خاص

ڪراچي ۾ اڄ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ به گجگوڙ سان معتدل برسات جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ به گجگوڙ سان معتدل برسات ٿي سگهي ٿي. سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ ٺٽي جي ويجهو سمنڊ ۾ هوا جي گهٽ دٻاءُ جو سسٽم اڃان تائين موجود آهي جيڪو ڏينهن جو برسات وسائي سگهي ٿو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ برسات جا اڳيان پويان سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا هئا، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 25 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. ان کان سواءِ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃان به پاڻي گهرن ۽ روڊن تي موجود آهي، جنهن سبب عوام تمام گهڻي مشڪلات کي منهن ڏيئي رهيو آهي.