران، ترڪي، آذربائيجان، ترڪمانستان ۽ سينٽرل ايشيا جي ڪم کان ڪيئن مختلف آهي؟

امجد دائودپوٽو: بنيادي طور تي مٽي هر ڏهن ڪلو ميٽرن کانپوءِ تبديل ٿي وڃي ٿي. اسان وٽ چار سئو سال پهرين نصرپور کان سنڌو درياهه گذرندو هو. تنهنڪري نصرپور ۾ قدرتي چيڪي مٽيءَ جا deposit موجود آهن ان ڪري هتي ڪچو مال موجود آهي ۽ اهو فن هتي هلندو رهيو. انهيءَ طرح ايران، ترڪي، آذربائيجان، ترڪمانستان، سينٽرل ايشيا جو ڪم لڳ ڀڳ ساڳيو آهي، باقي وڪيبلري جنهن کي ڊزائين چئبو آهي اهي هر ڪنهن جا پنهنجا آهن، جنهن جا به ٽي پاسا ساڳيا آهن. جنهن ۾ ٽي بنيادي اسلامي ڊزائين آهن. هڪڙو ڪيليگرافي، ٻيو فلورل جنهن کي ازنڪ به چيو وڃي ٿو، ٽيون پاسو آهي جاميٽري، اهي بنيادي پاسا ساڳيا آهن. چاهي ملتان هجي، سنڌ هجي، ايران هجي، ترڪي هجي سڀ انهن ٽنهي بنيادي پاسن کي فالو ٿا ڪن. اسان وٽ جيڪو بلو ٽائل آهي جنهن کي بلو ڪاشي چئجي ٿو، ان جو به سورس ڪاپر آڪيسائيڊ ساڳيو آهي. ملتان وٽ به ساڳيو آهي اسان وٽ به ساڳيو آهي ته سينٽرل ايشيا وٽ به ساڳيو آهي. هاڻي جيڪي ملڪ جيترو اڳتي نڪري ويا آهن انهن پنهنجي آرٽ کي به اوترو اڳتي وڌايو آهي. بدقسمتي سان اسان اڳيان نه وڌي سگهيا آهيون ان ڪري اسان جا فن به هيٺين سطح تي بيٺل نظر اچن ٿا. ايران ۽ ترڪي ان ڪم کي بين الاقوامي سطح تي ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن. جنهن کي ”ازمي موٽف“ چئجي ٿو، انهن تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. اسان وٽ اسان جي هنرن جي باري ۾ ڪتاب ئي لکيل ڪونه آهن، لٽريچر آهي ئي ڪونه، جڏهن آئون ٿيسس ڪري رهيو هئس ته مون پنهنجي هڪڙي استاد کان جيڪا اسان کي ڪلچرل هسٽري پڙهائيندي هئي، سوال ڪيو آئون اسلامڪ آرٽ تي تحقيق ٿو ڪرڻ چاهيان. پاڪستان جي ڪجهه ليکڪن جا ڪتاب تجويز ڪريو. جنهن تي هن جواب ڏنو ته توهان پاڻ ڪتاب لکو ۽ پاڻ ئي پڙهو. ڇو ته اسان وٽ ان موضوع تي لٽريچر آهي ئي ڪونه. توهان کي پاڻ ئي ڳولڻو پوندو. جيڪڏهن اسان ايراني ٽائل تي لٽريچر ڳولينداسين ته انهن جون توهان کي ڪيتريون ئي ويبسائيٽون ملنديون. توهان ٽرڪش يونيڪ ٽائل لکو ان تي توهان کي ڪيترائي ڪتاب ملي ويندا. سينٽرل ايشيا جو ڪم ڏسو. لنڊن ميوزيم ۾ انهن ملڪن جا پورا پورا ڀاڱا ٺهيل آهن، جنهن ۾ ترڪي، ايران، سينٽرل ايشيا شامل آهن. بدقسمتيءَ سان اسان جو اتي ڪوبه حصو ڪونهي.

زاهده ابڙو: جيڪڏهن توهان جي اين سي اي جي ٽيچر توهان کي اهو ٿي چوي ته پاڻ ڪتاب لکو ۽ پاڻ پڙهو ته ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي ڇو جو ڪيترائي بيچز توهان کان پهرين اتان نڪتا هوندا، انهن ان سبجيڪٽ کي پڙهيو هوندو، پڙهايو هوندو ۽ انهن ان جي باري ۾ ڪي ڪتاب نه لکيا آهن ته ان جو ڏوهه صرف اسان حڪومت کي ته نٿا ڏيئي سگهون اسين سڀن ڏوهاري آهيون.

