ڪراچي: ويڪسينيشن سينٽر ۾ اضافو، انگ اٺاويهه ٿي ويو
صحت کاتي ويڪسينيشن سينٽرن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ انهن جو انگ 28 ٿي ويو آهي. نئون ويڪسينيشن سينٽر ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج ۾ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ئي ڪلاڪ کليل رهندو. ملڪ ۾ 70 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن سهولت گذريل ڏينهن کان شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا 38999 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2351 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته 16 ڄڻا فوت ٿيا.

