ڪرڪيٽر بلال ارشاد سان (جولاءِ 2017 ۾) ٿيل ڳالهه ٻولهه

ڪرڪيٽر بلال ارشاد سان (جولاءِ 2017 ۾)  ٿيل ڳالهه ٻولهه

نسيم بخاري

 

نسيم بخاري: توهان پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو؟

بلال ارشاد: منهنجو نالو بلال ارشاد ڪاغذي آهي پهرين فيبروري 1991ع تي اولڊ صدر مگسي محلي ۾ پيدائش ٿي. پرائمري اردو اولڊ اسڪول صدر مان ڪيم، مئٽرڪ هائر سيڪنڊري اسڪول شڪارپور-ٽو مان ڪئي. فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر هائر سيڪنڊري سلطان ڪوٽ مان ڪئي. بي ايس سي فائنل فرسٽ ڊويزن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪيم.

نسيم بخاري: ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ ڪيئن آيا؟

بلال ارشاد: منهنجو والد صاحب پي سي بي جو امپائر هو، جتي به ڪرڪيٽ جون مئچون ٿينديون هيون هو مون کي پاڻ سان گڏ اتي وٺي ويندو هو، ايئن ئي ڪرڪيٽ ڏسندي ڏسندي ان ۾ دلچسپي وڌي.

نسيم بخاري: پيءُ پاران ڪرڪيٽ مئچ ۾ وٺي وڃڻ کي اوهان ڪڏهن جبر ته محسوس نه ڪيو؟

بلال ارشاد: ها ڪڏهن ڪڏهن بيزاري ٿيندي هئي پر عمر ۽ شعور جي وڌڻ کانپوءِ اها دور ٿيندي وئي ۽ دلچسپي ۾ بدلجڻ لڳي.

نسيم بخاري: ڇا اوهان اسڪول وارن ڏينهن ۾ به ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل رهيا؟

بلال ارشاد: ها بلڪل انهن ڏينهن ۾ به ڪرڪيٽ دلچسپيءَ سان کيڏندو هئس ۽ پنهنجي اسڪول جي ٽيم جو ڪپتان پڻ هوندو هئس.

نسيم بخاري: اهو تاثر ڪيتري قدر درست آهي ته قومي ڪرڪيٽ ۾ گهڻي ڀاڱي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي جوانن کي ترجيح ڏني ٿي وڃي؟

بلال ارشاد: اها ڳالهه بلڪل درست آهي صوبن ۽ قومن سان ٻي اکيائي واري روش بدستور جاري آهي جنهن جي ڪري باهمت ۽ با صلاحيت نوجوانن ۾ گهڻي حد تائي مايوسي پکڙي آهي، پر اها صورتحال سدائين نه رهندي. منهنجو ايمان آهي ته اهل ماڻهو کي دير يا سوير نيٺ پنهنجي منزل ملندي.

نسيم بخاري: توهان ڪڏهن ٽرپل سينچري واري ورلڊ رڪارڊ بابت ڪو خواب به ڏٺو هو ڪو تصور به ڪيو هو؟

بلال ارشاد: ها جڏهن مان بيسٽ ڪرڪيٽ پليئر طرفان ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪرڪيٽ مئچن ۾ گهڻي اسڪور ڪرڻ چوڪن ۽ ڇڪن هڻڻ وارن جو ٻڌندو هئس ته منهنجي دل ۾ به اهو خيال ايندو هو ته هڪ ڏينهن مان به اهڙي تاريخ رقم ڪري ڏيکاريندس.

نسيم بخاري: اڄ جڏهن قدرت اوهان تي مهربان ٿي آهي ته اوهان هڪ زبردست اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي هن وقت ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟

بلال ارشاد: خوابن جي حقيقت ۾ بدلجڻ تي ڏاڍي سرهائي ٿيندي آهي ۽ سوچيان ٿو ته اسان جي محنتن ۽ صلاحيتن کي جيڪڏهن مسلسل داد ملندو اچي ها ته اڄ پاڻ گهڻو اڳڀرا هجون ها پر پوءِ به الله جي وڏي مهرباني آهي جو پنهنجي شهر، پنهنجي سنڌ ۾ ۽ پنهنجي ملڪ جو جڳ جهان ۾ نانءُ روشن ڪيو اٿم.

نسيم بخاري: ڪجهه ان ون ڊي ڪرڪيٽ مئچ جي باري ۾ ٻڌايو جنهن توهان کي شهرتن جي بلندي تائين پهچايو.

