ادبسماجيات

ڪانءُ سان گهاريل ڪجهه گهڙيون شوڪت لوهار | # جنوري 2022

ڪانءُ صبح ٿيندي ئي پنهنجي آواز جي سائرن سان موڊ جو خانو خراب ڪندو آهي. اِهو موڊ جيڪو اڳي وري ڪهڙو چڱو هوندو آهي، بهرحال هاڻ ڪانءُ پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ ڪجهه گوسڙو ان ڪري به ٿي پيا آهن جو انهن جي ڊيوٽي هاڻ ڪجهه ٻين پکين ۽ ڪنهن ٻي مخلوق پنهنجي ذمي ڪري ڇڏي آهي. ڪانءُ هاڻ ڳوٺن تائين محدود ٿي رهجي ويا آهن شهرن ۾ صبح ٿيندي ئي ڪانءُ ننڊ مان ڪونه اٿارين، پر ٽين ۽ ڊٻي وارا اها ڪارروائي پوري ڪريو ڇڏين.

ڪانءُ مان مون سميت گهڻا ماڻهو غير مطمئن هجن ٿا. خير انهن جي ڪانون کي ڪا گهڻي پرواهه به ڪونهي، جو انهن کي جيڪو ڪرڻو هوندو آهي سو ڪري گذرندا آهن؛ پٺتي ڪونه نهارين ۽ ڪنهن جي غرض ڪو نه ڪڍن. ڪانءُ ٻين پکين کان گهڻو مختلف ٿين ٿا، اهي ٻين پکين جيان بيوقوف ڪونه ٿين بلڪه علم، عقل، دانش، فهم ۽ ادراڪ ۾ هو وڏن وڏن ٽيلي دانشورن کان به گوءِ کڻي وڃن ٿا. انهيءَ جو يقين اسان کي جيڪڏهن هونئن نه به اچي تڏهن به اسين پنهنجي نصاب ۾ ڪانءُ بابت تمام گهڻو مواد ڏسي سگهون ٿا، جيڪو بهرحال ڪانءُ جي علمي اڪابري لاءِ هڪ مستند مثال آهي. مثال هي نظم جيڪو مون ننڍي هوندي پڙهيو هو جيڪو ڪانءُ جي فراخدلي ۽ ڪنهن جو ٿورو نه رکڻ کي ثابت ڪري ٿو:

پئسو لڌم پٽ تان

پئسي ورتم گاهه،

گاهه ڏٺم مينهن کي،

مينهن ڏنو کير

کير ڏنم امڙ کي

امڙ ڏنو لولو

لولو ڏنم ڪانءُ کي

ڪانءُ ڏنو کنڀ

کنڀ ڏنم راجا کي

راجا ڏنو گهوڙو

چڙهي گهم چڙهي گهم.

حالانڪه ڪانءُ ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا شيءِ ايئن ورتي ڪونهي. مون سميت اوهان سڀني کي خبر آهي ته ڪانءُ تمام سياڻو ٿئي ٿو ۽ هو هميشه ننڍڙي ٻار کي جڏهن اڪيلو ڏسي ٿو ۽ جيڪڏهن ان جي هٿ ۾ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي ته هو آمريڪي پاليسين تحت ان تي حملا آور ٿئي ٿو ۽ بعد ۾ خبر اها پوي ٿي جو ڪانءُ مزي سان ٻار کان کسيل چپس کائي رهيو هوندو آهي ۽ ٻار کي اسڪول جي ماستر جي ٿڦن کانپوءِ گهر ۾ پيءُ يا ماءُ جي جذباتي فائرنگ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪانءُ سياڻو ٿئي ٿو ۽ ٿورو گهڻو مذاقي به سو ڪڏهن ڪڏهنJoke  ۾ پڻ حصو وٺي ٿو. ڪانءُ جڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو يا ٻار کي ڏسي ٿو ته يڪدم اچي انهن جي ٽڪڻ تي ٺونگا پائي ٿو ۽ پوءِ ايئن ڀڄي وڃي ٿو جيئن آمريڪا جا ڊرون عرف بنا پائليٽ جنگي جهاز وزيرستان وانا ۾ بمباري ڪري صحيح سلامت پنهنجي ايئربيس تي لهن ٿا، ان مذاق جي جرئت ڪانءُ صرف ان سبب ڪري ٿو جو تمام سياڻو ٿئي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هي وطن عزيز اداسي ۾ دنيا جي چوٿين نمبر ملڪ جي لسٽ تائين اچي پهتو آهي ۽ ڌرتي ڌڻي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن بحران جي ڪري پريشان رهن ٿا، تنهنڪري انهن جي اداسي مٽائڻ لاءِ هو اهڙو رسڪ کڻي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ ساڙيندڙ هڪ مڙس جي مدد ڪندڙ هڪ پوليس واري تي به ڪانون کي وڏي ڪاوڙ آهي جيڪو انهيءَ پريشان ماڻهو جي زال واپس وٺي ڏيڻ بجاءِ ان مٿان پئٽرول هاري رهيو هو جنهن تصوير کي پکين جي پارليامينٽ لاءِ زير بحث آڻڻ لاءِ ڪانون کوڙ جتن ڪيا آهن.

ڪانءُ سياڻو صرف انهيءَ لاءِ ڪونهي چئبو جو هن هڪ پيالي ۾ پاڻي هيٺ هجڻ ڪري ان ۾ پٿريون گڏ ڪري وڌيون هيون ۽ پاڻي مٿي چڙهي آيو هو ۽ ڪانءُ پاڻي پي سرهو ٿي پنهنجي اڃ اجهائي اڏامي هليو ويو. هن ۽ اسان سڀ اڃايل ڪانءُ“Thirsty Crow”  واري ڪهاڻي مان محنت جو سبق حاصل ڪيو هو، پر هن دور جا ڪانءُ انهيءَ ڪهاڻي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اڄ جي دور جا ڪانءُ انهيءَ ڪهاڻي کي پنهنجي عقل ۽ دانش تي هڪ ٺٺولي سمجهن ٿا. اڄوڪي دور ۾ اڃايل ڪانءُ جيئن ته تمام گهڻو سياڻو ٿي چڪو آهي سو پاڻي جو پيالو جنهن ۾ پاڻي گهرائي ۾ هجي ٿو خوامخواهه دنيا سڄي مان ڀتر گڏ ڪرڻ جي ضرورت نه آهيSimply  هو ڪنهن جوس واري دڪان تان هڪ تيلي Straw چورائي پيالي ۾ وجهي پاڻي پي سگهن ٿا ان ۾ محنت وغيره جي ڪا ڳالهه ناهي. ڪانون جو اهو موقف آهي ته پکين ۽ ماڻهن کي وقت سان گڏ هلڻ گهرجي ۽ جديد دور جي حوالي سان ٿورو ٽيڪنيڪل به ٿيڻ ضروري آهي.

ڪانءُ جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو جنهن ۾ ڪانءُ جو پنهنجو ڪو به ڏوهه نه آهي، هو هن ديس جي اشرف المخلوق جي دردن کي ڏسي ماتمي يونيفارم ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو. ان کانسواءِ ڪجهه ڪانون جو موقف آهي ته ڪارو ويس انهيءَ لاءِ به ڪيو آهي جيئن هو سنڌ ۾ وڌندڙ عاشقن ۽ انهن سان ويساهه گهاتي ڪندڙ محبوبن ۽ ان کانپوءِ ڪارا ويس ڪندڙ انهن مظلومن سان يڪجهتي جي اظهار طور پڻ بليڪ آئوٽ واري صورت ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا جو سنڌ جي ڪيسٽي شاعرن جو گهڻو تڻو تعداد ڪانون جي نقشِ قدم تي هلڻ کي پنهنجي لاءِ فخر سمجهن ٿا.

ٻين پکين جيئن ڪانون کي ماڻهو پالتو پکين جيان گهرن ۾ ڪو نه پالين جيئن طوطو ۽ ننڍڙين جهرڪين کي پالبو آهي ان لاءِ به ڪانءُ گهڻا پريشان ڪونه آهن، جو کين خبر آهي ته پالتو پکين جي آزادي صلب ٿيڻ تي هو گهڻا ڏکارا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن تحريڪ به هلائين، انهن جي آزادي لاءِ ريليون به ڪڍن ۽ بک هڙتالون به ڪري وٺن ٿا.

ڪانءُ ٻين پکين جيان ولگر ناهن جو هوPublicly  پنهنجي مادي ڪويل سان چهنب ڪو نه اڙائين، جيئن ٻيا پکي توهان کي بجلي جي تار تي ويٺي اهڙي فحاشي ڦهلائيندي نظر ايندا آهن. ڪانون کي پوري سڌ آهي ته اخلاق به ته ڪا شيءِ آهي تنهنڪري اهي حدود آرڊيننس جو پاس رکن ٿا ۽ ڪڏهن به اهڙي مسخري ڪونه ڪن ٿا.

ڪانون کي شاعر به نه سمجهي سگهيا آهن جو هميشه کين پاڻ کان پري ڀڄائڻ، اڏري وڃڻ لاءِ طرحين طرحين لالچون پيا ڏيندا آهن، ڪڏهن مٺڙي ماني، ڪڏهن چُوري، ڪڏهن ڪو ٻيو ڪو چوڳو وغيره، پر ڪانون جو موقف آهي ته هينئر موبائيل ۽ فيس بُڪ جي موجودگي جي ڪري انهن کي تڪليف ڏيڻ جي ڪا اهڙي خاص ضرورت نه آهي، پر پوءِ به ڪانءُ نياپو ۽ سنديسو پهچائڻ جو ڪمfree of cost  (مفت) ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن کي لالچ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، ڪانون کي به عاشقن ۽ محبوبن کان هڪڙو ڏوراپو ضرور آهي ته هو ڪڏهن به کين ويجهو اچڻ لاءِ ڪو نه ٿا چون هميشه ڏور موڪلڻ جي ئي ڳالهه ڪندا رهيا آهن. ڪانون جون مايون ڪويليون سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون گهڻيون ٿورائتيون آهن جو هن کين پنهنجي هڪ خوبصورت نظم ۾ ياد ڪيو آهي.

وڃو ڪويلو وڃو

وڃي پرين کي چئو

اڃان پيو جئان

اڃان پيو جئان!

ڪانون کي انهيءَ محاوري تي تحفظات آهن جنهن ۾ سياڻي ڪانءُ کي ٻنهي ٽنگن سان ڦاسڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي. ڪانون کي انهيءَ محاوري تي ڏاڍي کل ٿي اچي جو جيڪي انهن کي ٻنهي ٽنگن سان ڦاسڻ جو چون ٿا اهي پاڻ دنيا جهان جي مسئلن ۾ ڪيترا ڦاٿل آهن، جو انهن کي اها به خبر ناهي ته اهي ڪيترا ڦاٿل آهن، جو انهن کي اها به خبر ناهي ته دنيا جهان جي جهنجهٽن کان واندو ٿي ڪو پيالو پاڻي جو ۽ چانور يا دال کڻي گهر جي ڇت تي رکن جتي ڪانءُ سميت ٻيا پکي مستفيض ٿي سگهن.

shoukatali.lohar@gmail.com