پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪيمبرج جو مسئلو حل، تعليم واري وزير شاگردن لاءِ جلد نون گريڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪيمبرج جو مسئلو حل ڪندي شاگردن جي لاءِ جلد نون گريڊز جو اعلان ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي. گذريل ڏينهن لاهور، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ اي ۽ او ليول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪيو هو. شاگردن جو چوڻ هو ته گريڊ جاري ڪرڻ لاءِ شاگردن جي تعليمي قابليت جاچڻ جو جيڪو معيار آهي ان ۾ خاميون آهن جنهن سبب 60 سيڪڙو شاگردن کي گهٽ گريڊ جاري ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ تعليم واري وزير شفقت محمود چيو ته اسان جي اڻٿڪ ڪوششن رنگ لاٿو. ڪيمبرج فيصلو ڪيو آهي ته اسڪولن جي طرفان پيش ڪيل گريڊ کان گهٽ گريڊ نه ڏيندا ۽ ڪيمبرج جلد ئي نون گريڊز جو به اعلان ڪندو. ڪيمبرج اعلان ڪيو آهي ته جون 2020 ۾ ڏنل گريڊز اسڪولن جي تجويز ڪيل گريڊ کان گهٽ نه هوندا.