ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ضراب حيدر ارم محبوب

ارم محبوب: ڪھاڻيڪار/ناول نگار ضراب حيدر ڪيئن ۽ ڪڏهن پاڻ کي دريافت ڪيو؟

ضراب حيدر: ڏاڍو ڏکيو سوال آهي. پنهنجو پاڻ کي دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ اندر جي دنيا جي ڏورڻ بنهه اوکو ڪم آهي. ڪجھه يادگيريون ونڊيان ٿو. ممڪن آھي ته اُن منجهان مون کي به ان سوال جو جواب ملي وڃي.

مان ننڍي هوندي پنهنجي ڏاڏي رحمت خاتون ۽ پنگريو سيڊ فارم تي فارم جي چوڪيدار ڪاڪي جان محمد کان ڪهاڻيون ٻڌندو هئس. اُهي ڪهاڻيون ڊگها داستان ھونديون ھيون، جيڪي راتين جون راتيون ۽ ڪيئي مهينا هلنديون رھنديون هيون. اُن وقت جي ڳالهه پيو ڪريان ته مون کي اُهي ڪهاڻيون ڄڻ ٻُڌل ٻُڌل لڳنديون هيون، ننڍپڻ ۾ ئي مون کي پنهنجي ارد گرد جو ماحول ڄڻ ڪا ڪهاڻي لڳندو هو. مون کي لڳندو هو ته ڪهاڻي منهنجي سرشت ۾ شامل آھي، منهنجي فطرت ۾ سمايل آهي، مون پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب “سرحدن کان اڳتي” ۾ “پنهنجي پاران” وارن صفحن ۾ پنھنجي ڪٿا جو خلاصو لکيو آهي، جنهن ۾ منهنجي اندر جي ڪهاڻيڪار جي ظاهر ٿيڻ جا ڪيئي مُحرڪ لکيل آهن.

منهنجو بابا پنهنجي طبيعت ۾ ليکڪ هو، منهنجي ڏاڏي داستان گوئيءَ ۾ گبرئيل گارشيا مارڪيز جي نانيءَ کان وڌيڪ نه ھوندي ته ان کان گهٽ به نه ھئي. منهنجيGene  ۾ به اُها ڳالهه موجود هئي. مان ته عدم ۾ به ڪهاڻيڪار هئس، جو دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ به ڪهاڻيڪار آهيان. ائين جيئن ڪنهن بدڪ جي آري ۾ بدڪ جي آنن سان ڪڪڙ جا آنا به رکجن، مقرر ٽائيم تي بدڪ توڙي ڪڪڙ جي آنن مان ٻچا ڦٽي نڪرندا، اُهي ٻچا جڏهن ڪنهن تلاءُ جي ويجهو آڻبا ته ڪڪڙ جا ٻچا پاڻي ڏسي بيهي رهندا، پر بدڪ جا ٻچا بي ڌڙڪ پاڻيءَ ۾ لھي پوندا. ان لاءِ جو انھن جي Genes ۾ اها ڳالهه شامل آهي، سو منهنجي به فطرت ۾ ڪهاڻي موجود هئي. مان ننڍو هوندو هئس ته پنهنجي مُنھن پيو ڪهاڻيون ٺاهيندو هئس، گڏ رهندڙ ۽ کيڏندڙ ٻارن کي پيو ڀانت ڀانت ڪهاڻيون ٺاهي ٻُڌائيندو هئس. چڱي طرح ياد اٿم پنگريو ۾ هڪ هاريءَ جي هم عمر ڇوڪريءَ کي پنهنجي هڪڙي رومانٽڪ ڪهاڻي ٺاهي ٻُڌائيندو هئس. اسڪول واري زماني ۾ مان ڪجهه ڪهاڻيون لِکي پنهنجو فوٽو ان سان لڳائي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي پنهنجي سنگت ۾ ورهائيندو هئس. اُن زماني جي هڪڙي ڪهاڻي “شام ڪاريءَ جا پاڇا” ياد اٿم جنهن جون جام فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪرائي ورهايون هئم.

مون اٺين درجي ۾ باقائده ڪهاڻي لِکي ۽ اُها اسڪول مئگزين ۾ شايع ٿي. اُن کانپوءِ ميٽرڪ ۽ ڪاليج لائف دوران منهنجون ڪهاڻيون عبرت مئگزين ۽ گل ڦل ۾ ڇپجنديون رهيون. منهنجي ڪهاڻين جو پھريون مجموعو “انگن چڙهيو انگ” يونيورسٽي جي ٻئين سال مطلب انٽر کان سُتت پوءِ آيو. اُن وقت تائين مان سواءِ طارق عالم ابڙي ۽ اڪبر جسڪاڻيءَ جي ڪو گهڻا ڪهاڻيڪار نه سُڃاڻندو هئس. پھرين مجموعي اچڻ تائين مان طارق عالم ابڙي، اڪبر جسڪاڻي ۽ طارق عاجز ڀٽي جي ڪنهن سان مليو به نه هئس. مون کي ادبي سنگت يا ادبي دنيا جي به ڪا خبر نه هئي. منهنجي ڪهاڻين جو پھريون مجموعو 1989 ۾ ڇپيو، مون سنڌي ادبي سنگت 1992 ۾ جوائن ڪئي.

ارم محبوب: تخليقڪار لاءِ داخلي احساس وڌيڪ اهميت رکن ٿا يا خارجي؟

ضراب حيدر: ان جو مختصر جواب آھي ته اندر حساسيت آھي ته ٻاھر کان لاتعلقي ٿيندي ئي ڪونه، سو ظاهر آهي داخليت سان ماڻهوءَ لِکڻ جي شروعات ڪندا آهن. حالتون حساسيت جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، مون سان به شايد ائين هُجي، پر مون خارجيت کي وڌيڪ محسوس ڪيو آهي. مُون پنهنجي پاڻ ۾ مُبتلا رھڻ بدران، ڏُور ڏُور تائين اکيون پٽي نِھاريو آهي ۽ محسوس ڪيو آھي اُنهن ڪهاڻين کي، جيڪي منھنجون نه ھيون، پر مون انھن کي پنھنجو ڪيو ۽ اُھي ھاڻي منهنجون ئي ڪهاڻيون آهن.

ارم محبوب: توهان ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ڪھڙي صنف اوهان کي پنھنجي دل جي وڌيڪ ويجهي محسوس ٿي لڳي؟

ضراب حيدر: ادب ته تمام وڏو جھان آھي، ادب جا ٻه وڏا ميدان آھن، انھن ۾ ھڪڙو نثر آھي ٻيو نظم يعني شاعري. نثر ۾ تنقيد، تحقيق، ترجمو ۽ تخليق شامل آھن. ان کان وڌيڪ به فيلڊس آھن، جن ۾ سوانحي ادب ۽ دستاويزي ادب اچي ٿو وڃي. ان کان علاوہ اوريانا فلاسي، ريشاردو ڪا پوشنڪي، مارڪ ٽوئين، پيٽر ھيسلر، رابرٽ ھيرس جھڙا صحافي به آھن جن صحافتي ادب به متعارف ڪرايو، سو ادب جا شعبا الائي ڪيترا آھن، انھن ۾ صنفون الائي ڪيتريون آھن. ان کانسواءِ جيڪڏھن شاعريءَ کي ڏسجي جيڪا اُم العلوم (علمن جي ماءُ) آھي ته پوءِ مان جيڪو بس ھڪڙو آرٽسٽ آھيان ڪيئن چوان ته مون فلاڻي صنف ۾ ڪو ڪمال ڪيو آھي. مان ھڪڙو نثر نگار ۽ تخليقڪار آھيان، جنھن کي داستان گوئيءَ سان شغف آھي ۽ بس! زندگيءَ ۾ ڪو هڪ اڌ شعر لکجي ويو هوندو ته هوندو، نه ته نه… زندگي ته اساطير ۾ گذري آھي. ڪھاڻي ھجي يا ڪالم يا وري ھجي ڪا ڪالم ڪهاڻي، منهنجي فطرت جو حصو آهن. مون هڪڙي آتم ڪٿا لِکي هئي، يعني پنھنجي داستان جو ھڪڙو ننڍڙو حصو جيڪو “زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان” جي ٽائيٽل سان شايع ٿيو ھو. اُن کي منھنجي پبلشر دوست الائي ڇا سوچي “آتم ڪٿائي ناول” جو نالو ڏئي ڇڏيو. جنهن تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سال 2006 ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ به مليو هو، پر اُهو ناول نه هو نه وري مون ناول ڪري لکيو هو، منھنجي پنهنجي ئي ڪٿا ھئي، جيڪا تمام گهڻي مشھور به ٿي ۽ ماڻهن کي وڻي به. سو ڪٿا هجي يا ناول يا وري ڪا ڪهاڻي، منهنجي دل مان ئي نڪرندي آهي. مون بي دِليو يا ٽينڊر تي ڪڏهن به ناهي لکيو. مون جيڪي ڊرامه به لکيا آهن ته اُھي به آرٽ پليز ئي لکيا آهن، جن ۾ فن ھو، احساس ھئا، ڪمرشلزم ڪونه ھو.

ارم محبوب: ادب ۽ ادبي دنيا هڪ هوندي به هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهي ناني ويڙهو ڪلچر ٻين ٻولين جي ادب ۾ به ملي ٿو يا رڳو اسان ئي ان جا شڪار آهيون؟

ضراب حيدر: ان موضوع تي مان ڳالهائڻ ان لاءِ به نه چاهيندس ته منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته اِهي اٽڪلون ۽ حِرفتون اديبن جو نه بي ادبن جو ڪم آهي. مون کي ان جو اندازو 1998ع جي سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ٿيو هو، جڏهن مان سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عُهدي تي بيٺو هئس. مون اڳ ۾ به اھو ذڪر ڪيو ته منھنجو پھريون ڪتاب “انگن چڙھيو انگ” 1989ع ۾ ڇپيو ھو، ادبي سنگت ۾گهڻو بعد ۾ شامل ٿيو ھئس. مان ڪنھن رڻ ۾ ڦُٽل رابيل ھئس، ادبي انجمن جي پيداوار ڪونه ھئس. ادب پڙھيو ھئم، جنھن زندگيءَ جو اھو اصول سمجهايو ھو ته: “سڀ ڪجھه ھارائي، تعلق کٽبا آھن” پر اديبن جي اليڪشن ۾ مون اِھو ڏٺو ته ھتي “تعلق ھارائي، عھدا کٽيا پيا وڃن”… جن کي مون ساڃاھ وند پئي سمجهيو، سي گروھ بند ھئا. مون اڪثريت کي متعصب ڏٺو. ان جو ڪارڻ به سمجھه ۾ آيو ھو ته ادبي سنگت جي ميمبرشپ لاءِ اديب ھجڻ شرط ئي ڪونه ھو. سنڌي ادبي سنگت 1946 کان وجود ۾ آئي، جنهن جي 1947 ۾ پھرين باڊي چونڊي وئي، ورهاڱي کانپوءِ اُها غير متحرڪ ٿي وئي، ورهاڱي کان اڳ جيڪي ماڻهو هئا سي به وڏا عالم ۽ اديب هئا جن ۾ گوبند مالهي، آسانند مامتورا، لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، سوڀو گيانچنداڻي، عبدالرزاق “راز” سوڀو گيانچنداڻي، عبدالرزاق “راز” شيخ اياز، بِھاري ڇاٻڙيا ۽ ٻيا شامل هئا. 1952ع ۾ نور الدين سِرڪي ۽ عبدالغفور انصاري جي دلچسپي سان نئين سِر ادبي سنگت سرگم ٿي جو، 1952ع ۾ بنگلاديش ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي فساد ٿيا. بنگالي گوليون کائي بنگالي ٻوليءَ کي حياتي ڏئي چڪا هئا، سنڌي ٻوليءَ جي موت ۽ حيات جو سوال آڏو هو، ڪنڊ پاسي کان ون يونٽ جو چوٻول به ٿي رهيو هو، انهن سمورين ڳالهين سنڌي اديبن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ٻيو دور 1953ع ڌاري شروع ٿيو. هن ڀيري به ابتدا مرحوم احسان بدويءَ ڪئي. سندس سڏ تي غفور انصاري، اياز قادري، مولانا عبدالواحد سنڌي، نورالدين سرڪي ۽ ٻيا اديب گڏ ٿيا. سُتت ئي سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل سبب محمد ابراهيم جويو به سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪراچي آيو ۽ “سنڌي ادبي سنگت” کي هڪ قابل ۽ لائق سونهون ملي ويو. ترت پوءِ  ِسوڀي گيانچنداڻيءَ به ڪراچيءَ ۾ اچي سنگت جو ساٿ ڏنو، ساڳئي وقت غلام رباني آگرو، سراج، شيخ حفيظ، رشيد آخوند ۽ رشيد ڀٽي به روزگار ۽ تعليم جي سلسلي ۾ ڪراچي آيا ۽ سنگت جي ميڙن ۽ معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت جون باقاعدي گڏجاڻيون جناح ڪورٽس، ميٺا رام هاسٽل، سنڌ مدرسي، ڌنيرام بلڊنگ ۽ مانڊي والا بلڊنگ ۾ ٿيڻ لڳيون. موتي رام جهڙي مالي صلاحڪار جي مدد سان سنگت جو اشاعتي سلسلو به شروع ڪيو ويو. مولوي عبدالواحد سنڌيءَ به “نئين زندگي” رسالي ۾ نون اديبن کي ڇاپي سندن همت افزائي ڪئي. “مهراڻ” رسالي جو اجراءُ به ٿيو، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ ادب ۾ نون لاڙن جو علمبردار هو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ٻيهر قيام ۽ اثرائتي عمل، سنڌ جي ٻين حصن جي اديبن کي به سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ تي سوچڻ لاءِ آماده ڪيو. ان وقت تائين سڄيءَ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ (نالي ماتر) اديبن جي جماعت “جميعت الشعراء سنڌ” هئي، جيڪا پنهنجن پراڻن خيالن جي ڪري نون اديبن لاءِ اهميت جوڳي نه رهي، ان ڪري نوجوان ۽ روشن خيال اديب، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري، مولانا غلام محمد گرامي، عبدالڪريم گدائي، مولائي شيدائي ۽ ٻيا جميعت کي ڇڏي، سنڌي ادبي سنگت ۾ اچي شامل ٿيا. 1954ع جي جولاءِ ۾ رشيد ڀٽيءَ سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ آندو. اهڙيءَ طرح حيدرآباد ۾ “عوامي ادبي انجمن” جي پليٽ فارم تي ڪم ڪندڙ تنوير عباسي، عثمان ڏيپلائي، مولانا گرامي، مقبول ڀٽي، ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، شمشيرالحيدري، مراد علي مرزا، بيگم زينت چنا ۽ ٻين  اديبن سان رشيد ڀٽيءَ ملاقات ڪري “عوامي ادبي انجمن” کي “سنڌي ادبي سنگت” ۾ ضم ڪرايو ۽ حيدرآباد سنگت جو پهريون سيڪريٽري تنوير عباسي ٿيو، ڏسندي ڏسندي 1956ع تائين جيڪب آباد ۾ برڪت آزاد ۽ عبدالڪريم گدائيءَ، نوابشاهه ۾ بردي سنڌي، نور عباسي ۽ قمر شهباز، خيرپور ۾ جمال رند، خواجه سليم ۽ هادي بخش لاڙڪ، شڪارپور ۾ بشير مورياڻي ۽ نياز همايونيءَ، لاڙڪاڻي ۾ دوست محمد ابڙي ۽ تاج محمد ابڙي، ٽنڊي محمد خان ۾ پرواني ڀٽيءَ، جهمپير ۾ ابن حيات پنهور ۽ ميرپوربٺوري ۾ پٿر سنڌيءَ (قاسم پٿر) سنڌي ادبي سنگت جون شاخون قائم ڪري ورتيون. سندن سرگرمين “جمعيت الشعراء” جهڙي تنظيم کي به متاثر ڪيو ۽ اپريل 1956ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ “ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس” جي موقعي تي “جمعيت الشعراءِ سنڌ” جي ڪارندن، ترقي پسند اديبن کي به انفرادي طرح ڪوٺ ڏئي گهرايو، اتي سنڌ جي جدا جدا سنگتن جا نمائندا اچي شريڪ ٿيا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي تنظيمي ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. 10 جولاءِ 1956ع تي ڪميٽيءَ جو ميڙ حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنگت جي رٿيل جوڙجڪ (آئين) کي آخري شڪل ڏئي، ڪراچيءَ ۾ آل سنڌ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ سنگت جو پهريون ڪنوينشن، 17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ جي ٻارنهن شاخن (شڪارپور، لاڙڪاڻي، قنبر علي خان، سکر، خيرپور، مورو، نوابشاهه، جيڪب آباد، ٽنڊي محمد خان، جهمپير، ميرپوربٺورو ۽ ڪراچي) جي 33 عيوضين شرڪت ڪئي، سنگت جي آئين پاس ٿيڻ کانپوءِ مرڪزي سنگت جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ اياز قادري سيڪريٽري، شمشيرالحيدري جوائنٽ سيڪريٽري، موتي رام رامواڻي خزانچي ۽ع. ق. شيخ آڊيٽر چونڊيا ويا. ٻن ٽن مهينن بعد اياز قادري استعيفيٰ ڏني ۽ شمشيرالحيدري سندس جاءِ تي سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. شمشيرالحيدري 10 سالن تائين سنگت جون واڳون سنڀاليون. هن دور ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ زوردار نموني سان هلي. سڄيءَ سنڌ مان هزارين پوسٽ ڪارڊن ۽ صحيحن ذريعي ايوب خان تي سخت دٻاءُ وڌو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليم خلاف سازشون بند ڪيون وڃن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. 12 آڪٽوبر 1962ع تي جنرل ايوب کي جهڪڻو پيو ۽ هن، سنڌي ٻوليءَ کي پرائمريءَ تائين محدود ڪرڻ واري فيصلي کي واپس ورتو ۽ سنڌي اديبن، شاگرن، استادن ۽ سياسي ڪارڪنن جي تحريڪ ڪامياب ٿي. سڄيءَ سنڌ ۾ “سنڌي زبان جا ڏهاڙا” ملهايا ويا.

12 آڪٽوبر 1966ع تي سنڌي ادبي سنگت جو ٻيو مرڪزي ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل تنوير عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري پروانو ڀٽي، خزانچي حميد سنڌي ۽ آڊيٽر تاج بلوچ چونڊيا ويا. ان کان اڳ تنوير عباسي، 1965ع ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سوسائٽي رجسٽريشن ائڪٽ 1860 تحت جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز، حيدرآباد ۾ (رجسٽريشن نمبر 727 تحت) رجسٽر ڪرائي چڪو هو.

ڊاڪٽر تنوير عباسي 1966ع کان 1969ع تائين سيڪريٽري جنرل رهيو. هن دور ۾ سنگت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. تنوير عباسي پهريون سيڪريٽري جنرل هو، جنهن سنڌ سنگت جو باقاعدي رڪارڊ رکيو. هر اجلاس ۾ پاس ٿيندڙ ٺهراءُ سرڪار کي موڪلي، انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. تنقيدي ڪلاس باقاعدي هلايا ويا، ون يونٽ خلاف باقاعدي تحريڪ هلائي وئي. سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل “بزم صوفياءِ سنڌ” ۾ سنگت سان لاڳاپيل اديب باقاعدي شريڪ ٿيندا رهيا. سنگت پنهنجو وقار ۽ نالو قائم ