ڪراچي ۾ سنڌ جي ورھاڱي جي سازش ۽ ٻيٽن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ جو مارچ، ڌرڻو
سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي نيلامي، ڪراچي ڪميٽي، زمينن تي قبضن، پاڻيءَ تي ڌاڙن، ڌارين جي آبادڪاري، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ريگل چو ڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ھزارين عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاج ريلي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪائنات ڏاهري، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي محمد وڪو ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، ٻيٽن جي نيلامي، زمينن تي قبضن، ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته سنڌ ۽ ملڪ دشمن قوتون سنڌ جي ورهاڱي ۽ ڪراچي صوبي جا مطالبا ڪري رهيون آهن. انهن کي اجازت مليل آهي ته هو ملڪ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي سالميت خلاف ريليون ڪڍن. انهن خلاف ملڪ سان غداري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ بدران وفاقي ۽ سنڌ سرڪار انهن قوتن جا سهولتڪار بڻيل آهن. هن چيو ته ڪراچي ڪميٽي سراسر غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ان سنڌ دشمن عمل ۾ سنڌ سرڪار برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار آئي لينڊ اٿارٽي جو صدارتي آرڊيننس آڻي سنڌ ۾ نئين اسرائيل ٺاهڻ جو بنياد رکيو آهي. آئي لينڊ اٿارٽي جي فيصلن کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو ان جو واضح مطلب آهي ته رياست اندر هڪ ٻي رياست قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام اهڙن ملڪ ۽ سنڌ دشمن فيصلن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. سنڌ جو عوام ان ڳالهه کان چڱي طرح واقف آھي ته پاڪستان جي باني محمد علي جناح کي ڪيئن پيٽرول جي خالي ٽانڪي سان کٽارا ايمبولنس ڏيئي قتل ڪيو ويو ۽ پاڪستان جوڙڻ کانپوءِ سنڌ جي شهرن، ملڪيتن، زمينن تي ڪيئن قبضو ڪيو ويو، ڪيئن سنڌ جي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ موجود قومن جي ثقافت، ورثي، وسيلن، مال ملڪيتن کي بچائڻ ۽ وڌائڻ جي ذريعي سان ئي ملڪ کي طاقتور ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته پاڪستان تي گذريل ستر سالن کان قابض گروهه مسلسل قومن جي وجود کي ميسارڻ جي سازش ۾ رڌل آھي. سنڌي قوم ان قابض گروھن جي سازشن کي سمجهي ٿي ۽ ان جو مقابلو ڪري ٿي ان ڪري اھي قابض ٽولا سنڌ جي ورھاڱي ۾ پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا. جيڪي ڪراچي ڪميٽي جي نالي ۾ سنڌ جي ورھاڱي جي ناپاڪ سازش جو پٿر رکڻ چاھين ٿيون. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو چيو ته سنڌ جون زمينون ھزار سالن کان سنڌي عوام جون ملڪيت رھيون آھي. سنڌ حڪومت کي ڪوبه اخلاقي، تاريخي، سياسي ۽ قانوني اختيار نه آھي ته لکين ايڪڙ زمين جا سودا ڪري. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون بابت سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي رکيل موقف مان ثابت ٿي چڪو آھي ته سنڌ جي سون جهڙي زمين کي ڪيئن ڀڳڙن مٺ نيلام ڪيو آھي. سنڌ جو عوام پ پ جي سنڌ دشمن ڪردار کي چڱي طرح واقف آھي. پ پ سنڌ جي ٻيٽن، ساحلي پٽي، سنڌ جي جبلن، سنڌ جي ڪچي، سنڌ جي شهرن جو سودو ڪري اقتدار ۾ رھڻ چاھي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي زمينن جو نيلام يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن به نه ڪيو، پر سنڌ تي حڪومت ڪندڙ وڏيرا شاھي جي نمائندگي ڪندڙ پ پ گذريل ٻارنهن سالن ۾ سنڌ کي نيلام ڪيو آهي.

