ڪووڊ-19 جي وبائي مرض دوران اڄ نيو يارڪ ۾ نائن اليون واري واقعي جي 19 هين ساليانه تقريب منعقد ڪئي ويندي
نيو يارڪ سٽي ۾ اڄ نائن اليون جي واقعي کي 19 سال پورا ٿيڻ تي ياد ڪندي هڪ ساليانه تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ انهن ماڻهن کي ياد ڪيو ويندو جن نائن اليون ۾ پنهنجون قيمتي جانيون ضايع ڪيون. ان واقعي ۾ تقريبن 19 القائده جي دهشتگردن آمريڪا جا 4 پئسينجر جهاز هاءِ جيڪ ڪيا جن مان ٻن کي هنن دنيا جي وڏن ٽاورن جنهن کي ٽوئن ٽاورز جي نالي سان سڏيو ويندو هو جيڪي نيو يارڪ جي مينهيٽن ٽريڊ سينٽر ڪامپليڪس ۾ هئا تن سان ٽڪرائي انهن کي تباهه ڪيو. ٽيون جهاز پينٽاگون جي بلڊنگ سان ورجينيا ۾ ٽڪرايو ويو جنهن بلڊنگ ۾ آمريڪا جي ڊفينس ڊپارٽمينٽ جو هيڊڪوارٽر آهي ۽ چوٿون جهاز پينسلوينيا جي هڪ ميدان تي ڪيرايو ويو. ٻن ڪلاڪن جي اندر 110 اسٽورين وارا ورلڊ ٽريڊ سينٽرز جا ٽوئن ٽاور ڪري پٽ ٿيا. ان حادثي آمريڪا کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ سڄي دنيا جي مٿان تمام خطرناڪ اثر ڇڏيا. 19 هين ورسي تي نائن اليون ميموريل ميوزيم هڪ ٽوئيٽر بيان ۾ چيو آهي ته “19 سال اڳ شفاف ۽ بلو آسمان هيٺان 102 منٽن اسان جي زندگين کي هميشه جي لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو. جيڪو حادثو 11 سيپٽمبر 2001 ۾ ٿيو هو، اڄ جمعي ڏينهن 11 سيپٽمبر تي اسان جي سڄي قوم ۽ دنيا اسان سان گڏ 19 هين ورسي ملهائيندي، اسان سڀني کي ان يادگار تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا.