ڪتابن جا انساني ذهنن تي اثر : مدهوش مير

عام طور تي هر ماڻهو اهي لفظ ٻڌا هوندا ته ڪتابن ۾ آهي ڇا؟ ڪتابن ڪيو ڇاهي؟ انهن کي اها خبر ئي ناهي هوندي ته ڪتابن جي صفحن ۾ ستل لفظن دنيا جي نقشي کي مٽائي ڇڏيو آهي. اخلاقيات جو استاد رومن اسڪالر ”سنيڪا“Seneca  انسان جي زبان مان نڪتل لفظن تي بحث ڪندي چوي ٿو: ”لفظ دنيا جي هر هٿيار کان وڌيڪ خطرناڪ آهن اوهان جو هڪ لفظ اوهان کي پنهنجن کان پري ڪري سگهي ٿو ته غيرن کي پنهنجو به. لفظ جيڪڏهن مقدس عقيدن جي خلاف ٿيا ته رت جون نديون وهي هليون، لفظ اهو ڪهاڙو آهن جنهن سان اوهان ماڻهن جي دلين ۾ نفرتن جي جهنگ کي اجاڙي سگهو ٿا، لفظ جملن جون قطارون بڻجي اوهان کي دنيا جون ذلتون ڏيئي سگهن ٿا ته ساڳيا لفظ اوهان کي عوام جي دلين جو ترجمان ثابت ڪري سگهن ٿا.“ فرانسيسي انقلاب جو امام سڏيو ويندڙ ”والٽير“Voltaire  پنهنجي ڪتاب The Age of Louis XIV ۾ ڪتابن بابت چوي ٿو ته: ”ڪتاب ئي قومن تي حڪمراني ڪندا آهن ۽ ڪتاب ئي بغاوت جي روپ ۾ صاحب اقتدارن جا تخت تباهه ڪري ڇڏيندا آهن.“

دنيا جي تاريخ ۾ ڪتابن جي اثر هيٺ ٿيل وڏا سانحه تاريخ جي تهه خانن ۾ ملن ٿا انهن ڪتابن جي ڇرڪائيندڙ ۽ ڀيانڪ حقيقتن انساني دماغن کي ايترو ته متاثر ڪيو جو انهن زندگي کي ئي ٿڏي ڇڏيو. اهڙن لکين ڪتابن کي ساڙيو ويو درياهن ۾ اڇلايو ويو يا وري کاهيون کوٽائي انهن ڪتابن کي دفن ڪيو ويو. اهڙن ڪتابن مان پهرين ذڪر ڪنداسين هڪ اهڙي ڪتاب جو جنهن دنيا جا سياستدان متاثر ڪيا هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ سما دور جو خاتمو آڻي ارغون اچي قابض ٿيا ان وقت اٽلي جي هڪ سگهاري قانوندان جو پٽ جديد سياست جو سرمايو سڏيو ويندڙ  Niccolo’ Machiavelli نڪولو ميڪاولي جنهن دنيا جي سياست جو گهرائي سان مطالعو ڪيو ۽ سياست ۾ نوان لاڙا معتارف ڪرايا، جنگ امن ۽ انساني ذهنن کي نفسياتي طور سياسي پنجوڙ ۾ يرغمال ڪرڻ جو ڏانءُ ڏسيندڙ ميڪاولي تقريبن زندگي جي سڀني شعبن کان واقف هو، پر سياست جي فلسفي کي وڌيڪ گهرائي سان بيان ڪندي چيو ته: ”جيڪڏهن اوهان سياست ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان رحمدلي جي خيرات تي پلجندڙ دل کي خيرات طور ڏيئي ڇڏيو. سياست دماغ جي شطرنج آهي جنهن جا گهوڙا زمين بجاءِ نيري آسمان تي پرواز ڪن ۽ ڪوڙ اهڙو ڳالهايو جو سچ جو گمان بڻجي وڃي، ڪوڙ هڻي ڦري نه وڃو پير کوڙي بيهي رهو، پيا پنهنجي ڳالهه کي ورجايو جيئن سچ بيوس ٿي موقعي تان فرار ٿي وڃي.

نيڪي ان سان ڪريو جيڪو بُرو هجي، ڀلي سان همدردي نه ڪريو نتيجي ۾ اوهان کي ڪجهه نه ملندو. بري سان ڀلائي اوهان کي تڪيلف پهچائيندي، ان تڪليف جي تاءُ ۾ اوهان بي ڏوهن کي ساڙيو، ڏوهاري اوهان جي سياست جا ڀلا چوڪيدار ثابت ٿيندا. اهڙيون سموريون ڪٿائون هن پنهنجي ڪتاب ”پرنس“Prince  ۾ بيان ڪيون، ان ڪتاب وقت جي پادرين جا پگهر ڪڍي ڇڏيا. دنيا، خدا ۽ شيطان وچ ۾ ٽڪر ۽ تضاد جي تخليق آهي سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ جنگ جڳن کان وٺي هلندي اچي ٿي، پر نتيجو اڃان تائين ناهي نڪتو ۽ نڪرڻو به ناهي. ڪتاب جي اهڙين تشريحن ميسوليني، جوزف اسٽالن سميت دنيا جي سياستدانن کي متاثر ڪيو. ميڪاولي جي ان ڪتاب تي پابندي بعد به دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ محمد موسيٰ سومري جي ٿورن سان اسان کي ”شهزادو“ جي عنوان سان ترجمو ٿي مليو.

 اهڙن ڪتابن ۾The Voynich Manuscript  نالي ڪتاب پنهنجي منفرد تاريخ رکي ٿو، جنهن کي نشانن جي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب چيو وڃي ٿو، دنيا جو عجيب ترين ڪتاب جنهن کي اڄ تائين ڪير به سمجهي نه سگهيو آهي ته هي ڪتاب ڇا ٿو چوي ۽ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. جنهن ٻوليءَ جو دنيا جا ماهر اڄ تائين پتو نه لڳائي سگهيا آهن ۽ نه ئي ان ٻوليءَ جو ڪائنات ۾ ڪٿي وجود يا نشان مليو آهي. هن ڪتاب جي باري ۾ هن وقت تائين صرف اها معلومات ملي آهي ته هي ڪتاب مختلف رنگن وارين عورتن جي تصويرن ۽ نه سمجهه ۾ اچڻ وارن نشانن سان ڳجهن رازن تي پردو ڍڪيل آهي، جنهن کي 300 سالن بعد جي ماڻهن ٿورو سمجهي گهڻو فائدو ڏنو آهي، ڪتاب تي مختلف طريقن سان سمجهڻ خاطر تقريبن 400 ماڻهن گڏيل محنت ڪئي ۽ هن ڪتاب ۾ هربل جڙي ٻوٽين جا ڪافي سارا نشان مليا آهن جن مان ماهرن ڪافي ساريون حڪمت واريون طبئي دوائون ايجاد ڪيون آهن، جن جا فائدا به ٿيا ته نقصان به گهڻا ئي ٿيا تقريبن جڙي ٻوٽين جي استعمال تي 240 ماڻهو آزمائش خاطر زندگي وڃائي ويٺا ۽ لاتعدا بيمارين ۾ ورتل هزارين ماڻهو صحتياب ٿي ويا. هن ڪتاب ۾ ڪائنات آسمان توڙي زميني نشانن جون اهڙيون علامتون مليون جيڪي سائنسدانن ماهر فلڪياتن ڪافي عرصي بعد سمجهيون آهن، ان ڪري سائنسدانن، ماهر نفسياتن، حڪمتدانن فلڪيات وارن جو پڻ اهو چوڻ آهي ته هي ڪتاب ڳجهو راز آهي، هي ڪتاب يورپ جي ڪنهن خطي ۾ پندرهين صدي جو لکيل آهي، اٽالين فلسفي ٿومس اڪيوناسThomas Aquinas  هن ڪتاب کي سيڪس همدردي تباهي جي موضوعن جي اهڃاڻ جو چٺو چيو آهي، هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ اڃان وقت لڳندو اسان کانپوءِ جا ماڻهو ئي هن کي سمجهي سگهن ٿا. ياد رهي ته ڪتاب جي سمجهڻ ۽ ان تي تجربن ڪرڻ وارن ماڻهن جي موت جو انگ 840 آهي. اهو ته ٿيو ڪتاب کي سمجهڻ وارو معاملو، پرAlfredo Niceforo  جرمني جي نامور ليکڪ گوئٽي جي ناولSorrow of young warther  جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ناول جي سحر طاري ٿيڻ سبب 20 هزار نوجوان خودڪشيون ڪري ويٺا، ناول جو مختصر ذڪر 1774ع ۾ شايع ٿيل هن ناول جي مختصر ڪٿا ڪجهه هن ريت آهي ته ناول جو مکيه ڪردار ”وردر“ جيڪو ”شارليٽ“ نامي عورت سان بي پناهه عشق ڪري ٿو ۽ شارليٽ جي نوجوان ”البرٽ“ سان شادي طئي ٿي وڃي ٿي ۽ وردر عشق جو اهو سور برداشت نه ڪندي بي وسي ۽ مايوسي جي اونهي کوهه ۾ ڪري پاڻ کي تڙپندي ۽ ٻڏندي محسوس ڪري ٿو. ان تاب ۽ اذيت کان بچڻ لاءِ وردر هڪ بند ڪمري اندر پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري شارليٽ کي بيوفائي جو تحفو وردر پنهنجو بي جان جسم ڏئي ٿو. هن ڪتاب يورپ جي نوجوانن ۾ اهڙي ديوانگي پکيڙي ڇڏي جو هزارين نوجوان ناول جي ڪردار وردر جي ڊريسنگ ۽ ڊائيلاگن جي مدهوشي ۾ خودڪشي کي رومانس سمجهڻ لڳا. ناول جيترو پڙهيو وڃي پيو ته خودڪشين جي انگن ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پئي ويو. وقت ۽ حڪومت تحرڪ ورتو جرمني، ڊينمارڪ توڙي اٽلي ۾ سختي سان ناول تي پابندي لڳائي وئي، پر ايتري سختي ڪئي وئي جو ناول ۾ وردر جهڙو لباس پائڻ تي به بندش وڌي وئي. هن ناول ۾ به گوئٽي جي انهن لفظن جو منتر هو جنهن کان ڪير به بچي نه پيو سگهي. ناول ۾ ايتري سگهاري ڊائيلاگ ڊليوري به لفظن جي جادوگيري هئي، ٻي مزي جي ڳالهه جهڙو ناول وري تهڙو ڊائريڪٽرPhilipp Stolzl  مهارت سان ان ناول تي فلم ٺاهي 2010ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم سئنيما گهرن ۾ تڏهن گهمسان برپا ڪري ڇڏيو فلم ڏسڻ کانپوءِ هڪ مايوس عاشق لينڊر ڪارز نشي جي حالت ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن سبب فلم جي ڊائريڪٽر چيو ته دور بدلجي ويو مان تاريخي ۽ رومانسي ناول کي عوام اڳيان پيش ڪرڻ پئي چاهيو، پر ان هڪ زندگي کسي ورتي مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر ٿيو آهي ته مان ڪامياب ٿيو آهيان اهڙن لفظن جو اظهار ڪندي ”فليپ سيٽوزلز“ اکين مان لڙڪ به لاڙي ويٺو ”گوئٽي“Johann Wolfgang von Goethe  جي هن ناول کي انساني ذهن مٿان غلبو سمجهيو وڃي ٿو ايئن ئي ويهين صديءَ جي جنگين واري دور کي تاريخ نويس ”ايڊولف هٽلر“Adolf Hitler کان شروع ڪيو آهي، هٽلر لکين انسانن جي موت جو ذميوار هجڻ سان گڏ هڪ ظالم ڊڪٽيٽر طور ليکيو وڃي ٿو، بي رحمي جون سڀ حدون طئي ڪندڙ هٽلر به جرمن فلاسافر ”نٽشي فيڊرڪ“Friedrich Nietzsche  جي لکڻينThe Will to Power  سميتBeyond Good and Evil  جهڙن سيريز ڪتابن کي سيراندي رکي سمهندو هو. نٽشي فيڊرڪ جنهن سپرمين جو نظريو ڏنو ۽ هن سياست ڪرڻ واسطي پنهنجي ڪتاب ۾ چيو ته: ”رحمدلي اوهان جي جذبن جو قتل ڪري ٿي، اوهان ڏاڍ ڏمر قائم ڪرڻ کانپوءِ اگر ڪنهن انسان کي رڳو قرب جي نظر سان ڏسندئو ته هو اوهان جو پروانو بڻجي ويندو، باقي نه ته سڄي عمر محبت جي راند رچائڻ بعد اوهان جي محبت جو فلسفو اوهان جي رقيبن ۽ نفرتن کي راضي نٿو رکي سگهي.“ اهڙيءَ ريت دنيا جي اهڙن بي مثال ۽ لازوال ڪتابن جا داستان ڀريا پيا آهن جن ڪتابن کي ڦاڙي ساڙي ۽ ليکڪن کي به زنده ساڙيو ويو.

