ڪنهن شهري کان گهر نه کسيو وڃي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور، مخالف ڌر جو احتجاج ۽ ڪاپيون ڦاڙيون ويون

نيسلا ٽاور سميت غير قانوني عمارتن جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد اتفاق راءِ سان منظور، قرارداد ۾ سپريم ڪورٽ کان فيصلن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ندا کهڙو طرفان نيسلا ٽاور جي حوالي سان پيش ڪيل قرارداد تي بحث ڪيو ويو. قرارداد ۾ حددخلين جي خلاف ڪارروائي بابت قانون ٺاھڻ جي درخواست ڪئي ويئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ انڪروچمينٽ جي خلاف ڪارروائي روڪي وڃي ۽ ڪنهن شھري کان گھر نه کسيو وڃي، قرارداد ۾ سپريم ڪورٽ کان فيصلن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي. قرارداد لاڳاپيل فورمز تي اماڻي ويندي. جڏھن ته سنڌ اسيمبلي ۾ نيسلا ٽاور ۽ حددخلين خلاف آپريشن جي مخالفت ۾ مهم خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن طرفان احتجاج ڪيو ويو. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments