خاص

ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر وقت کان اڳ اليڪشن نٿي ڪرائي سگھجي: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي ردعمل ڏنو آھي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي ته ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر قومي اليڪشن نٿي ٿي سگهي، جنهن اسيمبلي جي سيٽ تان استيعفيٰ ڏني ويندي، اُتي ئي اليڪشن ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن پاران عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي ردعمل ۾ وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 22 ارب رپيا خرچ ايندو.