بلال ارشاد: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پوري ملڪ ۾ چئن مهينن اندر ڊبل ٽو ڊبل ٽو ڪرڪيٽ ڪلبس وچ ۾ 5 هزار مئچون کيڏرائڻيون آهن. انهيءَ سلسلي جي تسلسل ۾ شڪارپور جي شاهي باغ ۾ قائم پي سي بي گرائونڊ تي فضل محمد چئمپين شپ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مون 42 اوورن ۾ 200 رنسون، 8 اوورن ۾ 120 رنسون ٺاهيون. اهڙي ريت 175 بالن تي 320 اسڪور ڪيو، جنهن ۾ 42 چوڪا ۽ 9 ڇڪا به شامل آهن.

نسيم بخاري: اوهان جي ايڏي وڏي اسڪور جيترو ڪو ماضيءَ ۾ مثال ملي ٿو؟

بلال ارشاد: ماضيءَ ۾ اهڙي ڪا تاريخ رقم نه ٿي آهي. اهو اعزاز الله سائين مون کي ئي عطا ڪيو آهي. انگلينڊ جي ڪلب سري طرفان گليمورگن خلاف چيلٽنهم اينڊ گلوسيسٽر ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ علي برائون 268 اسڪور ڪيو جيڪو جون 2002 ۾ ٿيو. ان کان علاه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ روهت شرما 264 اسڪور ڪيو، اهو سريلنڪا جي خلاف سال 2014 ۾ ڪيو. جڏهن ته ان کانسواءِ ماضيءَ جو ايلن بيرو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1975 ۾ ناٽل طرفان 202 اسڪور ڪري چڪو آهي. جڏهن ته موهت اهلاوت دهلي جي رانديگر فيبروري 2017 ۾ 72 بالن تي 302 اسڪور ڪيو.

نسيم بخاري: محنتي ۽ باصلاحيت نوجوانن کي مختلف راندين جي شعبن ۾ اڳتي آڻڻ ۽ اتساهڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟

بلال ارشاد: ملڪ ۾ موجود مختلف ادارن کي پنهنجن راندين وارين ٽيمن ۾ اهليت ۽ نيڪ نيتي جي بنياد تي نوجوانن کي شامل ڪرڻ گهرجي. جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي پنهنجين صلاحيتن اجاڳر ڪرڻ لاءِ هڪ ته زبردست موقعا ملندا ٻيو ته انهن جي تربيت ٿيندي، ٽيون ته انهن جي روزگار وارو مسئلو به حل ٿي ويندو. اسان وٽ معاشي تنگ دستي ۽ ناساز حالتن جي ڪري ٽئلينٽ ضايع ٿيندو رهيو آهي.

نسيم بخاري: توهان ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي آهي اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته اوهان جي معاش جو ذريعو ڇا آهي؟

بلال ارشاد: مان پنهنجي پاڙي ۾ گذريل چئن سالن کان پي سي او هلائيندو آهيان ڪابه سرڪاري يا پرائيويٽ نوڪري نه آهي، ڪرڪيٽ منهنجو شوق ۽ پي سي او جو دڪان هلائڻ منهنجو روزگار آهي.

نسيم بخاري: ون ڊي ڪرڪيٽ مئچ دوران اوهان جي ٽرپل سينچري واري خبر ڏسندي ئي ڏسندي بين الاقوامي ميڊيا جو موضوع ڪيئن بڻي؟

بلال ارشاد: پي سي بي وارن منهنجي شيٽ ٺاهي ان حيرت انگيز ۽ دلچسپ رڪارڊ جي خبر جڏهن جيو چئنل وارن کي پئي ته انهن هيڊ لائينز ۾ خبر هلائي، ٿوري تفصيل به ڏني. باقي ٻين سمورن ملڪي ۽ غير ملڪي چئنلن توڙي اخبارن مٿي ڄاڻايل هڪڙي چئنل کي فالو ڪيو آهي.

نسيم بخاري: ٽرپل سينچري واري اعزاز ملڻ کانپوءِ پي سي بي توهان لاءِ ڇا ڪيو آهي. مقامي انتظاميه يا ڪنهن عالمي فورم توهان سان رابطو ڪيو آهي؟

بلال ارشاد: پي سي بي منهنجي ٽرپل سينچري جي حوالي سان هڪ ٽوئيٽ هلايو. جڏهن ته رابطو ڪري مون بابت هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪرڻ ۽ مون کي شيلڊون توڙي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو چيو آهي. مقامي سطح تي انتظاميه چونڊيل نمائندن، اين جي اوز يا سول سوسائٽي ڪٿان به ڪا اتساهيندڙ قدر شناسي ڪونه ڪئي آهي. ڪرڪيٽ آرگنائيزر سيد زوهيب حسين شاهه پنهنجي پاران 50 هزار رپين جو ڪيش پرائز انعام ڏنو آهي.

نسيم بخاري: ڪرڪيٽ سميت راندين جي مختلف شعبن ۾ نوجوانن جي ڪيتري دلچسپي آهي ۽ انهن لاءِ ڪيتري سازگار فضا موجود آهي؟

بلال ارشاد: نوجوانن ۾ حوصلو آهي، محنت ڪن ٿا پر انهن جي گهرجن موجب مناسب ماحول نه آهي. وسيم اڪرم سپر اسٽار فاسٽ بالرن جي ڪئمپ ڪرائي ان ۾ تنگواڻي جي سنڌي نوجوان فراز کوسي ٽاپ ڪيو. مشهور ڪرڪيٽر وسيم اڪرم هن کي پنهنجو فخر قرار ڏنو، پر بعد ۾ ڪا موٽ، ڪو اتساهه، ڪا آڪسيجن ڏسڻ ۾ نه آئي. اهڙيءَ ريت آغا جاويد پاڪستان انڊر نائنٽين ليول تي پرفارم ڪيو هو. مجاهد سولنگي مشهور رانديگر رهيو آهي. شڪارپور سان تعلق رکندڙ نصرالله ميمڻ جو مثال موجود آهي. همت رضا جي ڪهاڻي به ڪنهن کان ڳجهي نه آهي، ڪجهه ميرٽ ۽ زياده سفارش جي بنياد تي کيڏايو ويندو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي رانديگرن کي تمام گهٽ قومي ٽيم ۾ موقعو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اهڙا مثال به موجود آهن ته سندن ڪوٽا تي پنجابين ۽ پٺاڻن کي کيڏايو ويندو رهيو آهي. پي سي بي جو خيال آهي ته سنڌي نوجوان ڊوميسٽڪ ۾ نٿا پهچن جنهن جي ڪري اهي اڳتي نٿا اچن. ٻه سال پهرين ڪراچيءَ ۾ ٽي-20 ٽورنامينٽ ٿيو هو جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ٽيم به هئي. لاڙڪاڻي جي ٽيم جي ڪئپٽن زاهد محمود سڄي ٽورنامينٽ ۾ بهترين بالنگ ڪندي پنجن مئچن ۾ 20 وڪيٽون ورتيون. ان موقعي تي وقار يونس ۽ ليجنڊ پليئر سعيد انور زاهد محمود کي شاهد آفريدي جونيئر جو لقب ڏنو هو. هي اهو وقت هو جو پاڪستاني ٽيم کي ليگ اسپنر جي سخت ضرورت هئي. هڪ اميد جاڳي هئي ته سنڌي رانديگر به پاڪستاني ٽيم جو حصو بڻبا. پر جڏهن اهو موقعو ۽ مهل آئي ته صورتحال ئي تبديل ٿي وئي. زاهد محمود کي موقعو ڏيڻ بدران ڪنهن سفارشي ۽ من پسند ماڻهو کي موقعو ڏنو ويو.

نسيم بخاري: آءِ سي سي چئمپين ٽرافي ۾ پاڪستان جي فتح کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

بلال ارشاد: تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. پاڪستان جي چئمپين ٽرافي جي فتح نون ۽ نوجوان رانديگرن جي شموليت ۽ انهن جي بهترين پرفارمنس جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. ان جو مثال نوجوان نئون اوپنر فخر جي ڪارڪردگي فائنل مئچ ۾ سينچري سڄي مئچ کٽائڻ جو سبب بڻي. تنهنڪري نوجوان ٽئلنٽڊ رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي.

نسيم بخاري: اوهان قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شموليت لاءِ ڪا جستجو ڪئي آهي؟

بلال ارشاد: جي ها 2010 ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ انڊر نائنٽين جي ٽيم جي سليڪشن لاءِ مون کي گهرايو ويو. جيئن ته مان 2010 ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر نائنٽين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شڪارپور ڊسٽرڪٽ جي ٽيم ۾ کيڏي رهيو هئس ۽ ڪپتان هئس. مون لڳاتار ٽي سينچريون ٺاهيون، مون کي پي سي بي ورلڊ ڪپ جي ٽرائل لاءِ ملتان گهرايو. اتي مان 20 ڄڻن ۾ شامل هئس. اتان لاهور ۽ بعد ۾ اسلام آباد ۾ فائنل 15 جو اسڪواڊ ٺاهيو ويو. پاڪستان جي انڊر نائنٽين ٽيم ۾ مون کي سليڪٽ نه ڪيو ويو.

نسيم بخاري: ٽرپل سينچري کانپوءِ توهان جي بين الاقوامي پذيرائي ۾ ڪنهن بنيادي ڪردار ادا ڪيو يا نه؟

بلال ارشاد: منهنجي بين الاقوامي پذيرائي ۾ زي ٽي وي، اين ڊي ٽي وي، ايڇ پرنٽ جا وڏا ادارا هندستان ٽائمز، ٽائمز آف انڊيا، هئڊو، سياست، جنگ ۽ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. يو ٽيوب تي 50 کان وڌيڪ پوسٽون ۽ وڊيوز پڻ رکيون ويون آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شڪارپور جو نالو لڳ ڀڳ جهان ۾ روشن ٿي ويو آهي.

نسيم بخاري: چئمپين ٽرافي کٽيندڙ ٽيم لاءِ وزيراعظم طرفان هڪ هڪ ڪروڙ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آصف قمر باجوا پاران عمرو ڪرائڻ، مشهور بلڊر ملڪ رياض پاران ٽيم جي هر ميمبر لاءِ 10 لک رپين ۽ پلاٽن جي انعام کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

بلال ارشاد: اها ساراهه جوڳي ڪوشش آهي. اهڙا اتساهيندڙ رويا صلاحيتن کي اڀارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن جن جو دائرو اڃان به وسيع ٿيڻ گهرجي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هزارين ۽ لکين باصلاحيت نوجوان موجود آهن جن کي گهربل آٿت، سازگار ماحول ۽ قدر شناسي جي ضرورت آهي.

نسيم بخاري: توهان نوجوانن ۽ وسوارن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

بلال ارشاد: نوجوانن لاءِ پيغام اهو آهي ته اهي وڌ کان وڌ محنت ۽ توجهه سان کيڏن. شڪايتن ڪرڻ بدران شڪايتن دور ڪرڻ وارا ثابت ٿين. پاڻ کي سڃاڻن، پنهنجي صلاحيتن کي ضايع ٿيڻ کان بچائين. هڪ هڪ منٽ جو قدر ڪن، زندگيءَ کي نظم و ضبط ۽ ٽائيم ٽيبل سان گذارين. وسوارن لاءِ پيغام اهو آهي ته اهي نوجوانن جي لاءِ جسماني، دلي ۽ روحاني سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نت نوان راندين جا جديد وسيلا ۽ ماحول فراهم ڪن ته جيئن اهي ڏوهن، جهالت ۽ انتها پسندي جهڙن خطرناڪ طوفانن کان محفوظ رهي سگهن. اڄوڪي دور ۾ نامناسب حالتن سبب نوجوان مختلف مافيائن هٿان نهايت آسانيءَ سان شڪار ۽ يرغمال ٿي وڃن ٿا. شروع شروع ۾ ته کين پتو ئي نٿو پوي ته اهي ڪهڙي ڌٻڻ طرف وڃي رهيا آهن پر بعد ۾ جڏهن کين معاملن جي سنگينيءَ جو پتو پوي ٿو ته انهن لاءِ واپسي جي واٽ ئي نٿي بچي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌ کان وڌ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ۽ ڏاڍي محتاط زندگي گذاري وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته وڏن شهرن جيان ننڍن شهرن جي با صلاحيت نوجوانن تي به ڌيان ڏنو وڃي. هڪ ته مختلف راندين جي شعبن کي گراس ليول کان اتساهيو وڃي، ٻيو ته ان حوالي سان گهربل انفرااسٽرڪچر کي به يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان رڳو سرڪار تي ڀاڙڻ به ٺيڪ نه آهي. سول سوسائٽي، ڪاروباري ماڻهو ۽ اين جي اوز کي به اڳيان اچڻ گهرجي. 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments