ڪاش سنڌ ۾ به ڪو پرويز خٽڪ جهڙو هجي!! انور حسين قاضي

خميس جي ڏينهن شام جو پي ٽي آءِ جي پارلياماني اجلاس ۾ پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪا سڀني مين اسٽريم چئنلن بريڪنگ نيوز ڪري هلائي. جملا ته ٻه ٽي هئا، انتهائي ڪاوڙ ۽ طاقت جو مظاهرو بلڪل جسماني طور ڪمزور وزير دفاع پرويز خٽڪ پنهنجي صوبي جي عوام جي نمائندگي ڪندي پي ايم کي چيو ته اسان جا منظور ٿيل گئس ڪنيڪشن به اسان کي نٿا ملن ڇا اسان توهان کي ووٽ ڏيئي غلطي ڪئي آهي؟

وزيراعظم فرمايو ته اگر توهان چاهيو ته مان حڪومت ڇڏي وڃان ۽ هو اجلاس ڇڏي اٿي وڃڻ لڳو ته ٻين ان جي خاص ماڻهن کيس منٿ ميڙ ڪري واپس اجلاس ۾ ويهاريو، پر پرويز خٽڪ ڪاوڙ ۾ اجلاس ڇڏي هليو ويو جنهن کي ٽي منسٽر پرچائي ڪافي دير کانپوءِ وٺي آيا ۽ پوءِ شام جو هن چيو ته مان ڪاوڙجي ته ڪونه ويو هئس سگريٽ پيئڻ ويو هئس. انهيءَ سڄي صورتحال منجهان اسان ٻه ٽي ڳالهيون سمجهڻ چاهينداسين. هڪ ڳالهه ته وزيراعظم ڪيترو ڪمزور ٿي ويو آهي جو انهيءَ جي گرفت پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن تي به نه رهي آهي جو ان جي سامهون اجلاس ۾ تلخ ڳالهيون کيس ٻڌايون ٿيون وڃن جيڪي غلط ڪونه هيون، پر پرويز خٽڪ دل ٻڌي پنهنجو موقف انتهائي پر اعتماد نموني سان رکيو آهي ڇو جو هو سمجهي ٿو ته گهڻو ڪري هي سال اليڪشن جو آهي ۽ وزيراعظم صاحب جي پي ٽي آءِ جي اچڻ جو ڪوبه چانس محسوس ڪونه ٿو ٿئي ان ڪري هو اها شيءِ پنهنجي صوبي جي عوام اڳيان واضح ڪرڻ ٿو چاهي ته مون توهان جي حقن جي لاءِ هلندڙ اجلاس ۾ پرائمنسٽر کي منهن تي گرم سرد ڳالهيون ٻڌايون. هي پنهنجو موقف اڪيلائي ۾ به پرائمنسٽر کي ٻڌائي پئي سگهيو پر هن اسان جي سمجهه ۾ ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو آهي جيئن اسان مٿئين سٽ ۾ ذڪر ڪيو هو ته پرائمنسٽر ڪمزور ٿي چڪو آهي. ڏسو هڪ شيءَ واضح آهي ته پرائمنسٽر ڪڏهن به طاقتور نه رهيو ٻين جي ڪلهن تي چڙهي آيو ۽ اهي ڪلها هن کان نڪري ويا آهن، پر هڪ شيءِ جو افسوس ٿو ٿئي ته پرائمنسٽر پارلياماني اجلاس کي به گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽيم سمجهي ٿو هونئن ته هن تي ڪرڪيٽ جو وڏو اثر رهيو آهي، هر ڳالهه ۾ 92ع ورلڊ ڪپ کي کنيو ايندو آهي. هاڻي هڪڙو اسٽيٽ مين پنهنجي پارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪاوڙ ۾ اچي ۽ اٿي هليو وڃي اسان هن کي چئون ته سياستدان آهي؟ سمجهه ۾ ته ايئن ٿو اچي ته هي ڳالهه ٻولهه کان تمام گهڻو لنوائيندو آهي انهيءَ ڪري اسيمبلي ۾ اچڻ تمام گهٽ آهيس. اپوزيشن جو ته نالو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ڳالهه ٻولهه ته پري جي ڳالهه آهي، پر هاڻي پنهنجن پارٽي اڳواڻن سان به نه ڳالهائيندو ۽ ڪاوڙجي ويندو. افسوس آهي جو اسان تي اهڙو پرائمنسٽر مڙهيو ويو آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهي دوست وفاقي وزير محترمه فهميده مرزا صاحبه به موجود هئي. جنهن اڄ تائين ڪا اهڙي تقاضا ڪئي آهي ته سنڌ کي ته ڇڏيو پر اسان بدين ضلعي کي به حق ڏيو جيڪو پاڪستان جي پنجاهه سيڪڙو گئس پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ان جا ماڻهو گئس ته پري جي ڳالهه پر صاف پاڻي پيئڻ کان به محروم آهن. اسان ڏوهه صرف فهميده مرزا کي ڇو ڏيون هتي 14 سالن کان حڪمران جماعت کي پنهنجي ئي ڪنهن ايم پي اي پنهنجي قيادت اڳيان اٿي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ڪڏهن به نه. صرف پنهنجن مفادن کي پورائي ڪرڻ لاءِ قيادت اڳيان منٿون ڪندا رهندا آهن ۽ قيادت به انهن کي انهيءَ گهرج مطابق ڪڏهن ڏي ڪڏهن نه ڏي ۽ عوام ڪنهن کاتي ۾ ڪونهي. لڳي ٿو ته اهو فرق آهي اسان سنڌ صوبي ۽ ٻين صوبن ۾ اسان جو اڳواڻ، سياستدان، وڏيرو يا سردار پنهنجن ماڻهن کي ماري خوش ٿيندا آهن ۽ ٻين صوبن جا سياستدان پنهنجي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري انهن جي لاءِ فائدا ۽ نوان نوان رستا ڳوليندا آهن ته جيئن عوام خوشحال ٿي سگهي.

پرويز خٽڪ جي مطالبن ۽ مطالبن رکڻ جي انداز سان متفق ٿيندي افسوس اهو ٿو ٿئي ته اسان وٽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ اڳواڻ ڪڏهن دل ٻڌي پنهنجي قيادت جي اڳيان پنهنجا جائز مسئلا به رکندا؟ اميد ڪري سگهجي ٿي لڳي ته مشڪل ٿو متان اسان جي ڪنهن حڪومتي اڳواڻ کي پرويز خٽڪ کي ڏسي سندس ضمير جاڳي پوي.

سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments