ڪلاسيڪل ڪلاڪارمظهر حسين کان (سيپٽمبر 2017) ۾ ورتل انٽرويو

سنڌ اها ڌرتي آهي جتي سُر ٻڌي سِر ڏنو ويو آهي

ڪلاسيڪل ڪلاڪارمظهر حسين کان (سيپٽمبر 2017) ۾ ورتل انٽرويو

ناصر قاضي

 

ناصر قاضي: خانصاحب استاد بيبا خان، استاد اميد علي خان، استاد منظور علي خان يا انهن شخصيتن کان به اڳ کان وٺي اڄ تائين گواليار گھراڻي جون سنڌي موسيقيءَ جي ميدان

۾ اڻٿڪ ۽ ساراهه جوڳيون محنتون سرانجام ڏنل آهن، همسري جي پڙهندڙن کي اوهان پنهنجي خاندان متعلق پيرائتو احوال ڏيندا؟

مظهر حسين: سڀ کان پهريان ته آئون ماهوار “همسري” سٿ جو بيحد شڪرگذار آهيان، جنهن مون کي پنهنجي پڙهندڙن سان هم ڪلام ٿيڻ جو موقعو ڏنو. هن گھراڻي جو هڪ طويل سفر آهي، جيڪو محمود غزنويءَ جي دور کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن اڄوڪو گواليار خاندان اڃان هندستان نه پهتو هو، محمود غزنويءَ يارهين صدي عيسويءَ ۾ هندستان تي ڪاهَه ڪئي، جنهن سان گڏ اسان جي خاندان جا بزرگ پڻ هندستان آيا هئا. ان وقت اهو دستور هو ته جڏهن ڪو بادشاهه ڪٿي ڪاهَه ڪندو هو ته ان سان گڏ صرف سپاهه نه بلڪه ان ملڪ جا اديب، دانشور، مذهبي اڳواڻ، ڪلاڪار توڙي موسيقار به لڏي پلاڻي گڏ ايندا هئا. اتان کان اسان جي خاندان جي هجرت جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن کانپوءِ اسان جي خاندان جا بزرگ هندستان جي “گواليار” واري خطي ۾ اچي آباد ٿيا، جتان جي هڪ بزرگ “سائين غوث گواليار” سان اسان جي خاندان جي نسبت آهي، ان نسبت سان ئي اسان جي گھراڻي تي “گواليار گھراڻي” جو نالو پيو. چيو وڃي ٿو ته“سائين غوث گواليار” تانسين جو به استاد هو. اسان جي خاندان جي بزرگن جي مرشدي ۽ مريديءَ واري نسبت پڻ سائين سان رهي آهي. جيئن ته 1947ع کان اڳ انڊو-پاڪ هڪ ئي ديس هوندو هو، جنهنڪري اسان جا وڏا هاڻوڪي پاڪستان پڻ ايندا رهندا هئا، جتي سندن طريقت جو رشتو خواجه غلام فريد رح جن سان پڻ منسوب ٿيو. ورهاڱي کان اڳ جڏهن ڪراچي کي اڃان مرڪز واري حيثيت حاصل ڪونه هئي تڏهن اتر سنڌ جي شهر شڪارپور کي ئي مرڪز سمجھيو ويندو هو، جتي جا هندو راڳ جا وڏا شوقين هوندا هئا ۽ ڪلاسيڪل راڳ جون وڏيون وڏيون محفلون منعقد ڪرائيندا هئا، جتي ڪلاسيڪل راڳ جا “هانڊا” لڳندا هئا، انهن کان علاوه رياست خيرپور ۾ وري ميرن پاران محفلون پڻ ٿينديون هيون، انهن محفلن ۾ اسان جي گھراڻي يعني گواليار گھراڻي جي بزرگن کي به هندستان مان شڪارپور ۽ خيرپور دعوت ڏني ويندي هئي، جتي سنڌ پاران اسان جي گھراڻي کي بيحد محبتون مليون. انهن ڏينهن ۾ سفر اڻانگو هوندو هو ۽ محدود وسيلا ۽ سواريون هونديون هيون، جنهنڪري اسان جي وڏن هندستان کان سنڌ طرف آهستي آهستي لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ مستقل طور سنڌ ۾ هليا آيا. انهن ڏينهن ۾ اسان جي خاندان جو سڀني کان وڏو بزرگ هو، خانصاحب استاد شادي خان، جيڪو سڀ کان اول سنڌ لڏي آيو ۽ جيڪو خانصاحب استاد گامڻ خان جو والد صاحب هو، خانصاحب گامڻ خان وري خانصاحب استاد بيبا خان جو والد صاحب هو، استاد بيبا خان وري استاد نياز حسين جو والد صاحب هو ۽ استاد نياز حسين وري اسان جو يعني مان (مظهر حسين)، منهنجي ڀائرن (ميان نذر حسين، پروفيسر ذوالفقار علي ۽ امانت علي) جن جو والد صاحب هو، هاڻي ڳاڻيٽو ڪجي ٿو ته اسان جي هيءَ ڇهين پيڙهي سنڌ ۾ آباد آهي. هينئر خانصاحب استاد شادي خان ۽ سندس فرزند خانصاحب گامڻ خان جن جون مزارون به شڪارپور کان جيڪب آباد روڊ تي واقع “چڻگي پير” جي مقام ۾ آهن. سنڌ ۾ سڀ کان اول شڪارپور ۾ اچي اسان جا وڏڙا آباد ٿيا ۽ زندگيءَ جو گھڻو عرصو اتي ئي گذاريائون. جتان وري هجرت ڪري ڪجھه ٽنڊي آدم ۾ ته ڪجھه وري ڪراچي، جڏهن ته اسان جو ڏاڏا سائين استاد بابا بيبا خان شڪارپور مان اٿي، حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو، بابا بيبا خان کي حيدرآباد ڏاڍو پسند هوندو هو، هو چوندا هئا ته “حيدرآباد غريبن جو شملو آهي..!!” منهنجو والد صاحب استاد نياز حسين پڻ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جو نامور موسيقار هو، جنهن جا موسيقيءَ ۾ چوڏهن استاد هئا. استاد نياز حسين موسيقيءَ جو هر ساز تمام گھڻي مهارت سان وڄائيندو هو بابا سائين کي شاهه سائين جي راڳ سان عشق هو. ان ڏس ۾ عملي طور تي 1968ع کان وٺي 1973ع تائين بابا سائين ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب گڏجي شاهه سائين جي ٽيهن ئي سُرن کي آسان ڪرڻ جو جيڪو ڪٺن ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان کي مڪمل ڪيائون. سندن ڪيل محنت تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي. جنهن جي موٽ ۾ منهنجي والد صاحب استاد نياز حسين کي(First music translator of the shah Abdul latif Bhittai) جو لقب پڻ مليو. بابا سائين موسيقار هجڻ سان گڏ هڪ بهترين خطاط پڻ هو. اسان جي والده محترمه جي اها خواهش هئي ته سندس ٻار اول اعلى تعليم حاصل ڪن، ان جي خواهشن ۽ دعائن جي نتيجي ۾ اسان سڀئي ڀائر، جن مان ادا ذوالفقار “ماس ڪميونيڪيشن” جي مضمون ۾ ٽاپ ڪيو. مون بي. ايس. سي ميٿاميٽڪس سان گڏوگڏ آءِ. آر جي سبجيڪٽ ۾ ايم. اي ڪئي، ادا نذر حسين ٻه ڀيرا ايم. اي ڪئي ۽ هينئر اسپيشل ايجوڪيٽر آهن، اسان جو چوٿون ڀاءُ امانت علي اليڪٽريڪل انجنيئر آهي. 1993ع ۾ “بين الاقوامي تعلقات” جي مضمون ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪيم، 1990ع کان 1999ع تائين 9 سال مون وفاقي حڪومت جي هڪ اداري ۾ معذور ٻارن کي راڳ سيکارڻ جي نوڪري پڻ ڪئي. موسيقي ۾ منهنجو استاد ۽ رهبر منهنجو بابا سائين آهي، پوءِ مان ۽ ادا ذوالفقار علي خان پنهنجي چاچا سائين استاد فدا حسين خان جا شاگرد ٿياسين. استاد فدا حسين خان لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته اسان جي ڏاڏي سائين خانصاحب استاد بيبا خان جا راڳي  جانشين هئا. 1975ع کان ريڊيو پاڪستان تي 9 سالن جي عمر ۾ منهنجو ڪيريئر شروع ٿيو، ان پروگرام ۾ مون جڳ مشهور ٻاراڻو ٻول “واهه ڙي تارا گول تارا،  ڳايو هو، جنهن تي مون پاڻ ڍولڪ وڄائي هئي. ان وقت ريڊيو تان مون کي سورهن رپين جو چيڪ مليو هو، جيڪو مون اڄ تائين سانڍي رکيو آهي. 10 سالن جي عمر ۾ آپا سلطانه صديقي روشن تارا پروگرام ۾ ٽي وي تي متعارف ڪرايو. 1999ع کان 2002ع تائين مان آمريڪا ۾ رهيس ۽ مغربي موسيقي تي مون ڪم ڪيو، ان عرصي دوران مون هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان سانا ڪنوينشن ۾ ڪم ڪيو ۽ اتي وائيس آف آمريڪا ۾ به ڪم ڪيم.  

ناصر قاضي: شاهه سائين کان وٺي موجوده دور تائين سنڌي موسيقيءَ کي ڪيترن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو؟

مظهر حسين: شاهه صاحب کان وٺي موجوده دور تائين ان جا ڪافي حصا ٺهي ٿا وڃن. بنيادي طور تي ائين آهي جو جيڪي به اسان جي ننڍي کنڊ جا راڳ آهن، سڀني جو فارمولا ساڳيو آهي جيڪو ڪلاسيڪل آهي پر راڳ جي ابتدا لوڪ موسيقيءَ کان آهي. وري جڏهن اهو پنهنجون منزلون طئي ڪندو ترقي ڪندو ٿو اچي تڏهن اهو ازخود ڪلاسيڪل ٺهي ٿو وڃي. ڪلاسيڪل موسيقي جو وري هڪ گرامر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪابه شيءِ بنا گرامر جي هلي نٿي سگھي، پوءِ ڇونه اها ٻولي يا راڳ هجي. هاڻي راڳ جي گرامر تي جڏهن اسين اينداسين ته اها گرامر ستن سُرن تي آڌاريل ملندي، جيڪي اسان کي ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ ٿا ملن. ڪلاسيڪل ۾ جيڪي ست سر ملن ٿا، انهن ستن سُرن تي ئي سموري منزل ٺهي ٿي. انهن سُرن مان ئي ڀيروي ۽ ڀيروي جا ٻيا چارئي قسم (هندستاني ڀيروي، عربي، مصري ۽ سنڌي ڀيروي) ٺهن ٿيون، انهن مان ئي درٻاري ٺهي ٿي يا ٻيا راڳ ٺهن ٿا. اهي ست ئي سُر ساڳيا آهن، پر هر ڪلاڪار ۽ موسيقار جو انهن سرن جي لڳائڻ جو انداز پنهنجو آهي. سنڌي راڳ کي به جيڪڏهن اسين ورهايون ته شاهه سائين جي راڳ کان وٺي اڄ تائين جيڪڏهن ان کي مرحليوار ٿا ڪيون ته سندس راڳ جيڪو ڪالهه هو، اڄ به ساڳيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو راڳ سينا به سينا ايندو ٿو رهي، ظاهر آهي ته ان ۾ ٿوري گھڻي تبديلي ايندي رهي ٿي. مان ائين ضرور چوندس ته شاهه جي راڳ جي لوازمات پٽاندر هڪ مڪمل گرامر ھجڻ گھرجي. منهنجي خوشقسمتي آهي جو شاهه جو راڳ مون کي گهر ۾ مليو. مان 1975ع کان وٺي شاهه جي راڳ سان ئي سلهاڙيل آهيان. اسان کي اسان جي بابا سائين استاد نياز حسين ننڍپڻ ۾ ئي سنجيدگيءَ سان شاهه جي راڳ طرف راغب ڪيو. بابا سائين وٽ خانداني ڪلاسيڪل راڳ هو، ايتري قدر جو بابا سائين جو هڪ استاد رمضان صاحب هو، جيڪو برطانيه کان ڪواليفائيڊ هو، ان کان بابا سائين مغربي راڳ جي تربيت پڻ حاصل ڪئي. پوءِ به بابا سائين دنيا جا سڀ راڳ هڪ پاسي رکي ڪري مغربي گھرجن مطابق شاهه سائين جي راڳ کي لکيو،  تنهن بعد بابا سائين جي تمام گھڻي ڪوشش هئي ته هو شاهه سائين جي راڳ جي گرامر ٺاهي، باقاعدي هن جا ڀاڱا ڪيا وڃن پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي. هاڻ ان جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌائيندي هن وقت شاهه سائين جي راڳ جي گرامر ٺاهڻ گھرجي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ سکيل ۽ صحيح ماڻهو ان ڪم کي اڳتي وڌائي ته بهتر ٿيندو. منهنجي ڏاڏي سائين خانصاحب استاد بيبا خان ڪلاسيڪل راڳ کي سنڌيءَ ۾ آندو، ان کي شاهوڪار ڪيو. گواليار خاندان جي گائيڪن کان اڳ، يعني اڄ کان ٻه سئو سال پوئتي هليو وڃجي ته سنڌ ۾ رڳو لوڪ گيت، ڪافي ڪلام ڳائبا هئا، مثال طور “پرچن شال پنهوار”، “سڌ نه سورن جي ڪل ڪا مون کي”، “يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي”، اهڙي نوع جا ڪلام تڏهن نه هوندا هئا. هاڻي اڳين لوڪ گيتن کان وٺي اڄ به ڳائجندڙ ڪافي ڪلامن تائين راڳ جي جيڪا شڪل ٺهي، ان ۾ خانصاحبن، استادن ۽ گوئين جون محنتون شامل آهن، جن راڳ کي شاهوڪار ڪيو، جن استادن لوڪ گيتن، ڳيچن کي ڇڏي تمام وڏن وڏن ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ کي ڪلاسيڪل انداز ۾ منظرِ عام تي آندو. جيئن “اچي حامي حسيني ٿي قلندر لعل مروندي“ يا “عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ” ان قسم جي ڪلامن تي استادن ۽ خانصاحبن محنت ڪئي، پوءِ رڪارڊنگ ڪمپنيون پڻ آيون پر بمبئي يا هندستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ اهڙين رڪارڊنگ ڪمپنين جو قيام عمل ۾ آيو، جن تائين صرف سرنديءَ وارن ڪلاڪارن جي رسائي ممڪن هوندي هئي، جيڪي انهن ڪمپنين تائين پهتا. نتيجو اهو نڪتو ته ان وقت وڏا وڏا ڪيئي آرٽسٽ، ڪلاڪار ۽ خانصاحب هئا، جيڪي اتي رسائي حاصل نه ڪرڻ ڪري منظر عام تي نه اچي سگهيا پر خوشقسمتيءَ سان خانصاحب بڙي غلام علي خان، استاد اميد علي خان، بابا بيبا خانصاحب، استاد مراد علي خانصاحب، الهڏنو نوناري، جيوڻي ٻائي، ماسٽر چندر، ڀڳت ڪنور رام صاحب ۽ ٻين ناميارن ڪلاڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا جيڪي عوام تائين رسائي حاصل ڪري سگهيا. ماضيءَ ۾ سهولتون ميسر نه هجڻ ڪري ڪلاسيڪل راڳ کي عام ڪرڻ ۾ خانصاحب ڪلاڪارن جون پنهنجون ذاتي ڪوششون به ساراهه لهڻن، جن پنهنجي وسيع نظريءَ سان سنڌي جي وڏن وڏن شهرن کي پنهنجو مسڪن بڻايو. جتان ڪيترن ئي شاگردن فائدو حاصل ڪيو ۽ اهڙي ريت ماضيءَ ۾ ڪلاسيڪل راڳ عام ٿيو. اهڙو وقت به آيو جو جڳاڙ جي بنيادن تي ڳايل ڌنن تي شاعري ڳائجندي رهي ۽ اصل شيءِ سکڻ، ان کي سمجھڻ جو رجحان ڏينهون ڏينهن گھٽجندو رهيو، جنهن عمل جا اثر اڄ به ميڊيا تي نمايا نظر اچن ٿا. سنڌي راڳ جيترو اڄ کان ٽيهه/چاليهه سال اڳ شاهوڪار هو، اڄ ناهي رهيو. نتيجي طور ائين چئجي ته شاهه سائين کان وٺي اڄ تائين راڳ جو سفر ڪمزور نظر اچي ٿو.

ناصر قاضي (ميڊم زاهده پاران پڇيل سوال): ان کوٽ کي هن وقت ڪيئن پورو ڪري سگھجي ٿو يا سنڌي موسيقيءَ کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل توهان جي نظر ۾ ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟

مظهر حسين: منهنجي نظر ۾ ان مسئلي جو واحد حل اهو آهي ته حڪومتون ۽ ادارا جيڪڏهن سرپرستي ڪن ۽ صحيح سکيل، سنجيده، ڄاڻ رکندڙ ۽ پروڙيل ماڻهن جي سرپرستيءَ ۾ موسيقيءَ جا ادارا قائم ٿين ته ان کوٽ  کي ڪافي حد تائين منهن ڏيئي سگھجي ٿو. موسيقيءَ ۾ صحيح ۽ قابل ماڻهن تي هٿ رکي، انهن جي حڪومتن پاران سرپرستي ڪري، راڳ کي عام ڪجي ته سنڌ جي اصل نج راڳ جو بچاءُ ٿي سگھي ٿو. ان ڏس ۾ ڀيڻ سسئي پليجو اڳوڻي وزير ثقافت کيرون لهڻي، جنهن ماضي ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو، هن ميوزڪ اسڪول کولرايا پر ٻن سالن جي ٿوري عرصي ۾ سندس وزارت جي پڄاڻيءَ تي هر شيءِ ختم ٿي وئي. 2012ع ۾ ادي سسئي جي وزارت واري دور ۾ “مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد” جي عمارت ۾ “مهراڻ ميوزڪ اسڪول” کليو، ان کان اول ادي سسئي پليجو سان دبئي ۾ منهنجي ملاقات ٿي، جتي آشا چاند سنڌين جو تمام وڏو پروگرام منقعد ڪرايو هو، جنهن ۾ اسين به شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هئاسين، جتي ادي سسئي پليجو چيف گيسٽ هئي، مانيءَ دوران ادي سسئي پليجو مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته: “ادا! ڪو اهڙو طريقو ٻڌايو جو سنڌ ۾ راڳ جو اسڪول جلدي قائم ٿي سگهي”، مون چيو ته: “ادي! گھڻي عرصي ۾ ٺهي؟”، “چيائين” هڪ سالَ ۾“مون چيو” ادي! ڇهن مهينن ۾ ٺهي ويندو، پوءِ 2012ع ۾ ادي سسئي جي وزارت واري دور ۾ “مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد” جي عمارت ۾ “مهراڻ ميوزڪ اسڪول” کليو، جنهن جو نقشو مون سان گڏجي ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي صاحب ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽريءَ روشن قناصري صاحب ڊزائين ڪيو، جنهن ۾ ٽي فيڪلٽيون راڳ، ساز ۽ لوڪ ڊانس مقرر ڪيون سين، تمام گھڻي محنت ڪئي سون. ڇهن مهينن ۾ يارهن سئو شاگردن جون درخواستون وصول ٿيون، جنهن مان ٻه سئو شاگردن کي چونڊيو ويو، ثقافت کاتي پاران انهن شاگردن لاءِ چار هزار رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو، جيڪو کين ڪيترن ئي مهينن تائين ملندو رهيو. ان اسڪول جو نتيجو ڪجھه هيئن نڪتو جو ٻه سيشن ڪاميابيءَ سان هليا، پوءِ ادي سسئي پليجو جي وزارت ختم ٿي وئي، عزيز عقيلي صاحب آسٽريليا هليو ويو، ميوزڪ اسڪول کي تالا لڳي ويا ۽ سموري ٽيچنگ فيڪلٽي جون پنجن مهينن جون پگھارون رڪجي ويون، جيڪي اڄ تائين رڪيل آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو اهڙي دستاويزي انداز ۾ ڊزائين ڪيل اسڪول سنڌ ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ شاگردن کي به سکڻ جا پئسا ملندا رهيا. اتي مون پنهنجي ٽيم سان گڏجي، پنهنجي اداري يعني “سر سوسائٽي” کي پاسي رکي، ميوزڪ اسڪول لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. اتان جا شاگرد اڄ به سنڌ جا سٺا آرٽسٽ آهن. بدقسمتيءَ سان ٻه سيشن ڪاميابيءَ سان هليا، پوءِ اسڪول بند ٿي ويو، اڄ پنجن سالن بعد به اسان جون پگھارون رهيل آهن، ان وچ ۾ اسين ثقافت کاتي جي ڪيترن ئي سيڪريٽري صاحبان کي پگھار لاءِ درخواستون پڻ ڏئي چڪا آهيون، پر جواب اهو ئي مليو ته “جيڏانهن ويون ٻيڙيون، تيڏانهن ويا ملاح” بهرحال نج سنڌي موسيقيءَ جي فقدان کي صرف حڪومتن ۽ ادارن جي سرپرستي سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. ادارا راڳ جي سرپرستي ڪن، اهي ان مسئلي طرف سنجيدگيءَ سان سوچين ۽ صحيح سکيل ۽ پروڙيل ماڻهن جي سرپرستيءَ ۾ موسيقيءَ جا ادارا قائم ٿين ته ان کوٽ کي پورو ڪري سگھجي ٿو.

ناصر قاضي: جديد موسيقي سان يڪدم “پاپ ميوزڪ” ڏانهن ڌيان ڇڪجيو وڃي، ڇا ڪلاسيڪل راڳ ۾ جدت آڻي، ان کي “جديد موسيقي” نٿو چئي سگھجي؟ جيئن شاعريءَ جي ميدان ۾ شيخ اياز ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اهم صنف “بيت” ۾ جدت آندي.

مظهر حسين: بنيادي طور تي شروع کان وٺي اڄ تائين ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا چوڏهن نمونا يا قسم آهن، پر هاڻي وري ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هڪ نئون انداز يا نئين صنف کڻي چئجي، هندستان مان متعارف ٿيو آهي، جنهن کي “ڇوٽا خيال” چون ٿا، ڇوٽي خيال جو دورانيو ٽن کان پنجن منٽن جو ٿئي ٿو. ڪنهن دور ۾ ڪلاسيڪل خيال ته ڪلاڪن تي محيط هوندو هو. پوءِ ان کي اڌ ڪلاڪ جو ڪلاسيڪل اسم بڻايو ويو، اسان جي سامهون ئي اهو ڪلاسيڪل اسم پندرهن منٽن جو ٿي ويو، هاڻ هندستان وارن اهو ڇوٽو خيال ٽن کان پنجن منٽن جو رکيو آهي. هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته “پاپ ميوزڪ” ۽ “ماڊرن ميوزڪ” ۾ وڏو فرق آهي، “پاپ ميوزڪ” کي مان غير مهذب موسيقي چوندس جيڪا ڪجھه وقت اڳ مغربي ملڪن ۾ ڇڙواڳ جپسي ڳائڻا ڳائيندا هئا پر انهن ملڪن جو به پنهنجو پنهنجو ڪلاسيڪل راڳ آهي، برطانيه، آمريڪا توڙي ٻين ملڪن جي به ڪلاسيڪل ميوزڪ آهي، جيڪي اتان جا پڙهيل لکيل ۽ مهذب ماڻهون اپنائين ٿا ۽ اتان جا مهذب ٻڌندڙ به ڪلاسيڪل موسيقي کي پسند ڪن ٿا.  هاڻي اچون ٿا “جديد موسيقي” ڏانهن، جيڪا سنڌيءَ ۾ به آهي، اردو ۾ به آهي، ڇا غزل جديد ناهي؟ ڇا هائيڪو جديد ناهي؟ ڇا بيت کي جديد صنف نٿا چئي سگھون؟ اهڙي طرح اسين به پنهنجي موسيقيءَ جي لوازمات اندر رهي ڪري موسيقي کي جديد بڻايون ٿا ۽ بڻايو آهي. توهان منهنجي بابا سائين جي ڪمپوز ڪيل شيخ اياز جي جڳ مشهور وائي “ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل الو ميان” جو ئي مثال وٺو، اها وائي هوبهو شاهه سائين جي وائي جي انداز ۾ جديد ڪري دوگاني جي انداز ۾ علڻ فقير ۽ جيجي زرينه بلوچ کان بابا سائين ڳارائي، جيڪو شاهه سائينءَ جي وائيءَ واري اسلوب ۾ جدت جو هڪ بهترين مثال آهي پر جڏهن به جدت طرف تحقيق ڪجي ٿي ته ان وقت پنهنجي فريم يا اسلوبَ کي اختيار ڪرڻ نهايت ضروري آهي. چيخون ڪري ڳائڻ جديد موسيقي ناهي.

ناصر قاضي: شاهه سائين جي اهم ساز تنبوري جي وڄت صرف پنجن ماترائن واري چئنچل تارَ تائين محدود رهي آهي، ڇا تنبورو ٻين ٺيڪن، مثال طور دادري، جپ تار، ڪيروا سان نٿو هلي سگھي؟ موهن ڀڳت تنبوري کي اٺن ماترائن ۾ به ڪتب آندو، ان لاءِ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

مظهر حسين: پهرين ته اها وضاحت ڪندو هلان ته تنبورو هڪڙي تالَ تائين محدود ناهي، ان جا ٻه رڌم آهن، وايون جيڪي به آهن، ان جا ٻه رڌم آهن، جن مان هڪڙي تالَ پنجن ماترائن تي آهي ۽ ٻي اٺن ماترائن تي آهي (ٻئي رڌم ٽيبل تي وڄائي ۽ زبان سان اچارينيدي سمجھائيندي) جيڪي ٻئي تارون شاهه سائين ئي آنديون پر هن ۾ بابا سائين استاد نياز حسين سڀئي تالَ استعمال ڪيا آهن، جن ۾ پنج ماترا ۽ گڏوگڏ محرم جي رڌم جا ڏهه ماترا به ڪتب آندا ويا آهن. منهنجي وڏي ڀاءُ استاد ذوالفقار عليءَ، شاهه سائين جي هڪ وائي ڪمپوز ڪئي آهي، جنهن ۾ هن رڌم جا نو ماترا ڪتب آندا آهن، ان کان علاوه ڇهن ماترائن ۾ به وائي ٺاهي وئي آهي. اهو موسيقار تي ئي منحصر آهي پر اهو ڪم اهو ئي موسيقار ڪري سگھي ٿو، جنهن کي ڪلاسيڪل موسيقي ۽ شاهه جي راڳ جي الف کان ي تائين مهارت حاصل هجي. مطلب اهو نڪتو ته دنيا جي ڪنهن به تال ۾ اها شيءِ يعني شاهه جي وائي ٺهي سگھي ٿي. 

ناصر قاضي: سنڌي فلمن جي جمود يا زوال جو اهم ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ڇا وري اڳ جهڙيون سدا بهار سنڌي فلمون هاڻي تيار ڪري نٿيون سگهجن، جڏهن ته ابلاغي حوالي سان هينئر جديد سهولتون پڻ موجود آهن.

مظهر حسين: منهنجي نظر ۾ ان جا ٻه ٽي اهم ڪارڻ آهن، هڪ ته قانون ۽ ضابطو جي صورتحال ان جو اهم ڪارڻ آهي، في الحال سنڌي فلم انڊسٽر نه پر اردو فلم انڊسٽري تي پاڻ ڳالهايون ٿا ته ڇو تباهه ٿي وئي؟ ڇاڪاڻ ته امن امان جي حوالي سان هتان جون حالتون ٺيڪ نه هيون، 80ع واري ڏهاڪي کان ڪراچيءَ جا لساني فساد ۽ بدامني اهم سبب آهن. جيئن ته ڪراچي سڄي ملڪ جو معاشي حب آهي، ان شهر جو امن يا وڳوڙ پوري ملڪ مٿان اثر انداز ٿئي ٿو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ بدامني ۽ لساني فساد وڌي ويا ته ڪيترن ئي طبقن جي ماڻهن هتان کان لڏپلاڻ کي بهتر ڀانيو، جنهنڪري اردو فلم انڊسٽريءَ تي به ناڪاري اثر پوڻا هئا. ساڳئيءَ ريت ئي سنڌي فلم انڊسٽريءَ تي به اهڙا ئي ناڪاري اثر پيا.

ناصر قاضي: توهان سنڌ کان وٺي ست سمنڊ پار آمريڪا جي موسيقيءَ جي ميدانن تائين وڃي چڪا آهيو، هر هنڌ جي موسيقي ٻڌي چڪا آهيو، اوهان عملي طور هر هنڌ جي موسيقي ڏسي ۽ ٻڌي آيا آهيو، هتان جي موسيقي ۽ ٻين ملڪن جي موسيقيءَ ۾ اوهان ڪو فرق يا اسلوب ۾ تفاوت محسوس ڪيو، جنهن جو پيرائتو احوال ڏيندا.

مظهر حسين: اصل ۾ ڇا آهي ته هندستان يا پرڏيهه ۾ موسيقي نصاب ۾ شامل آهي پر اسان وٽ اڃا تائين اهو طئي نه ٿيو آهي ته موسيقي علم آهي، فن آهي يا رڳو دلچسپيءَ جو سامان آهي….!!! پر ٻاهرين ملڪن هندستان، برطانيه، آمريڪا ايتري قدر جو بنگلاديش ۾ به ميوزڪ هڪ سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي ٿو، جتي موسيقيءَ ۾ باقاعده گريجوئيشن ٿيندي آهي، تان جو انهن ملڪن ۾ موسيقيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي پڻ ٿيندي آهي. نه صرف ايترو پر ٻاهرين ملڪن ۾ ميوزڪ جي شاگردن لاءِ نوڪريءَ جا موقعا پڻ ميسر آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ائين ناهي، اسان وٽ ميوزڪ جا وڏا وڏا آرٽسٽ بيروزگار آهن ۽ اهي ڪثر مفلسيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي. حالانڪه اسان جي سنڌ اها ڌرتي آهي، جتي رت ۾ راڳ آهي. سنڌ اها ڌرتي آهي، جتي سُر ٻڌي سِر ڏنو ويو آهي…!!!.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments