خاص

ڪيپٽن صفدر ۽ پوليس جي سينيئر قيادت سان خراب سلوڪ تي جاچ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي ڪراچي ۾ گرفتاري ۽ پوليس جي سينيئر قيادت سان خراب سلوڪ واري معاملي تي وزيرن تي ٻڌل انڪوائري ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ 5 وزير شامل آهن جڏهن ته ان جو ڪنوينر سنڌ جو تعليم وارو وزير سعيد غني آهي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سيد سردار شاهه، اويس قادر شاهه ۽ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب شامل آهن. ڪميٽي 18 ۽ 19 آڪٽوبر جي واقعن جي جاچ ڪندي ته ڪهڙين حالتن ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي ڪمري تي ڇاپو هنيو ويو. وزيرن جي ڪميٽي پوليس جي سينيئر قيادت سان پيش آيل واقعي ۽ ان کانپوءِ سينيئر پوليس آفيسرن جي موڪل تي وڃڻ جي سبب کي ڏسندي. اِها ڪميٽي 30 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.