ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون

1549 Shares

وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون. وزيراعظم هائوس ۾ پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو طئي ٿيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائنز موجود ٿينديون. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. سندس چوڻ هو ته يوٽرن ماهر عمران خان کان پڇيو وڃي ته آمريڪي سازش جو بيانيو ڪاڏي ويو؟ عمران خان آئي ڏينهن شوشا ڇڏيندو آهي، نيب سڌارن کانپوءِ هاڻ 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيندو، 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيڻ جو فائدو هاڻ تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي ٿيندو. رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ٻڌائي شهباز شريف خلاف ڪهڙا 70 ڪيس آهن؟ عمران خان رٽائرڊ ججن کي احتساب عدالتن ۾ لڳائي پنهنجي انتقامي ڪارروائي پوري ڪرڻ چاهي، عمران خان تي بي اعتمادي ته سندس پنهنجي اتحادين ڪئي، جن ووٽ ذريعي عمران خان وزيراعظم بڻيو، انهن ووٽن ذريعي ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments