خاص

ڪراچي بي آر ٽي جي پھرين لاٽ تي تعمير شروع ڪرڻ جي تجويز جي منظوري

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ملير ھالٽ ڊيپو کان موسميات تائين بي آر ٽي ريڊ لائين جي پھرين لاٽ تي 14 ارب رپين سان تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جي تجويز جي باضابطا منظوري ڏيئي ڇڏي. وزيراعليٰ ھائوس ۾ وڏي وزير ٽرانس ڪراچي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو ته ھي ڪراچي وارن لاءِ سٺي خبر آھي ۽ مون کي يقين آھي ته ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو ويندو ته جيئن ان کي 2.5 سالن ۾ مڪمل ڪري سگھجي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين (ڪي بي آر ٽي) پراجيڪٽ تي اي ڊي بي ۽ شريڪ فنانسرز سان گڏ اي ايل آءِ بي، اي ايف ڊي ۽ جي سي ايف جي تعاون سان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. منصوبي جي ڪل سيڙپ 78384.33 ملين رپيا آھي.