ڪشمور ۾ فوڊ سينٽر تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو
ڪشمور ۾ فوڊ سينٽر تي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو هنيو، فرسٽ سول جج عبدالوحيد عباسي جي نگراني ۾ اينٽي ڪرپشن ڪشمور ٽيم پي آر سي خوراڪ سينٽر تي ڇاپو هنيو
اينٽي ڪرپشن ٽيم موجب، فوڊ سينٽر جي انسپيڪٽر عبدالرزاق ڪلوڙ سال 2020/21 جي ڪڻڪ خريداري ۾ 35ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ڇاپي دوران سينٽر تي ڪو به عملدار موجود نه هو جنهن ڪري ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي