ڪهاڻي بابل اسلام اشتياق انصاري
ڪهاڻي
بابل اسلام
اشتياق انصاري
آرهڙ جا ڏينهن هئا، سج ٻن سئُن ۾ ڪاپار تي بيٺو، آڙاهه مان باهه جا بيلچا ڀري زمين تي اڇلي رهيو هو. زمين ٽانڊن وانگر پڄري رهي هئي. ان مهل زمين جي هڪ خطي جا مسلمان رمضان جي روزي سان گڏ جشن ”بابل اسلام“ ملهائي رهيا هئا. مومن ويچارا باهه جي کُوري جهڙي ڪاڙهي ۾ روزا رکي ڏيئي وٺي بيٺا هئا.
اهڙي تپش ۾ هڪ موٽرسائيڪل اچي طاهر جي در تي بيٺي. سوار لهي گهر جي گهنٽي وڄائي. ننڍڙي نينگر ڊوڙي اچي در مان ليئو پاتو.
”پٽ پڻهين آهي؟“
”ها چاچا… بيمار آهي.“
”پٽ! ٻڌائينس ته چاچا ياسين آيو آهي.“
جهٽ کانپوءِ طاهر، هوريان هوريان لٺ تي ٽيڪو ڏيندو، ٺڙڪ.. ٺڙڪ… ڪندو پٽ سان گڏ ٻاهر نڪري آيو.
ياسين پري کان ئي طاهر کي ڏسي رڙ ڪئي.
”آ يار… ڪاٿي آهين؟“
”بس ڀائو، اتي ئي هئس، مڙئي ڏکيا ڏينهن پئي گذاريا.“
ياسين هن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ بعد پڇيو. ”ڪراچي کان ڪڏهن آيو آهين؟“
”هفتو کن ٿيو آهي.“
”وڏو ڪو ردي آهين… نه ڪو حال نه احوال نه اچڻ جي خبر ڏنئي.“
”آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽر ڪجهه ڏهاڙا آرام لاءِ چيو هو. ان ڪري گهر هوندو آهيان.“
”ڳالهه ٻڌ! سنگت تنهنجي اوسيئڙي ۾ حبيب الله جي دڪان تي ويٺي آهي. موڪليو اٿئون ته توکي کنڀي اچان.“
”ڀائو منهنجي دل به گهر ويهي اٻاڻڪي ٿي پئي آهي، پر ايڏي گرمي ۾ ڪاڏي هلون، شام هلنداسين.“
”واهه سائين واهه… رڳو هنن سان ملي موٽي اچ.“
”چڱو هل، موٽرسائيڪل هوريان هلائجانءِ.“
طاهر پٽ ڏي منهن ڪندي چيو. ”بابا وڃي ماءُ کي چئو ته جيڪي هڪ وڳي گوريون ۽ ڪئپسول کائڻا آهن اهي ڏي.“ جهٽ پلڪ ۾ ٻار ڊوڙندي اچي دوائن جو لفافو پيءُ کي ڏنو.
طاهر ۽ ياسين حبو حجم جي دڪان تي پهتا ته سڀني يارن سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. سالن کان وٺي اهي يار هر جمعي تي حبو جي دڪان تي گڏبا هئا. سڀ ننڍپڻ جا دوست ۽ هڪ ئي پاڙي ۾ پلجي وڏا ٿيا هئا. هاڻي هرڪو وڃي پنهنجي ڪرت سان لڳو پيو هو. طاهر کي بينڪ ۾ ڪلارڪي ملي هئي. ياسين ماستري ڪئي. نوري ريڊين جي مرمت جو ڌنڌو سکيو. حبيب نه پڙهي نه پڙهيو. پيءُ وانگر حجامڪو دڪان کوليائين. گلو کٽاڻ جو ۽ خاڪو مڃارڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. همراهه ڪاٿي به هوندا هئا ته جمعي تي حبو جي دڪان تي ضرور گڏبا هئا. پوءِ سارو ڏينهن شطرنج، تاش، ڪيرم بورڊ کيڏي، اوڀاريون لهواريون ۽ چرچا گهٻا ڪري وقت ڪاٽيندا هئا.
