خاص

ڪراچي سوڌو ملڪ جي مختلف علائقن مان بجلي غائب

ڪراچي ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون حبڪو ڄامشورو ٽرانسميشن لائين جي ٽرپ ٿيڻ سبب ٿيو، جنهن سبب سڀئي اليڪٽرڪ فيڊر بند ٿي ويا. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان مطابق واپڊا طرفان ڪراچي کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري سڄي شهر ۾ بجلي جي سپلاءِ بند آهي. جڏهن ته ملڪ جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي عدم موجودگي جا اطلاع آهن. ترجمان مطابق ٽيمون بجليءَ جي بحالي لاءِ ڪوشش ۾ رڌل آهن ۽ امڪاني طور تي بجلي پنجن ڪلاڪن اندر بحال ٿي ويندي. ٻئي پاسي حيسڪو جو چوڻ آهي ته اين ٽي ڊي سي سان رابطا هلي رهيا آهن ۽ بجلي جي بحالي جي لاءِ ڪوبه فريم نٿا ڏيئي سگهون. وزارت توانائي طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ڏاکڻين سسٽم ۾ حادثاتي خرابيءَ سبب ڪيترائي پاور پلانٽ مرحليوار ٽرپ ٿي رهيا آهن ۽ وزارت توانائي نظام کي جلد بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.