خاص

ڪيپٽن صفدر جي معاملي تي اعليٰ سطحي انڪوائري جو فيصلو

سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه الزام هنيو آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري جي سڄي راند وفاقي حڪومت جي چوڻ تي کيڏي وئي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن پوليس کي ڪيس لاءِ ڌار ڌار درخواستون ڏنيون ۽ پوليس انهن کي غير قانوني قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ پوليس کي درخواست ڏني، پر پوليس کين اها درخواست مئجسٽريٽ کي ڏيڻ جي صلاح ڏني. هن چيو هڪ شخص درخواست ڏني ته ان کي ڪيپٽن (ر) صفدر مارڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ پوليس ان شخص جي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪرڻ مذمت جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته قائداعظم جي مزار تي جيڪو واقعو پيش آيو اهو پيش نه اچڻ گهرجي ها، سنڌ حڪومت ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن جي اعليٰ سطحي انڪوائري ٿيندي.