بلاگخاص

ڪهڪشائن جو فاصلو ڪيئن معلوم ڪجي ٿو!

ڪهڪشائن جو فاصلو ڪيئن معلوم ڪجي ٿو!

اعجاز منگي

ڪافي طريقا آهن جن سان اسان ڪهڪشائن جي وچ ۾ مفاصلو معلوم ڪري سگهون ٿا. انهن سڀني مان وڌيڪ اڪثر استعمال ٿيندڙ (ماپو ميڻ بتي) Standard Candle آهي. جيڪڏهن ان حقيقت جي خبر پئجي وڃي ته خلا ۾ ڪنهن به مادي جي اندروني چمڪ Intrinsic Brightness ڪيتري آهي يا ايئن کڻي چئجي ته مادو خلا ۾ ڪيترو روشن آهي ته اسان ڌرتي کان مفاصلو سندس چمڪڻ جي حساب سان لڳائي سگهون ٿا. (سيفڊ گِهرڻو) Cepheid Variable هڪ ماپو ميڻ بتي آهي. سيفڊ گِهرڻو هڪ ستارو آهي انهن ستارن جو سندن اندروني چمڪ ۽ ٻرڻ اجهامڻ ۾ مستقل تعلق آهي. جيڪڏهن سيفڊ گِهرڻو “X” رفتار  سان ٻري اجهامي ٿو ته سندس اندروني رفتار “Y” هوندي.

سائنسدان (ماپو ميڻ بتي) Standard Candle ستارن جي چمڪ مان سندن ڪهڪشائن جي فاصلي کي ڳڻي وٺندا آهن. اصل ۾ ڪافي گهري رياضي جا فارمولا ۽ ڪمپيوٽر سائنسدان ملي ڪري ڪهڪشائن جا فاصلا معلوم ڪن ٿا، جيڪي ڪهڪشائون زمين کان اربين نوري سالن جي فاصلي تي آهن انهن لاءِ (ماپو ميڻ بتي) Standard Candle وارو طريقو استعمال ناهي ٿيندو. ان لاءِ Hubble Lemaitre جو قانون استعمال ٿيندو آهي. هن قانون سان اها خبر پوندي آهي ته ڪهڪشان ڌرتيءَ کان ڪيتري ڏور آهي ۽ ڪيتري تيزيءَ سان اسان کان پري وڃي رهي آهي. سائنسدان پهرين اهو معلوم ڪندا آهن ته ڪهڪشان مان پهچندڙ روشني ڪيتري تيزيءَ سان ڳاڙهاڻ مائل ٿيندي پئي وڃي. هڪ دفعو رفتار معلوم ٿي وڃي ته پوءِ سندس ڌرتي کان مفاصلو معلوم ڪري وٺن ٿا.