ايڊيٽوريل

طاقت جو سرچشمو اشرافيه آهي

اسان کي سڀني جمهوري پارٽين اهو ٻڌايو آهي ته طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهي. حڪومتون عوام جي طاقت سان ٺهنديون آهن ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون آهن. پر، گذريل 76 سالن کان وٺي ملڪي طاقت جو سرچشمو اشرافيه رهي آهي. اشرافيه طاقتور ماڻهن جو اهو گروهه آهي جيڪو ملڪ جي مٿان حڪمراني ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي طاقت کي وڌائيندو رهي ٿو. انهيءَ گروهه ۾ اسٽيبلشمينٽ جا وڏا آفيسر پوءِ اها اسٽيبلشمينٽ فوجي هجي يا سويلين. اعليٰ عدالتن ۾ ويٺل جج صاحبان اهي سياسي خاندان جيڪي طاقت ذريعي اليڪشنون کٽي ملڪ تي حڪومت ڪن ٿا. ملڪ جا وڏا وڏا واپاري ۽ صنعتڪار هاڻي دورِ جديد ۾ انهيءَ ۾ هڪ ٻيو اضافو ميڊيا جي روپ ۾ ٿيو آهي. ميڊيا هائوسن جا مالڪ، نالا وارا اينڪر ۽ صحافي سڀ گڏجي ملڪ اندر طاقت جو مزو ماڻيندا رهن ٿا، پنهنجي مرضيءَ مطابق سهولتون حاصل ڪندا رهن ٿا. ملڪ جو باقي عوام انهن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو آهي. عوام جو ڪم اشرافيه جي خدمت ڪرڻ، انهن جي لاءِ مزدوري ڪرڻ ۽ انهن جي دلاسن ۽ آسرن تي اعتبار ڪرڻ.
ان تصوير جو ٻيو رخ ڏسون ته اسان کي عوام به ايترو ئي قصوروار نظر اچي ٿو، پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. اشرافيه انهيءَ کي ورهائي ۽ ويڙهائي ٿي ۽ هو ان ڄار ۾ ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي ڦاسائي ٿو. ملڪ جو عوام هن وقت مڪمل ورهائجي چڪو آهي. اڳواڻن جي نالي تي، سياسي پارٽين جي نالي تي، مذهب جي نالي تي، نسلن جي نالي تي، علائقن جي نالي تي جڏهن ته اشرافيه ۾ هر علائقي جا، هر نسل جا ماڻهو شامل آهن، جن جو هڪ ڪلب آهي، انهيءَ ڪلب ۾ صرف اهي ئي ميمبر هوندا آهن ۽ ڪلب اندر ويهي اهو سوچيندا آهن ته عام ماڻهوءَ کي بيوقوف ڪيئن بڻائجي، سندن واسطو نه فرقيواريت سان هوندو آهي نه ئي ڪنهن ٻي شيءِ سان. هنن جو واسطو صرف طاقت سان هوندو آهي ته ڪهڙي طرح طاقت اسان جي قابو ۾ رهي جيئن اسان جو طبقو ماڻهن جي مٿان حڪمراني ڪندو رهي.
اها به حقيقت آهي ته وقت هميشه هڪ جهڙو نه رهندو آهي. اهڙي قسم جو منظر اسان کي تڏهن نظر اچي ٿو، جڏهن ويجهي وقت ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه شاديءَ جي هڪ تقريب ۾ ٽي ٽي ڀيرا قسم کڻي صحافين جي اڳيان پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ڪندي نظر آيو. سندس ڳالهين تي ۽ سندس قسمن تي ڪيئن اعتبار ڪجي ته هن جو قسم ڪهڙو سچو هو، جڏهن هن وقت قسم کڻي رهيو آهي يا جڏهن نوڪري ۾ اچڻ وقت قسم کنيو هئائين ته هو ڪنهن به صورت ۾ سياست ۾ ملوث نه ٿيندو پر، سڀني جي اڳيان اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته سندس سياسي ڪردار ملڪ کي ڪيترو نقصان ڏنو. محسوس ائين ٿئي پيو يا اسان جي خوش فهمي آهي ته هاڻي طاقتور ڌرين جي اندر اها سوچ وڌي پئي ته ملڪ جي عوام کي غلط پاليسين ذريعي ۽ صرف طاقت جي استعمال ذريعي دٻائي نٿو رکي سگهجي. جيڪڏهن انهن کي قانوني ۽ آئيني حق نه مليا ته اهو ملڪ جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو ان سطح جا طاقتور ماڻهو محسوس ٿا ڪن ته شايد سندن غلط ڪمن جو احتساب ٿيڻ وارو آهي. انهن کي به قانون جي اڳيان جواب ڏيڻو پوندو. انهيءَ جي ڪري هاڻي هو قسم کڻي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
وقت ٻڌائيندو ته انهن جي اها چال ڪيتري ڪامياب ٿئي ٿي. اسان کي به اها هڪ چال نظر اچي پئي، عوام لاءِ هڪ ٻيو فريب نظر اچي پيو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته جيڪڏهن انهن طاقتور ماڻهن ملڪ جي آئين خلاف قدم کنيا آهن ۽ اهڙا فيصلا ڪيا آهن جن سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهتو آهي ۽ پنهنجن قسمن جي پاسداري نه ڪئي آهي ته انهن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي. ان صورت ۾ پاڪستان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيندو، جيڪو صرف اشرافيه جو نه هوندو پر، اهو پاڪستان پاڪستاني عوام جو هوندو.