خاص

ڪراچي ۾ پهرين گاما نائيف سهولت جو افتتاح

سنڌ جي وڏي وزير دماغ جي جديد علاج لاءِ اوجها ڪيمپس ۾  پبلڪ سيڪٽر جي پهرين گاما نائيف جي سهولت جو افتتاح ڪيو. ۽ ٻڌايو ته هي علاج  مهانگو آهي ۽ في ماڻهو تي 250000 رپيا خرچ ايندو. جنهن ۾ صوبائي حڪومت مڪمل خرچ برداشت ڪندي. گاما نائيف ريڊيو سرجري، رت جي نالين جي خرابي ۽ نيورولوجيڪل حالتن جي علاج ۾ اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. ٽيومر جي علاج لاءِ گاما نائيف ريڊيو سرجري ٽيومر جي خلين جهڙوڪ ڊي اين اي کي نقصان پهچائڻ يا تباهه ڪرڻ ۾ ڪم ڪندي آهي ته جيئن اهي خليا ٻيهر پيدا يا وڌي نه سگهن.