خاص

ڪميشن امتحان پاس ڪندڙ 35 ڊي ايس پيز کي پوسٽنگ ملي وئي

گهرو کاتي ڪميشن امتحان پاس ڪندڙ 35 ڊي ايس پيز جون مقرريون ڪري ڇڏيون آهن. مقرر ٿيل ڊي ايس پيز ۾ فائزا، هالار چانڊيو، شاهزيب ميمڻ، گل حسن ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ جي پهرين هندو ڊي ايس پي منيشا رپيتا به مقرر ٿيلن ۾ شامل آهي، جنهن کي به پوسٽنگ ملي وئي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 20 اپريل  2021 تي پاس ٿيل ڊي ايس پي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.