ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب بند پيل تعليمي ادارا کلي ويا
ڪورونا وائرس سبب سڄي ملڪ ۾ بند پيل تعليمي ادارا اڄ کان کلي ويا آهن. رپورٽ موجب ڪورونا وائرس سبب بند پيل تعليمي ادارن ۾ اڄ کان تدريسي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ نائين کان 12 تائين جا ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن. تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل لازمي قرار ڏنو ويو آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. ٻئين مرحلي ۾ پهرين کان اٺين ڪلاس جا شاگرد پهرين فيبروري تي اسڪول ويندا. جڏهن ته يونيورسٽيون به پهرين فيبروري کان کوليون وينديون. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود 15 جنوري 2021 تي اعلان ڪيو هو ته پوري ملڪ ۾ تعليمي ادارا 18 جنوري کان مرحليوار کوليا ويندا. هن ٻڌايو هو ته نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جو تعليمي سلسلو 18 جنوري تي شروع ٿي ويندو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته جن ڪلاسن جي شروعات 25 جنوري تي ٿيڻي هئي هاڻ اها پهرين فيبروري کان شروع ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته هائر ايجوڪيشن جا تعليمي ادارا به پهرين فيبروري کان کوليا ويندا.

