خاص

تفتيش لاءِ (ايف آءِ اي) جي آيل ٽيم کي چور سمجهي واپارين حملو ڪيو

ايف آءِ اي ٽيم جيڪا حيدرآباد ۾ سوناري جي دڪان تي تفتيش لاءِ آئي هئي، واپارين ان کي ڦر جي ارادي سان آيل ڦورو سمجهي مٿن حملو ڪري ڏنو ۽ پوليس به گهرائي ورتي. ايف آءِ اي اهلڪارن جي مطابق، ايف آءِ اي ٽيم مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ لاءِ طيب ڪامپليڪس صدر ۾ سوناري جي دڪان تي پهتي هئي، جتي دڪان جي مالڪن

هنن کي چور سمجهي مٿن هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن سبب ايف آءِ اي جا 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ڪينٽ پوليس اسحاق ميمڻ ۽ عبدالقادر ميمڻ سميت 4 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري تفتيش شروع ڪري ڇڏي آهي. واپارين جو موقف آهي ته ايف آءِ اي جا اهلڪار ٽجوڙي جي تلاشي وٺڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا تنهن تي کين شڪ ٿيو ته هي چور آهن ۽ پوءِ پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو.