روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني وفد ماسڪو روانو ٿي ويو
روس کان سستو خام تيل خريد ڪرڻ جي معاملي تي پاڪستاني وفد ماسڪو روانو ٿي ويو. ذريعن موجب پاڪستاني وفد پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ لاهور ايئرپورٽ روانو ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري پيٽروليم محمد محمود ۽ ٻيا عملدار به شامل هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين تي جلد ڪم شروع ڪرڻ بابت به ڳالهيون ٿينديون ۽ پاڪستان اسٽريم گيس پائپ لائن ڪراچي کان لاهور تائين تعمير ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان اسٽريم گيس پائپ لائن جو پراڻو نالو نارٿ سائوٿ پائپ لائن آهي.

