سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين خلاف فرد جرم لاڳو
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائي. خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه ۾ ملوث هئڻ کان انڪار، جج ابوالحسنات فرد جرم جي ڪارروائي روڪڻ واري پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت 27 آڪٽوبر تي ڪيس جي گواهن جا بيان طلب ڪري ورتا.