امجد دائودپوٽو: گورنمينٽ جو پنهنجو هڪڙو ڪردار هوندو آهي، حڪومت جيڪڏهن هنرمندن کي سپورٽ ڪري ۽ وري هنرمندن جو به ڏوهه آهي ته جتي انهن کي حڪومت پٺڀرائي ڪئي آهي ته انهن وري اهو نتيجو نه ڏنو آهي. بنيادي طور تي هن قسم جا هنر هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندا رهندا آهن. آئون چاهيندس ته منهنجو پٽ هي ڪم سکي، آئون ڪونه چاهيندس ته هي ڪم ليفٽ رائيٽ ٻئي ڪنهن وٽ وڃي. سڌيءَ طرح اهو هنر منهنجي خاندان ۾ رهي. ان سوچ جو هن هنر تي تمام گهڻو منفي اثر پيو آهي. جڏهن اهو ڪم اسان جي خاندان مان نڪري ٻاهر ٻئي ڪنهن خاندان ۾ ويندو اهو ماڻهو ان ۾ نواڻ آڻيندو ۽ ايئن ڪم اڳتي وڌندو.

زاهده ابڙو: ڇا توهان هن ڪم کي اڳتي ٻئي ڪنهن خاندان ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پيا؟

امجد دائودپوٽو: جي بلڪل، هتي اسان وٽ نوجوان ڪاريگر جيڪي گهڻو ڪري سڀ تعليم يافته آهن انهن کي اسان مڪمل آزادي ڏني آهي ته جيئن اهي نوان تجربا ڪري سگهن، اسان انهن کي آزادي ڏني آهي ته جيڪڏهن انهن کي ڪا نئين سوچ اچي ٿي ته ان تي اهي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهي جدت ڏيکارين ته اسان هميشه انهن کي ڀليڪار ڪنداسين.

زاهده ابڙو: NITA جا ڪهڙا مقصد آهن ۽ هينئر جيڪي نوجوان توهان وٽ ڪم ڪري رهيا آهن اهي ڊپلومه ڪورس ڪري رهيا آهن يا انهن کي ڪا ڊگري ملندي؟

امجد دائودپوٽو: NITA جو مطلب آهي نيشنل انڊيجينيئس اينڊ ٽريڊشنل آرٽ. اسان اهو سوچيو ته نالو اهڙو رکون جنهن ۾ ٿوري نواڻ هجي، جنهن کي اڳتي هلي اسان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽريڊيشنل آرٽس ۾ تبديل ڪنداسين. بنيادي طور تي 2013ع جنوري ۾ جڏهن اسان NITA جو بنياد رکيو ته اسان وٽ ٽيم ۾ هنرمند ماڻهو موجود ڪونه هئا. آئون ان وقت اين سي اي ۾ پڙهي رهيو هئس، منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ منهنجو ٻيو هڪڙو ڀاءُ آهي جن کي ڪم جي خبر هئي. ٻيا ڪجهه هتي ڪارخانا آهن جيڪي ڪم ڪن پيا. ڀاءُ حيدر ۽ عمران علي ۽ ٽيون آئون هوندو هئس جڏهن موڪلن ۾ هتي ايندو هئس ته اسان گڏجي ڪم ڪندا هئاسين، اسان محسوس ڪيو ته هتي اهڙن هنرمندن جي کوٽ آهي، جن کي ڪم جي حقيقت ۾ خبر هجي. پوءِ اسان ننڍا ننڍا ڇوڪرا جيڪي اسڪول مان فارغ ٿي نڪتا هئا ٽين ايجر هئا انهن کي پنهنجي کيسي مان پيڊ انٽرنشپ ڏنيون ته جيئن شام جو انهن کي ڪجهه پئسا ملي پون ۽ انهن کي اسان تربيت ڏيڻ شروع ڪئي اسان ان طريقي سان سئو کان وڌيڪ نوجوانن کي هنري سکيا ڏني، جنهن ۾ اسان ڪنهن کان به ڪا مدد نه ورتي. ڪجهه اسان پروجيڪٽ ڪندا هئاسين ته ڪجهه وري ڀاءُ جي پگهار مان خرچ ڪڍندا هئاسين. اسان هتي باقائدي جيئن ٽريننگ پروگرام هجڻ گهرجن ان طريقي سان نه پيا ڏيون، پر جيڪي متعلقه ماڻهو آهن ۽ مخصوص ڪم ڪرڻ چاهين ٿا جن ۾ سکڻ جي صلاحيت ۽ شوق موجود آهي انهن کي اسان ڪم سيکاريون ٿا. اسان جي ڪنهن به يونيورسٽي سان ڪوبه ڳانڍاپو ڪونهي.

زاهده ابڙو: ڇا هي توهان جو خانداني ڪم آهي؟

امجد دائودپوٽو: ها چئي سگهجي ٿو، پر اسان استاد گهراڻي مان ناهيون. استاد گهراڻو ٻيو آهي جيڪو ڪاشيگر سڏجي ٿو. اسان جو هي ٻيو نسل آهي جيڪو هي ڪم ڪري رهيو آهي. منهنجا ڀائيٽا ڀاڻيجا هن وقت سڀ هي ڪم ڪري رهيا آهن.

زاهده ابڙو: هيستائين توهان وٽ ڪيترا اهڙا ماڻهو ڪم ڪري نڪتا آهن يا ڪري رهيا آهن جن جي لاءِ توهان چئي سگهو ته هاڻي اهي مڪمل طور تي ڪم سکي چڪا آهن ۽ اڪيلي سر ڪم ڪرڻ جي قابل آهن.

امجد دائودپوٽو: اسان وٽ ويهه کان ٽيهه اهڙا سٺا آرٽيسن ڪم سکي چڪا آهن، جن مان ڪجهه کي ته سرڪاري نوڪريون مليو ويون، ڪجهه اسان سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه دل ڀرجي وڃڻ جي ڪري اڌ مان ڇڏي هليا ويا. هن وقت اسان وٽ ٻارهن کان تيرهن سٺا آرٽيسن موجود آهن. پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪو لکائي ۾ سٺو آهي، ڪو ڪچي ڪم ۾ سٺو آهي، ڪو فائرنگ جو سٺو آهي ته ڪو گيلزنگ جو سٺو آهي. تقريبن پندرهن سورهن جي ٽيم هن وقت ڪم ڪري رهي آهي.

زاهده ابڙو: اسان کي هڪ ٽيم ليڊر طور ٻڌايو ته ڪاشيءَ جي ڪم جو مستقبل ڪيترو روشن آهي ۽ ان کي ڪيترو اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو ۽ دنيا ۾ ڦهلائي سگهجي ٿو، ان ۾ توهان ڪهڙيون نيون ايجادات ۽ تجربا ڪري سگهو ٿا؟

امجد دائودپوٽو: جيستائين exposure جي ڳالهه ڪجي ته اهو هر فيلڊ جو پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، هاڻي ان ماڻهو تي منحصر آهي ته اهو ان کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري ۽ پيش ڪري. توهان ان کي ٺاهيو ڪيئن ٿا، ان جي مارڪيٽنگ ڪيئن ٿا ڪريو. اهي ڪجهه بنيادي نقطا آهن جيڪڏهن انهن کي حل ڪري ٿا وٺون ته اسان جو مستقبل يقينن روشن آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجن آرٽيسن کي ان طرح تربيت ڏيئي ۽ انهن کان اهڙي طريقي سان ڪم وٺي وياسين ۽ معيار تي سودو نٿا ڪريون ته پوءِ اسان جي مارڪيٽ به سٺي ٿيندي، پر جيڪڏهن اسان جي ٺهيل شيءِ ۾ ئي جان ڪونه هوندي. جيئن هي منهنجي هٿ ۾ ننڍڙو آبجيڪٽ آهي ان جو تجربو اسان ٻين ڪيترن ئي آبجيڪٽس تي ڪيو آهي جو هاڻي اسان اهڙا آبجيڪٽ ٻاهر موڪلي سگهون ٿا. هي باقائده سرٽيفائيڊ آهن ۽ ٻاهر موڪلي سگهجن ٿا. باقي ته ڪاشي ٻئي هنڌ به ٺهي ٿي، ان جي ٿولهه ۽ گليز جيڪڏهن اسٽينڊرڊ جي مطابق نه هوندا ته انهن جي مارڪيٽ نه ٺهي سگهندي، اسان انهن تي ڪافي ڪم ڪيو آهي. اسان وري انهن جا ٽيسٽ به ڪندا آهيون ۽ رنگ به اهي هلايون پيا جيڪي مارڪيٽ ۾ ماڻهن کي پسند اچن. گهڻو ڪري ته اسان وٽ بلو ڪلر استعمال ٿئي ٿو جيڪو اسان جي سڃاڻپ آهي.

زاهده ابڙو: ڇا توهان پرڏيهه موڪلڻ واري معيار تي به ڪم ڪريو پيا، پر اڃان تائين توهان پنهنجو ڪم ٻاهر نه موڪلي سگهيا آهيو ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

امجد دائودپوٽو: اسان کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ ڪجهه قانونن جي پابندي ڪرڻي پوندي. جيئن اسان وٽ پرڏيهه موڪلڻ لاءِ لائسنس هجڻ گهرجي، ان کان علاوه اسان جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن اسان ڪنهن سان ڪو معاهدو ڪريون ٿا ته اهو تمام اهم هجي ٿو، جيڪا تاريخ اسان ڏيون پيا ان تي جيڪڏهن ڪم نٿا ڏيون ته پوءِ اسان جي ساک تي اثر پوندو. ان کان علاوه معيار سڀ کان وڏو مسئلو آهي. اسان ايل پي جي تي فائرنگ ته ڪريون پيا رزلٽ به تمام سٺا پيا اچن، پر ڪڏهن ڪڏهن نتيجا گهربل نه ايندا آهن. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن رفتار سان اسان کي مصنوعات تيار ڪرڻ گهرجن ان رفتار کي اڃان پهچي نه سگهيا آهيون. اسان تمام گهٽ مقدار ۾ شيون پرڏيهه اماڻيون ٿا. جيئن ڪو مڊل مين جي طور تي اسان کان ڪا شيءِ کڻي ويو ۽ اهو وري ٻاهر کڻي وڃي وڪڻي ٿو. هينئر تازو ئي اسان هڪڙو پروجيڪٽ ڪيو آهي، ان ۾ اسان ٽائل ٺاهي ٻاهر موڪليو آهي.

زاهده ابڙو: ڪاشيءَ جي ٽائل ۾ توهان ڪهڙي مٽي استعمال ڪريو ٿا ڇا اها ساڳي مٽي هوندي آهي جنهن سان ٺڪر جا ٿانو ٺهندا آهن ۽ رنگ ڪهڙا استعمال ڪريو ٿا جنهن سان ٽائل جي زندگي وڌي وڃي؟

امجد دائودپوٽو: نصرپور مان سنڌو درياهه وهندو هو ان ڪري ان جي مٽيءَ جا ذخيرا هتي تمام گهڻا موجود آهن، ان ڪري هتي اهو هنر اڃان به زنده آهي. مٽي اها ساڳي آهي جنهن مان ٺڪر جا ٿانو ٺهن ٿا ۽ ڪاشيءَ جا ٿانو به ٺهن ٿا، پر ٻنهي جو پروسيس ڌار ڌار آهي، انهن جي فائرنگ الڳ آهي. اها ئي ساڳي مٽي آهي جنهن مان ٺهيل ٿانو يا ٽائل جو هڪ حصو ڳاڙهو نظر ايندو آهي ۽ ٻيو ٿانو يا شيءِ چائنا ڪلي مان ٺهي ٿي جيڪا اڇو هوندي آهي. سڄي دنيا ۾ گهڻو ڪري ڪم چائنا ڪلي ۾ ٿئي پيو، جنهن کي ڪلي باڊي چئبو آهي ۽ ڳاڙهي مٽي نيچرل باڊي آهي جنهن کي کڻي اسان پچائي شيءِ ٺاهيندا آهيون ۽ اڇي مٽي جنهن کي چائنا ڪلي چئجي ٿو اها مين ميڊ آهي. جيڪڏهن اسان old masters جو ڪم ڏسنداسين ته اهو اڄ به زنده آهي. جيئن مثال وٺجي شاهجهان مسجد جو اهو ڪم اڄ به زنده آهي. مسجد دادگير آهي، ملتان جون ڪجهه عمارتون آهن، خدا آباد مسجد دادو آهي. ان کان علاوه سنڌ ۾ ڪافي مزارون آهن جيڪي ٻه سئو سالن کان وڌيڪ پراڻيون آهن ۽ اڄ به صحيح حالت ۾ موجود آهن.

ان کان علاوه سنڌ سان ڪجهه ٻيا مسئلا به لاڳاپيل آهن جنهن ۾ جنگلات جي ڪٽائي شامل آهي، جنهن جي ڪري seepage تمام گهڻو وڌيو آهي. جيئن جيئن سي پيج وڌي پيو ان جو اثر آرڪيٽيڪچر تي به پوي پيو. ان سان گڏ ڪاشيءَ جو ڪم جيڪو خوبصورتي لاءِ ٿيل آهي ان تي به اثر پوي پيو. جيڪڏهن اهو ٽائل کي کائي ويندو ته رنگ به ڪونه بچندا. اسان جا ڪجهه علائقا جيئن لاڙ سنڌ جي ڳالهه ڪجي اهڙا به آهن جتي تمام گهڻي سي پيج آهي. اتي تمام گهڻا اثر پون ٿا. اسان انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکندي مٽيءَ کي وڌيڪ نفاست سان تيار ڪريون ٿا، مطلب اهو آهي ته ان ۾ جيڪا گدلاڻ موجود هوندي آهي ان کي ڌار ڪندا آهيون، پاڻيءَ ۾ گهڻن ڏينهن تائين مٽي پسائي رکندا آهيون ۽ پوءِ ان کي اس ۾ سڪڻ لاءِ ڇڏيندا آهيون ته جيئن ان ۾ اندر جيڪي لوڻياٺ آهن اهي ان مان ڌار ٿي وڃن. پوءِ اسان ان کي 7 هزار 50 سينٽي گريڊ جي حرارت تي پچائيندا آهيون، ان کان وڌيڪ حرارت ڏينداسين ته ان شيءِ جي شڪل صورت خراب ٿي ويندي. ان حرارت تي ان جا زراعت پاڻ ۾ ڳنڍجي مضبوط ٿي ويندا آهن. پوءِ ان ۾ سي پيج جو خدشو گهٽجي وڃي ٿو. ان جي برعڪس جيڪا چائنا ڪلي آهي ان کي جيڪڏهن اسان استعمال ڪنداسين ته ان جي قيمت وڌي ويندي جيڪو زمين ۽ آسمان جو فرق آهي ۽ جنهن حرارت تي ان کي تيار ڪيو ٿو وڃي ان ۾ به تمام وڏو فرق آهي. چائنا ڪلي کي 1200 سينٽي گريڊ ڊگري تي فائر ڪيو ٿو وڃي ۽ ڳاڙهي مٽي 1050 سينٽي گريڊ تي فائر ٿئي ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ 150 ڊگري جو فرق آهي ۽ جيڪڏهن اسان 150 ڊگري کي ڀيٽينداسين ته اسان جي قيمت تمام گهڻي وڌي ويندي. تنهنڪري ٽائل کي ان حرارت تي فائر ڪرڻ جو سوچي ئي نٿو سگهجي. اسان وائٽ ڪلي ۾ ٽائل دبئي جي لاءِ ٺاهي هئي جنهن جي ڪاسٽ اسان کي ملي ۽ اسان اها تيار ڪئي. رنگ گهڻو ڪري آڪسائيڊس هوندا آهن جنهن جو ذريعو پٿر ۽ ڌاتو هوندا آهن. جيئن توهان هي فيروزي رنگ ڏسي رهيا آهيو اهو ڪاپر آڪسائيڊ آهي، بلو رنگ ڪوبالٽ آڪسائيڊ آهي.

زاهده ابڙو: ڇا هي اهي رنگ آهن جيڪي زيورن ۾ مينا ڪاريءَ ۾ استعمال ٿين ٿا؟

امجد دائودپوٽو: نه انهن ۾ فرق آهي، هي اهي مٽيريل آهن جن کي اسان باهه ۾ پچائي سگهون ٿا ۽ مينا ڪاري ۾ جيڪو مٽيريل استعمال ٿئي ٿو، چوڙيءَ ۾ به سرامڪس استعمال ٿيندي آهي ڇو ته اهو شيشو آهي. چوڙي ۽ سرامڪس جا رنگ ساڳيا هوندا آهن، اتي به ڪاپر آڪيسائيڊ، ڪروميم آڪسائيڊ، ڪوبالٽ آڪسائيڊ استعمال ٿين ٿا، پر مينا ڪاري ۾ جيڪي رنگ استعمال ٿيندا آهن اهي گهڻو ڪري آرگينڪ ڪلر هوندا آهن.

زاهده ابڙو: جيڪڏهن اسان هن آرٽ کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته سنڌ ۽ ان جي آرٽيسن کي ڪيترو فائدو رسي سگهي ٿو؟

امجد دائودپوٽو: تمام گهڻو فائدو ٿيندو معاشي طور تي ڪم جي حساب سان انهن کي سٺا اگهه ملندا ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن انهن ڪاريگرن کي سبجيڪٽ جي ڄاڻ هوندي. مٽيريل جي اسٽڊي ٿيل هوندن ۽ انهن کي اها خبر هوندي ته بين الاقوامي طور تي ڪهڙو ڪم ڪهڙي طرح ٺاهي موڪلڻو آهي ۽ ان جون گهرجون ڪهڙيون آهن. بين الاقوامي طور تي توهان ڪابه اهڙي شيءِ نٿا وڪڻي سگهو جنهن جو وزن تمام گهڻو آهي، جنهن ۾ چمڪ نه هجي، جنهن ۾ پائيداري نه هجي.

زاهده ابڙو: ملتان ۾ ڪاشيءَ جي هڪ دڪان تي وڃڻ ٿيو جتي گهر جي استعمال جون ڪافي شيون هيون جنهن ۾ مڪمل ڊنرسيٽ ۽ ٻيون شيون شامل هيون ۽ ان دڪان کي گورنمينٽ آف پنجاب هلائي رهي آهي ۽ اتان جي آرٽيسنز کي سپورٽ ڪري رهي آهي. ڇا توهان اهڙو ڪو آن لائين وينچر شروع ڪونه ڪيو آهي؟

امجد دائودپوٽو: اسان جا ڪجهه پارٽنر ۽ ڊيلر آهن جيڪي اسان کان ڪجهه شيون وٺي آن لائين سيل ڪن ٿا، پر اسان اڃان پاڻ سيل ناهيون ڪندا. اسان جي اڃان اها پيداواري صلاحيت نه آهي جو اسان مڪمل ڊنرسيٽ ٺاهي سگهون، پر اسان وٽ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن کي گڏي توهان هڪڙو سيٽ ٺاهي سگهو ٿا. پنجاب حڪومت پنهنجن آرٽيسن کي چڱي سپورٽ ڪري ٿي. انهن وٽ لائٽ جو مسئلو ڪونهي، اسان وٽ هتي لائٽ جو مسئلو تمام گهڻو آهي. سورهن سورهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي ٿئي، اسان جو گرائنڊنگ پراسيس رڪجي ٿو وڃي. گورنمينٽ جو ڪوبه اهڙو پئڪيج ناهي جنهن سان آرٽيسنز کي ٽريننگ ڏيئي سگهجي يا جيڪڏهن اسان جو ڪو نقصان ٿئي ته اهو ڀرائي سگهجي. توهان کي اڳتي وڃڻ لاءِ نوان نوان تجربا ڪرڻا پوندا ته جيئن ڪم ۾ وڌيڪ نفاست اچي سگهي.

زاهده ابڙو: ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي اداري جي طرف کان سنڌ حڪومت کي سپورٽ جي لاءِ ڪا درخواست ڪئي آهي ته جيئن توهان جي ساهتا ٿي سگهي؟