سڪندر اعظم جو وفادار سپاهي سليوڪس لکي ٿو: جڏهن اسان دنيا جو اهو علائقو فتح ڪيو جيڪو فتح يابي بعد به اسان کي اندران شڪست جو احساس ڏياري پيو. هن رات جي پوئين پهر ۾ چيو ته سپاهين جي روز مره واري ٿڪ جي ڪيفيت به تبديل آهي اصل ۾ هن علائقي جي لکين ڪتابن واري اها لائبريري بچيل هئي جتان هنن کي خوف جو آواز پئي آيو سليوڪس وڌيڪ لکي ٿو ته مان سڪندر سان اها ڳالهه ڪئي ته هتي هڪ بچيل عمارت خوف جي علامت بڻيل آهي جنهن ۾ لکين ڪتاب پيل آهن سڪندر اعظم ان لائبريري جو دورو ڪري هڪ ڪتاب کڻي ٿو جيڪو مرڻ تائين هن سان گڏ هو، سليوڪس جو اهو اظهار ان ڳالهه جي علامت آهي ته ڪتابن جون عمارتون به پنهنجي وصيت ۾ هڪ وڏي رعب سان ڀريل تاريخ آهن، ان ڪري ته هلاڪو خان لکين ڪتابن واري لائبريري جي باري ۾ پنهنجي سپاهي کان پڇيو ته هي ڇا آهي؟ سپاهي وراڻيس هي اها عمارت آهي جتان دنيا جا انقلاب تبديلون فڪر پيدا ٿيندا آهن سادو انسان جيڪر هن عمارت جا چڪر ڪاٽيندو ته اهو وقت جو بادشاهه به بڻجي سگهي ٿو، اهڙي وراڻي تي هلاڪو جو حڪم نافظ ٿي ويو ته هن عمارت لائبريري کي به ساڙي فنا ڪريو. ڪتابن جي اثر هيٺ ئي دنيا جون گهڻي قدر تبديليون نظر اچن ٿيون، اهو ڪتاب ئي آهي جيڪو انسان کي شيشي جيان سڀ ڪجهه ڏيکاري ٿو، ڪتابن جو علم دنيا جي تاريخ جو اهو واحد ٿنڀ آهي جتان انسان پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي.

Reference:

https://en.m.wikipedia.org › wiki

Seneca the Younger – Wikipedia.

The Age of Louis XIV

Book by Voltaire

https://en.m.wikipedia.org› wiki

Niccolo Machiavelli-Wikipedia

The Prince

Book by Niccolo Machiavelli

https://www.holybooks.com›…PDF

Web results

Voynich Manuscript-HolyBooks.com

https://holybooks.com› voynich-m…

Download PDF: Voynich Manuscript & Codex Serahinianus PDF

https://en.m.wikipedia.org› wiki

Thomas Aquinas-Wikipedia.

Summa Theologica

Book by Thomas Aquinas

Introduction to Saint Thomas Aquinas

Book by Thomas Aquinas

Alfredo Niceforo

Statistician

The Sorrows of Young Werther

Novel by Johann Wolfgang von Goethe.

http://www.planetpdf.com› …PDF

Web results

Beyond Good and Evil – Planet PDF

An Irish Hostage: A Novel

Novel by Charles Todd

The Book: A Global History

Book by Michael F. Suarez.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments