خاص

بيگم نصرت ڀٽو  پاڪستان جي جمهوريت ۽ عوام لاءِ هڪ آمر سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ثابت قدم رهي: بلاول ڀٽو زرداري

مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 12هين ورسي ملهائي پئي وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي جمهوريت ۽ عوام لاءِ هڪ آمر سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ثابت قدم رهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادرِ جمهوريت جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو عوام کي حق حاڪميت جي واپسي لاءِ آمر خلاف تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کانپوءِ جيستائين صحت سندس ساٿ ڏنو بيگم نصرت ڀٽو عوامي حقن جي ويڙهه وڙهندي رهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي. هن بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آئين ۽ جمهوريت جي خاطر قيد ۽ تشدد به برداشت ڪيا، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جو جهنڊو بلند رکيو ۽ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي.