پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو، سڀ دهشتگرد مارجي ويا.

دهشتگردن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو جنهن سبب هڪ پوليس سميت 7 ماڻهو مارجي ويا. جڏهن ته فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي چئن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پوليس مطابق سومر جي صبح جو تقريبن 10 وڳي چئن دهشتگردن پهرين اسٽاڪس جي گيٽ تي هڪ دستي بم اڇلايو ۽ پوءِ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جو عملو وڏي انگ ۾ موقعي تي پهچي ويو ۽ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۽ فائرنگ ۾ چار ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ هڪ پوليس اهلڪار، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ ۽ ٻه شهري پڻ شامل آهن، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب حملي ۾ ٻه شهري مارجي ويا، جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج جا چار سڪيورٽي گارڊ، جن ۾ هڪ پوليس سب انسپيڪٽر به شامل آهي، شهيد ٿي ويا ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ رينجرز اهلڪار اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ داخل ٿيا ۽ جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي اسٽاڪ ايڪسچينج جي هال ۾ ماريو ويو. سيڪيورٽي اهلڪارن حملي کانپوءِ آسپاس جي علائقن کي به گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن ته آءِ آءِ چندريگر روڊ کي ميري ويدر ٽاور ۽ شاهين ڪامپليڪس کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. سيڪيورٽي اهلڪارن موجب حملي ۾ اڃان تائين 6 جانيون ضايع ٿيون آهن، جن ۾ ٻه شهري ۽ چار دهشتگرد شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته دهشتگرد جديد هٿيارن سان ليس هئا ۽ انهن وٽ بارود سان ڀريل جيڪيٽون هيون. ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ حملي کي ناڪام قرار ڏنو ۽ چيو ته چئن دهشتگردن سٽي ايڪسچينج تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فورسز جوابي ڪارروائي مڪمل طور تي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چارئي دهشتگرد ماريا ويا.