ڪجهه دير ويهڻ بعد حبو طاهر کي چيو، ”رمضان آهي، هوٽل ڌوٽل بند پيا آهن، هونئن به حڪمرانن رڻ ٻاري ڏنو آهي. روز حڪومت جا رکوالا ڪيترن ئي بي روزائتن کي مارڪٽ ڪن ٿا. ڀلي ٻڍو هجي يا ٻار. ڪالهه به ڪوڙي نانوائي کي ڏاڍي مار ڏني اٿائون، چئين ته ڊوڙي گهران چانهه، شربت کڻي اچان.“
”نه… نه… مان اڃان ڪِري ڪيان ٿو.“
”چڱو هاڻي ڏي خبر ايڏا ڏينهن لاٿئي؟“ خاڪو مڃاري، طاهر کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيو.
”ڀس ڀائو مري مري… ڄڻڪ نئين زندگي ملي آهي.“
”واقعي ڪافي سالن کان توکي دل جو عارضو هو… واهه تي تڙڳڻ هلندا هئاسين ته گهڻي تار هڻڻ کان لنوائيندي هئين… ڪافي گهمرا ته وچ سير ۾ تو رڙيون ڪيون هيون ته هيانءُ ٿو ٻڏي.“ گلو هن کي يادگيرو ڏياريو.
”ادا تڪليف ته ڪافي عرصي کان هئي، پر ايڏانهن ڪڏهن خيال به نه ويو.“
”بابلا هاڻي سربستو احوال ڏي. هتان جو تون ڪراچي ڏيکارڻ وئين، اتي ڪيئن ۽ ڪاٿي رهين؟ پرپٺ ته تنهنجي خبر چار ملندي رهندي هئي. هاڻي پنهنجي زباني ٻڌائي.“ حبو حجم هن کي چيو، ”وارو ڪر ير“ نوري مستري به سر ملايو.
”ڪجهه هفتا اڳ بينڪ ۾ اوچتو سيني تي سخت بار ۽ سور ڪري سارو پگهرجي ويس. ان کانسواءِ کاٻي ٻانهن ۾ سور سبب ساهه ئي نه پيو کڻي سگهان… مون کي اسپتال کنيائون، ڊاڪٽر چيو ته دل جي خرابي آهي، تڪڙو ڪراچي وڃي ڏيکار.“
”ايتري ته اسان کي به خبر آهي، اڳتي ٻڌائي.” خاڪو ٽوڪيس.
”ڪراچي دل جي اسپتال ۾ ڏيکاريم، ڊاڪٽر مختلف تپاسن بعد ٻڌايو ته ”دل ڏي رت کڻي ويندڙ شريانن مان ٻه شريانون خراب آهن، تنهن جو باءِ پاس آپريشن ٿيندو.“
”باءِ پاس وري ڪهڙي بلا آهي؟ روز الائي ڪهڙيون بيماريون ٿيون منهن ڪڍن.“ گلو ڀڻڪيو.
”ٻڌايانءِ ٿو.“ طاهر اڌ ۾ ڪٽيل ڳالهه وري شروع ڪئي.
”ڊاڪٽر چيو ته شريانن جي ڪجهه حصن ۾ رت ڄمي ويو آهي، جن کي اسٽينوس ٿي چيائون… اهي اسٽينوس ٽڪرا ڪٽي، اتي نوان ٽڪرا هڻنداسين… آپريشن مهل هتان سينو چيريائون.“ طاهر قميص جا بٽڻ کولي سڀني کي پنهنجو سينو ڏيکاريو. جنهن تي تازي گهاءَ جو نشان هو.
”بابلا ڇاتيءَ جي تاڪين کي ڇا ڪيائون؟“ حبو حجم سوال ڪيو، جيڪو پاڻ به ڦٽ ڦرڙي جو هلڪو ڦلڪو جراح هو.
”هتان هڏا ڪٽي دل ٻاهر ڪڍيائون.“ طاهر آڱر جي اشاري سان ٻڌايو.
”مار ڀيسان!“ گلو گفتو ڪڍيو.
”پوءِ منهنجي بدن جو سارو سرشتو هڪ مشين سان ملايائون جنهن کي ”دل ۽ ڦڦڙن جي مشين“ ٿي چيائون، بعد ۾ شريانن جا اسٽينوس ٽڪرا ڪٽي اتي ٻيا ٽڪرا هنيائون.“
”ٻيا ٽڪرا پلاسٽڪ جا هئا ڇا؟“ نوري مستري پڇيو.
”نه… نه…“ طاهر ڪانچ جو پانچو مٿي ڪندي کڙي ۽ پني جي وچ تي هٿ رکندي چيو، ”هتان ٽنگ مان نس جو حصو ڪٽي شريانن کي هنيائون، ان ڪري ئي ان کي باءِ پاس ٿي چيائون.“
ماستر ياسين باءِ پاس لفظ کي سولو ڪري سمجهائڻ لڳو. ”يار پنهنجي شهر کان ٻاهران ئي ٻاهران روڊ نٿو لنگهي، جيئن ٻاهران ايندڙ گاڏيون شهر ۾ داخل ٿيڻ بنا پريان گذري وڃن، ان کي باءِ پاس روڊ نه چوندا آهيون، اهڙي نموني نين شريانن ذريعي رت پهچائڻ کي باءِ پاس چوندا آهن.“
حبو ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”سمڌم… سمڌم… ٻيلي هاڻي سمڌم.“
”آپريشن کان ڪجهه ڏينهن بعد ڊاڪٽر مون کي موڪل ڏني ۽ ڪجهه دوائون کائڻ لاءِ ڏنيون اٿائين.“ طاهر کيسي مان دوائون ڪڍي ڏيکاريون ۽ پڇيائين،
”وقت گهڻو ٿيو آهي؟“
”ساڍا ٻارنهن.“
رمضان جو احترام ڪرائڻ لاءِ رکوالن جون گاڏيون شهر ۾ دز اڏائينديون پي ورتيو. تازو ئي اسلام جي آڙ ۾ هڪ خَردجال، عوامي ليڊر کي ڦاهي چاڙهي ملڪ تي قبضو ڪيو هو. اهلڪارن هڪ حجم جي دڪان تي اڌ کليل در مان ماڻهن جو ميڙ ڏٺو جيڪو ٽهڪڙا لايو ويٺو هو. انهن مان هڪڙو همراهه گلاس مان ڪجهه پي رهيو هو. گاڏيءَ ۾ ويٺل آفيسر قاسم ۽ خرم… بل ڏئي هڪلون ڪندا دڪان ۾ داخل ٿيا. ڪي ساڳي وردين سان ٻيا به ساٿي لهي آيا.
آفيسر قاسم، سڌو اچي طاهر کي ٿڦ هنئين. اسٽيل جو گلاس ڇڻن… ڇڻن… ڪندو فرش تي رڙهڻ لڳو.
قاسم پنهنجي سپاهين کي چيو،
”ويهاريوس بي غيرت کي گاڏي ۾… ڪافر جو اولاد.“
ڪافر جي اولاد کي سپاهي چنبا هڻندا، گاڏي ڏي گهلڻ لڳا، ڪافر ڪيتريون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون،
”سائين بيمار آهيان… دوا پيو کاوان.“
انهيءَ مهل ڄڻ هڪ بي دين ۽ ديندار جو جهيڙو هو. بي دين جيئن پئي ڳالهايو تيئن هن تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو پئي پيو. کيس ڳلٿڙي کان گهلي اچي ٽرڪ ۾ اڇلايائونس.
ماستر ياسين، حبو حجم، خاڪو مڃاري ۽ نوري مستري به آفيسرن کي ايلاز منٿ ڪيا ته ”طاهر بيمار آ… دل جو مريض… دوائون کاڌيون…“ پر غلام جي آقا اڳيان ڪهڙي سفارش طاقت جي نشي ۾ مست فاتح ڪهڙو عرض ٻڌندو… انهن کي ويندو ڏسي حجم مشورو ڏنو ته، ”انهن آفيسرن جو شهر جي وڏيري شمني سان ويجهڙائي ۽ کائڻ پيئڻ آهي. هنن وٽ وڏيري جي ڪافي هلندي آهي.“
”حبو سچ ٿو چئي هلو ته شمني ڏي هلون.“ سڀ وٺي وڏيري ڏي ڀڳا.
طاهر سان گڏ ٽرڪ ۾ ڪجهه ڳوٺاڻا به هئا، جيڪي ڪوهن جا ڪوهه سٽي ڏاند گاڏين تي ميوا ۽ ڀاڄيون منڊي تي وڪڻڻ آيا هئا. لنگهڻ ۽ لُڪ کان بچڻ لاءِ هو هوٽل مان پڪڙيا ويا. سندن پيرن ۾ هڪ رونڊو فقير به ويٺو هو. جيڪو به لوساٽ کان لڪي ڇانوري ۾ ڪشڪول مان پاڻي پيئندي جهليو هو. گرمي ۽ چڪ ڪري شهر ڀڙڀانگ لڳو پيو هو. ايڪڙ ٻيڪڙ مومن سڳورا صاف وڳا ۽ ٽوپيون اوڍيون نماز لاءِ وڃي رهيا هئا.
گاڏيون گشت کانپوءِ اچي شهر جي سهڻي ريسٽ هائوس ۾ بيٺيون. جتي آفيسرن جي طعام ۽ قيام جو بندوبست هو، عمارت جي بورچيخاني ٻاهران ڪجهه ڪتا اُتت کان بچڻ لاءِ ۽ مختلف کاڌن جي خوشبوءِ تي وڻ هيٺان زبان ڪڍيو سهڪي رهيا هئا. ڪتن جي وات مان وهندڙ گگ جي ريڳاڙن پٽ جي ٽڪري کي آلو ڪري ڇڏيو هو. آفيسرن ڪمري ۾ وڃڻ مهل پنهنجي صوبيدار کي چيو،
”انهن هندن جي اولاد کي ايترو رڳڙيو جو سندن ست پشتون به توبهه ڪن.“
”يس سر.“ سلوٽ جو آواز ٿيو.
صوبيدار جي روزائتن کي هڪالي ريسٽ هائوس جي باغيچي اندر نٽهڻ اُس ۾ قطار ۾ بيهاري چيو،
”اٺڪ بيٺڪ شروع ڪيو.“
سڀني ڪن گوشي شروع ڪئي. رونڊو فقير به هڪ هٿ ڪن ۾ وجهي ڪن گوشي ڪرڻ لڳو. سپاهي بندوق جو قنداق فقير جي چيلهه ۾ هڻي مذاق ڪندي چيو،
”ٻيو ڪن به پڪڙ.“
فقير ٺونٺ وٽان ڪٽيل ٻانهن کي به ڪن جي پاپڙي تائين آندو. طاهر صوبيدار کي چيو، ”منهنجو… دل جو… آپريشن… ٿيو آهي. اٿي… نٿو سگهان؟“
”بڪواس بند ڪر دَلا“ زوزاٽ ڪندڙ چپاٽ طاهر جي منهن تي لڳي.
سج تارون ٿي رجهايو. ڳوٺاڻا جَهڪَ ۽ اُس ۾ ڪڙمت ڪرڻ ڪري اٿ ويهه کي پڇن ئي نه پيا، پر بي عزتي کان ڪاريهر وانگر وٽ کائي رهيا هئا. پوڙهو فقير صفا کٿ ٿي ويو. هو هڪ هٿ گوڏي تي رکي زور ڏئي اٿي رهيو هو.
ايڪٽيهه… ٻٽيهه… ٽيٽيهه… طاهر جي حالت تمام خراب ٿي وئي… سارو پگهرجي ويو… خشڪ نڙي ۾ ڄڻ ٻاٻري ڪنڊا اٽڪي پيس… ڳيت به لُڪيءَ ۾ پهڻ بڻجي اٽڪي… پئي… جايون، وڻ ٽڻ لاٽون وانگر ڦرڻ لڳا… ڪنن تي تاڙيون… بدن کي ڄڻ قندهاري ڏينڀو ڏنگي رهيا هئس.
هن ساهي پٽيندي، سهڪندي سهڪندي وري چيو،
”منهنجي طبيعت خراب… سخت… بيمار آهيان.“
”بس ڪتا، بيمار آهين… ته… اسان… ٺيڪ ڪنداسين.“
انهيءَ سمي قاسم ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري مان دري جو پردو هٽائي، باغيچي ۾ ڪن گوشي ڪندڙن تي نظر وڌي، هن فتحانه مرڪ چپن تي آڻيندي چيو،
”خرم هتان جا ماڻهو ڪيڏا سخت جان ۽ سرڪش آهن، گرمي ۾ هڪ به نه ڪريو آهي.“
خرم به صوفي تان اٿي، بي روزائتن جو حشر ڏسڻ لڳو ۽ خار مان گارگند ڪندي چيائين، ”هنن ماڻهن جي چهرن تي ڌڪار ۽ نفرت ڏسو ٿا. هندن جي اولاد کي شام تائين رڳڙو ڏيو.“
طاهر کي اُڀ ساهي… سينو سور کان ڦاٽڻ لڳس… دل ۾ چَڪُ ۽ جهٽڪا ڄڻ ڪو دل کي تيز ڪپ سان ڪُوري پيو… گهوماٽو کائي ڇاتي تي هٿ رکي ويهي رهيو.
”اٿي… اٿي بي غيرت.“
طاهر اٿي نه سگهيو. صوبيدار ڄنڊن کان پڪڙي سٽ ڏئي اٿاريس، اکين اڳيان اونداهه… بيهڻ جي سگهه ڪانه ٿيس. هري هري ويهڻ لڳو. هن جا هٿ سجدي وانگر وڃي کپيا. ڇٻر تي دونهين جهڙي اُٻ چهرو ساڙي ڇڏيس… ان مهل پري کان ڪنهن مسجد جو آواز پئي آيو، ”باب السلام آهي… عربستان جي گهوڙي جي سنبن… ڏهين 93 هجري… غازي محمد بن قاسم…
اهي لفظ ٺڪاءُ ڪري طاهر جي مغز ۾ عربي گهوڙي جي زوردار سنب وانگر اچي لڳا. صوبيدار هن کي ڪريل ڏسي ٻنڊڙن تي زور سان لت وهائيندي چيو،
”نه ڪيو رمضان جو احترام… ڪافر…“
لت لڳڻ سان طاهر جو نڪ ۽ منهن ڇٻر سان رهڙجي رتائجي ويو. ڄڻ وحشي گهوڙن جو لشڪر هن جي ڪيپراٽي چٿيندو ويو. ڪافر… ڪافر… جا لفظ هن جي ڪنن ۾ لامارن سان ميڄالو پٽيندڙ ڳجهن جو ڪانجارن وانگر گونجڻ لڳا.
ٻي ٿڏي سان هن جو ساهه ٻوساٽجڻ ۽ دل وسامڻ لڳي… حقارت، هڏڪي سان هن جي ڪبندڙ چپن مان آخري ٽٽل لفظ نڪتو ”با… بُل… اس… لام.“