ڪوهه مري جون ڪوڪون انور حسين قاضي

خبر ناهي ڇو مون کي ملڪهءِ ڪوهسار چوندا آهن يا چوندا هئا؟ پياري ديس ۾ جيڪي حسين هل اسٽيشن آهن انهن ۾ منهنجو شمار ملڪهءِ حُسن وانگر ٿئي ٿو. جڏهن سردي جي موسم ۾ برف باري پنهنجي جوڀن تي هوندي آهي ته مان انهيءَ ڪپهه مثل برف جو سفيد ويس اوڍي سياحن کي پنهنجي حُسن طرف متوجهه ڪندي آهيان ۽ اهي به مون کي ڏسڻ جي شوق ۾ ٻارين ٻچين، ننڍڙا ٻارڙا کڻي، دوست، فيمليز منهنجي دامن ۾ پهچي ويندا آهن. منهنجون حُسناڪيون ڏسي اش اش ڪندا آهن. مون کي ايڏي خوشي ٿيندي آهي جنهن جو اوهان تصور نٿا ڪري سگهو، انهن جي اکين سان پنهنجي سونهن ڏسندي آهيان. جڏهن چلولا جوڙا پنهنجي جوڀن جون مستيون منهنجي برف کڻي هڪٻئي کي هڻي مستيون ڪندا آهن ته مون کي به پنهنجي حُسن تي ناز ايندو آهي. ننڍڙا ٻارڙا پتڪڙا پير کڻي برف جي مٿان گهمندا آهن مون کي گلن وانگر لڳندا آهن. ڪيترائي سياح جيڪي عمر جي ان حصي ۾ اچي ويا آهن جن وٽ صرف يادگيريون آهن اهي به مون وٽ اچي پنهنجين يادگيرين کي تازو ڪندا آهن، مون تي ميلو متل هوندو آهي. هوٽلن ۾ ۽ کائڻ پيئڻ جي اسٽالن تي ماڻهن جي رش هتان جي مقامي ماڻهن جي معاشي حالت کي بهتر ڪندو آهي. منهنجي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا سفيد گهوڙا ڪاهي سياحن کي انهن تي ويهاري گهمائي پنهنجي مزدوري وٺندا آهن. ايڏيون خوشيون شايد اسان کان برداشت نه ٿيون آهن. هن ديس جي انتها پسند حڪمرانن کي سونهن ڪنهن به شڪل ۾ نٿي وڻي، چاهي اها الهڙ ناري هجي يا ملڪهءِ ڪوهسار. حُسن جا دشمن آهن، هر اهي هربا هلائين ٿا جيئن ماڻهو سونهن کان پري ٿين، اها سونهن اندر جي هجي يا ٻاهر جي، ماڻهن جي هجي يا ماڳن جي، بس چاهين ٿا ته انهن جي اندر جيان پورو ماحول پورو ملڪ دهشت ۾ هجي ۽ سونهن کان لاتعلق هجي. هن واقعي ۾ ماڻهو ته 23 فوت ٿيا آهن، پر حڪمرانن جي پت وائکي ٿي آهي. مون وٽ بهترين رستا آهن، بهترين مشينري آهي جيڪا ڪنهن به ايمرجنسي حالتن کي منهن ڏيئي سگهي ٿي. الائي ڪيتريون پرائيويٽ هوٽلون آهن، اڻ ڳڻيا ريسٽ هائوس آهن. انهن سڀني مون وٽ آيل منهنجن عاشقن سان اهڙو سلوڪ ڪيو جو انهن جي زندگي کسي ورتي. اهي فيمليون جيڪي ٻه چار ڪلاڪ جيڪي خوش خوش مون وٽ پهتيون اهي لاشن جي صورت ۾ واپس ٿيون. اهي دوست جيڪي ڪجهه ڪلاڪ پهرين هڪٻئي سان مذاق ۽ مستي ڪري منهنجي حُسن کي انجواءِ ڪري رهيا هئا انهن ۾ هاڻي ساهه نه رهيو آهي ۽ هاڻي اهي لاشن جي صورت ۾ واپس ورن پيا. انهن ايترين هوٽلن ۾ انهن جي رهڻ لاءِ جڳهه نه هئي؟ 3000 هزار واري هوٽل جو ڪمرو 40 هزار ۾ ڪير پئي وٺي سگهيو. مون ايڏو ظلم ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته 30 رپين وارو انڊو 500 رپين ۾، پاڻيءَ جي بوتل 400 رپين ۾، نالي ۾ چانهه ايئن سمجهو گرم پاڻي 300 رپيا في ڪوپ ۽ ڪنهن سياح جي گاڏي کي ڌڪو ڏيڻ لاءِ 2 کان 5 هزار رپيا ورتا پئي ويا. اهڙو واقعو ڪنهن ڏورانهين جهنگل ۾ ٿئي ها ته به انهن وٽ ريسڪيو ٽيمون ڪلاڪن ۾ پهچن ها، پر هتي حڪومتي مشينري وٽ هر قسم جي سهولت موجود هوندي 3 ڪلو ميٽر پري ڦاٿل فيمليز جي واهر لاءِ 24 ڪلاڪن تائين ڪير نه آيو. منهنجي ڀرپاسي ۾ ٽي حڪومتون آهن، وفاقي حڪومت هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي، پنجاب جي حڪومت جي  انتظامي اثر هيٺ مان آهيان، ڪي پي ڪي حڪومت مون سان بلڪل گڏ آهي، اهي سڀ ستا پيا هئا. وزير موصوف هڪ ڏينهن بيان ڏين پيا ته ڪيڏي خوشحالي اچي وئي آهي جو ماڻهو لکن جي تعداد ۾ ڪوهه مري ۾ برف کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ پهچي ويا آهن ۽ پوءِ چون پيا ته هوٽلن جا ريٽ ڏهوڻا ٿي ويا آهن مطلب ته انهن کي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. موسميات کاتي خراب موسم جي پيشن گوئي ڪري ورتي هئي، حڪومت ان تي به ڪو نوٽيس نه ورتو ۽ هي سانحو ٿي ويو. سانحا ٿيندا رهندا آهن، زندگي ۽ موت جو چولي دامن جو رشتو آهي. منهنجون دانهون بيحس معاشري، بيحس حڪمرانن جن انتهائي بيحسي جو مظاهرو ڪيو انهن جي لاءِ، وزيراعظم چوي پيو ته سياحن کي وڃڻ نه گهربو هو. مان سوچيان ٿي ته منهنجو وجود به هن ملڪ ۾ هئڻ نه گهربو هو. هنن منهنجي حُسن کي سر بازار نيلام ته ڪيو آهي، پر ڪا بهتري نه آندي آهي. اڄ تائين به هو پنهنجي غلطي تسليم نه پيا ڪن ۽ (وڪٽم بليمنگ) متاثر تي الزام هڻن پيا. منهنجي طرف ايندڙ آئون توهان کان شرمنده

آهيان. مان هاڻي ملڪهءِ ڪوهسار نه رهي آهيان موتِ ڪوهسار آهيان.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments