خاص

ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پي ايس ايل سڪس ملتوي

پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ايونٽ ملتوي ڪيو ويو. ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان تصديق ڪئي وئي هئي ته پي ايس ايل 6 جي ٻن ٽيمن جي وڌيڪ 3 رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا آهن. اهي ٽئي رانديگر هاڻ 10 ڏينهن تائين آئسوليشن ۾ رهندا. ان ٽنهي رانديگرن ۾ نشانيون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ انهن جا ڪورونا ٽيسٽ گذريل ڏينهن ٻنپهرن جو ڪرايا ويا هئا. ايڇ بي ايل پي ايس ايل 6 جي آرگنائيزنگ ڪميٽي اڄ خميس جي ڏينهن سمورين ٽيمن جي مالڪن ۽ ان جي مينجمينٽ سان گڏ ورچوئل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندو. جنهن کي تفصيلن حاصل ٿيڻ کانپوءِ شيئر ڪيو ويندو. واضح رهي ته پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جي دوران 7 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا آهن جنهن ۾ 6 رانديگر ۽ هڪ آفيشل شامل آهي.