امجد دائودپوٽو: توهان تصويرن ۾ ڏسي سگهو ٿا ته هتان ڪمشنر حيدرآباد به وزٽ ڪري ويو آهي. ٻيا به ڪيترائي آفيسر هتان وزٽ ڪري ويا آهن ۽ وزٽ ڪندا رهندا آهن. حالانڪه اسان جو ڪم توهان جي اڳيان آهي. ممڪن آهي ته اسان ۾ ڪا ڪمي هجي ۽ اسان ڪجهه گهرجون پوريون نه ڪري سگهندا هجون. توهان ڏسي سگهو ٿا ته اسان ڪيتري سچائي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، هتان جا ئي آهيون ۽ پڙهيل لکيل آهيون، هتان جي انڊيجينيئس آرٽ کي جيارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان کي هٿي وٺرائي ته يقينن هي هڪڙو سٺو انسٽيٽيوٽ ٺهي پوندو. اسان وٽ سٺيون سٺيون يونيورسٽيون پنهنجا شاگرد وٺي اينديون آهن ۽ آئون انهن شاگردن کي انهن جي ٿيسس لکڻ ۾ مدد ڪندو آهيان، مون سان انهن جو ٽيليفون تي رابطو به هوندو آهي. مون کان جيتري به رهنمائي وٺندا آهن انهن کي فراهم ڪندو آهيان. شهيد الهه بخش يونيورسٽي جي آئون ٻه ٽي دفعا kiln به وزٽ ڪري آيس جيڪا اڃان تائين به ان معيار تائين ڪم نه پئي ڪري. ڏيڻ وارا ته آهن، پر ڪو وٺڻ وارو هجي. اسان وٽ معلومات آهي ۽ اسان اها جيڪو اسان کان گهري ٿو ان کي فراهم ڪريون ٿا.

زاهده ابڙو: سامهون جيڪا تصوير لڳل آهي ان ۾ مون کي ڪجهه دلچسپ شيون نظر اچي رهيون آهن. ان ۾ پرنس چارلس جي تصوير نظر اچي رهي آهي، ان سان گڏ لڳي ٿو ته توهان جو ڀاءُ به ويٺل آهي. ان تصوير جي باري ۾ اسان کي ٿورو ٻڌايو؟

امجد دائودپوٽو: ها توهان جو اهو سوال ڏاڍو دلچسپ آهي، هي منهنجو وڏو ڀاءُ آهي غلام حيدر دائودپوٽو جيڪو NITA جو بنياد وجهندڙ به آهي ته ان جو چيئرمين به آهي. اسان جو سڀ ڪجهه آهي. مون کي هن فيلڊ ۾ آڻڻ وارو به آهي. منهنجو ڀاءُ منهنجي پيءُ وانگر آهي. هو Jervood Prize 2010 PSTA لنڊن پرنسز فائونڊيشن اسڪول آف آرٽ مان حاصل ڪيو. هن جو مطلب آهي اسٽوڊنٽ آف دي ايئر جو ايوارڊ، جيڪو ان سال ڀاءُ کٽيو هو. ڀاءُ پهريون پاڪستاني آهي جنهن کي اهو ايوارڊ مليو آهي. هي يونيورسٽي آف ويلز جو ادارو آهي. پرنس چارلس هن اداري کي چيئر ڪندو آهي ۽ تصوير ۾ جيڪا توهان کي عورت ٽائل جي ڀرسان نظر اچي پئي اهو ٽائل NITA جو ٺهيل آهي. اهو ان ساڳي مٽيءَ مان ٺهيل آهي ۽ ان ساڳي ٽيڪنيڪ سان ٺهيل آهي. 2018ع ۾ پرنس چارلس جي 70 هين سالگره ٿي هئي، ان موقعي تي پرنس چارلس خود دنيا مان سئو آرٽيسن چونڊيا انهن مان NITA نصرپور به هڪ هو. اسان ٽائل هتان موڪليا جيڪي هنن اتي پاڻ هٿ سان جوڙيا ان جو سڄو ڊزائين اسان انهن کي موڪليو. ڀاءُ کي دعوت ملي ڀاءُ به ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن وقت ڀاءُ PFSTA پرنسز فائونڊيشن اسڪول آف ٽريڊيشنل آرٽ جو Alumnae به آهي ۽ يونيورسٽي آف ويلز لنڊن جو پروفيسر آهي. ڪووڊ کان پهرين ڀاءُ اتي وڃي ڪلاس وٺندو هو. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن جا ليڪچر ٿيندا آهن. هن وقت ڪراچي ۾ به هڪڙو پروگرام هلي رهيو آهي. جنهن کي ڀاءُ هيڊ پيو ڪري، ان پروگرام جو ڊائريڪٽر آهي. ڀاءُ هن اداري جو مستقل فيڪلٽي ميمبر آهي. منهنجي ڀاءُ جي ڊبل ماسٽرز ڪيل آهي، پهرين ماسٽرز 2006ع ۾ اين سي اي مان ڪئي. اين سي اي وارن جي ئي پروگرام تحت هو وري لنڊن پڙهڻ ويو ته ڀاءُ پنهنجي ٿيسز مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان پروگرام لاءِ چونڊيو ويو. 2008ع ۾ هن پنهنجي فيلوشپ مڪمل ڪئي ۽ ان دوران هن ماسٽرز ۾ به اتي داخلا وٺي ڇڏي، جيڪا کيس اسي پرسنٽ اسڪالرشپ سان ايوارڊ ڪئي وئي.

زاهده ابڙو: ڪنهن به هٿ جي هنر جيئن ڪاشيءَ جو ڪم آهي يا اجرڪ جو ڪم جيڪڏهن ڪوبه خاندان ان کي پنهنجو ورثو سمجهي ڪري ٿو ته ڇا ان ڪم مان ايترو ڪمائي سگهجي ٿو جو اهو فرد يا خاندان معاشي طور تي مستحڪم ٿي سگهي؟

امجد دائودپوٽو: جيستائين ڪمائڻ جو سوال آهي ته هڪڙي عام ڪم مان به ڪمائڻ وارا ڪمائين ٿا. اهي به پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪري ٿا وٺن ته هڪ آرٽيسن ڇو نٿو ڪري سگهي. بلڪل هو ڪمائي سگهي ٿو ۽ پنهنجي اميد کان وڌيڪ ڪمائي سگهي ٿو. منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ماڻهو هڪڙو مقصد مقرر ڪندا آهن. مثال طور: آئون چوان ٿو ته مون کي روز جا پنج هزار کپن، ڇهون هزار آئون ڪونه ڪمائيندس. ٻيو ماڻهو چوي ٿو روز مون کي هزار کپي هاڻي اهو منحصر آهي ان آرٽيسن جي سوچ تي ۽ هن جي ڪم تي ته هو پنهنجي ڪم سان ڪيتري سچائي رکي ٿو. جيڪڏهن هو پنهنجي ڪم سان سچو آهي ۽ ان کي سئو سيڪڙو ڏئي ٿو ته هو تمام سٺو ڪمائي سگهي ٿو بجاءِ ان جي جو هو وڃي ڪا نوڪري ڪري. آرٽيسن هن وقت سٺو ڪمائي رهيا آهن، پر انهن جو زندگي گذارڻ جو طريقو اهڙو ٿي ويو آهي جو لڳي ايئن ٿو ته هو ڪجهه ڪمائي نه رهيا آهن.

زاهده ابڙو: هن ڪلاسڪ ڪم ۾ توهان پنهنجون ڪهڙيون تخليقي صلاحيتون استعمال ڪري ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪئي آهي.

امجد دائودپوٽو: ڪاشيءَ جو ڪم اسان وٽ نسل در نسل هليو آهي جنهن ۾ تخليقي پاسو ئي هڪ اهڙي شيءِ هئي جنهن جي کوٽ هئي جنهن جي ڪري هي ڪم گهڻو اڳتي نه وڌي سگهيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهرين ته ٽيڪنيڪ آهي آخر ۾ رزلٽ ساڳي ايندي ڪاشي ساڳي ٺهندي. دنيا ۾ جيڪو به ڪم ٿئي ٿو ان ۾ RND (ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ) شامل نه ڪنداسين ته پنهنجي حيثيت وڃائي ويهنداسين. جيڪي به گڏيل قومن جون ڪمپنيون آهن انهن جو هڪڙو ڊپارٽمينٽ هوندو آهي جنهن ۾ ريسرچ هلندي رهندي آهي. جنهن جو الڳ سان بجيٽ هوندو آهي. اسين پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ RND کي کڻي پيا هلون. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ سنڌ ۾ ان پاسي بلڪل ڌيان نٿو ڏنو وڃي. نه آرٽيسن خود ان پاسي ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي حڪومت انهن جي ڪا مالي ساهتا ڪئي آهي. آرٽيسن ڪڏهن  اهو مسئلو حڪومت وٽ کڻي ڪونه ويو آهي ۽ حڪومت وري ڪڏهن آرٽيسن وٽ اها گهر کڻي آئي ڪونهي جو اهي پنهنجي ڪم کي اڳتي وڌائين ۽ ان ۾ نواڻ پيدا ڪن. اسان پهريون ڪم اهو ڪيو آهي جو آرٽيسن کي ميز ڪرسي ڏني آهي. جيئن انهن کي عزتِ نفس جو احساس به ٿئي ۽ هنن جي لاءِ ڪم ڪرڻ به آسان ٿي وڃي. اسان جيڪو مٽيريل استعمال ڪريون ٿا ان تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ ان ساڳئي مال کي اسان بهتر انداز ۾ ڪيئن استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ ڪيئن بهتر ٺاهي سگهون ٿا. ان ۾ ڇا ملائجي ۽ ان مان ڇا خارج ڪجي. اسان جي سڀ کان وڏي نواڻ ۽ تخليق اسان جو Kiln آهي. اڄ به گهڻو ڪري هالا، ملتان ۽ نصرپور ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي ان جي فائرنگ ڪاٺيءَ تي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن توهان رپورٽ پڙهي ڏسو توهان کي خبر پوندي ته سنڌ ۾ وڻن جي ڪيڏي کوٽ آهي ۽ اسان ڪاشيگرن وڻ ڪٽي باهه ٻاري سنڌ کي اڃان وڌيڪ تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. اندازي جي مطابق هڪڙي بٺي جڏهن ٻري ٿي ته ان کي 45 مڻ ڪاٺ کپي، جنهن جو مطلب اهو آهي 90 وڻ. اسان پنهنجي Kiln کي ايل پي جي گئس تي کڻي آيا آهيون. جنهن مان دونهون به تمام گهٽ خارج ٿئي ٿو، رکڻ جي جاءِ به تمام گهٽ ٿي والاري. اسان پنهنجي Kiln لاءِ لاهور ۽ گجرات مان ماهر انجنيئر گهرايا، اسان جي Kiln لڳ ڀڳ 25 لک رپين ۾ تيار ٿي. جنهن تي اسان پاڻ خرچ ڪيو آهي. اسان پنهنجي مٽيريل جي گرائينڊنگ جو پروسيس تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان کي ڊرم سيل ڪري پوءِ گرائينڊ ڪندا آهيون. جيئن ان ۾ ڪابه ملاوٽ نه ٿئي يا ان ۾ گند ڪچرو شامل نه ٿئي. اهي اسان جي ڪم جون جدتون به آهن ته هن دور جون گهرجون به آهن. اسان چاهيون ٿا ته اسان جو ڪم سڄي دنيا ۾ وڃي انهن سڀني شين ڪرڻ کانسواءِ اسين پنهنجي ڪم کي ان معيار تائين رسائي نٿا سگهون. ان کان علاوه آرٽيسن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻي آهي ته معيار تي سودو ناهي ڪرڻو. جيڪڏهن ڪو آرٽيسن ڏينهن ۾ هڪ ٽائل جا چار پيس ٺاهي سگهي ٿو ته ان کي پنجون نه ٺاهڻ گهرجي. جيڪڏهن هو پنجون ٺاهيندو ته خراب ڪندو. آرٽسٽ کي هڪڙو مخصوص ماحول گهرجي، اسان رنگن ۾ به ڪجهه نوان تجربا ڪيا آهن جنهن ۾ اسان وٽ هينئر سترهن کان وڌيڪ رنگ موجود آهن. ڪاشي ٻن طرحن جي هوندي آهي هڪڙي ڪاشي جنهن کي سنڌي ڪاشي چئبو آهي. ٻي ڪاشي جنهن کي انگريزي ۾Coda Sica ceramics چئبو آهي ۽ ان ۾ رنگ گهڻا هوندا آهن، سنڌي ۾ ان کي ڪاشيءَ ست رنگ چئبو آهي ۽ فارسيءَ ۾ ان کي ڪاشيءَ هفت رنگ چئبو آهي.

زاهده ابڙو: ڪاشيءَ جو ڪم اسلامي ملڪن کانسواءِ مغرب ۾ ڪٿي استعمال ٿو ٿئي ۽ ڪٿي هن جو واهپو وڌيڪ آهي؟

امجد دائودپوٽو: آئون جڏهن لنڊن ويو هئس ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته انگريز ان ڪم ۾ تمام گهڻا ماهر آهن. انهن ئي اسان کي هي ڪم واپس سيکاريو آهي. هنن اسان جي ديسي هنرن تي اسان جي فن تي ايتري ته تحقيق ڪئي آهي جو اسان کي ان جي خبر ئي ڪونهي. هاڻي اهي سڀ شيون وري اسان کي انگريز سيکارين پيا. ڪاشيءَ تي جيڪي به ڪتاب لکيل آهي اهي سڀ انگريزيءَ ۾ لکيل آهن، ڪو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل ئي ڪونهي. اهي ڪتاب ڇپايل به لنڊن ۽ آمريڪا جا آهن. جڏهن مون اتي جاميٽري ڪئي ته آئون حيران ٿي ويس ته انهن ماڻهن کي اهي سڀ شيون آڱرين تي ياد آهن. اسان کي ته تمام گهڻو ڌيان ڏيڻو ٿي پيو. اسان جا وڏا اصل ۾ ڪوري هئا، ايئن سمجهو ته ٽيڪسٽائل سان ڳنڍيل جيڪي به ڪم هئا اهي ڪندا هئا، هاڻي اهي اسان کي نظر نٿا اچن. اڄ جيڪڏهن توهان کي نصرپور ۾ ڪاشي نظر اچي ٿي ته اها NITA جي ڪري آهي. هن قسم جو ادارو پوري سنڌ ۾ ڪونه هوندو. اسان رڳو ٿوري همت ڪريون ۽ پنهنجن هنرن کي جياريون ته اسان ماضيءَ وارو شان حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اسان پنهنجا ڪيترائي هنر جياري سگهون ٿا ۽ ڪاٽيج انڊسٽري کي اوج تي رسائي سگهون ٿا. جن مان ڪيترائي هن وقت ختم ٿي چڪا آهن ۽ باقي وڃي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن. اسان کي ۽ حڪومت کي گڏجي انهن سڀني شين تي ڪم ڪرڻو پوندو. آرٽيسن کي سٺي ٽريننگ ملندي ته انهن جو ذهن کلندو ۽ هو پنهنجي ڪم تي وڌيڪ محنت ڪندا. اسان وٽ جڏهن به ٻاهرين ملڪن کان ماڻهو دوري جي لاءِ آيا آهن ته انهن اسان کي تمام گهڻو داد ڏنو آهي. صرف ان ڪري ته هنن ڏٺو آهي ته اسان ڪهڙي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان ڪو اهڙو ڪم ڪونه پيا ڪريون جيڪو ٻيو ڪري نٿو سگهي، پر اسان هڪ عام ڪم کي خاص طريقي سان ڪري رهيا آهيون. اسان توهان جا ۽ همسري جا ٿورائتا آهيون ته توهان هتي آيا.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments