خاص

مون تيز ترين سينچري سچن ٽنڊولڪر جي بيٽ سان ڪئي هئي: شاهد آفريدي

اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي تيز ترين سينچري ٽنڊولڪر جي بيٽ سان ڪئي هئي. ٽوئيٽر تي شاهد آفريدي پاران ٿائيلينڊ جي هڪ ريسٽورنٽ ‏۾ ڀارتين سان ملاقات جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ شاهد آفريدي کي ڀارتي مداحن سان تصويرون ڪڍندي ۽ انهن سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ڳالهه ٻولهه دوران هڪ مداح شاهد آفريدي کي سندس تيز ترين سينچري به ياد ڏياري جنهن تي شاهد آفريدي چيو ته مون سچن ٽنڊولڪر جي بيٽ سان اها سينچري ڪئي ۽ اهو بيٽ اڃا تائين مون وٽ آهي.