ڪراچي ۾ سائبيرين هوائون داخل، موسم ٿڌي ٿي وئي
ڪراچي ۾ اولهه هوائن جي اثر تحت سائبيرين هوائون گُهلي پيون، جنهن سبب موسم ٿڌي ٿي وئي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد وڌيڪ ڪِرڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب 15 ۽ 16 ڊسمبر تي اولهه جي هوائن جو هڪ ٻيو سسٽم اتر علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ڪراچي ۾ به موسم وڌيڪ ٿڌي ٿيڻ جو امڪان آهي. هن ٻڌايو ته ايندڙ 3 ڏينهن دوران گهٽ کان گهٽ گرمي پد 14 کان 16 سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. 10 ڊسمبر کانپوءِ گرمي پد 11 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.

