ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسڻ وارا هوش ۾ اچن: بلاول
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ هوش ۾ اچن. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ بلاول هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي جي آرگنائيزيشن ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ سنڌ حڪومت جي ذميدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي آرگنائيزيشن ڪميٽي جي سربراهه وقار مهدي شرڪت ڪندڙن کي شهر قائد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته اجلاس ۾ ڪراچي جي ترقي سميت شهر قائد جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس ۾ بلدياتي ادارن جي خاتمي کانپوءِ شهر ۾ ايڊمنسٽريٽرز جي تقريري جو معاملو به غور هيٺ آندو ويو ۽ سرڪاري آفيسرن يا سول سوسائٽي جي ماڻهن مان ايڊمنسٽريٽرز جي تقريري جي آپشنز تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڊمنسٽريٽرز چاهي سرڪاري آفيسر هجن يا سول سوسائٽي جا ماڻهو، سٺي ساک ضروري آهي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهر قائد ۾ ترقي جي لاءِ پ پ مثالي ڪردار ادا ڪيو، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ هوش ۾ اچن، فطرتي مسئلن کي بنياد بڻائي جيڪڏهن شهر وفاق حوالي ڪرڻ جي مطالبن جو سلسلو هلي ويو ته اهو هڪ جاءِ تي نه بيهندو. ڪراچي منهنجو شهر آهي ۽ مون کي منهنجي شهر جي ترقي عزيز آهي. هن چيو ته سنڌ جي شهر ڪراچي جا فيصلا وفاق بجاءِ ڪراچي وارن کي ڪرڻ جو حق آهي. سڄي سنڌ مان پ پ کي عوام طرفان ڏنل اختيارن تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. لسانيات ۽ نفرت جي سياست ڪراچي کي مسئلن جو ڳڙهه ٺاهي ڇڏيو آهي ڪراچي جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف پ پ وٽ آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ وانگر ڪراچي جي هڪ هڪ شهري سان گڏ بيٺو آهيان، ڪراچي جي مسئلن جي حل ۾ تسلسل تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين. سنڌ حڪومت هن وقت به ڪراچي ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندي. گذريل ڏينهن ۾ وزيراعظم هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ڪراچي مطابق اهم فيصلا ڪرڻ وارو آهي، ان بيان جي بنياد تي پ پ سڄي سنڌ ۾ احتجاج مظاهرا ڪيا هئا.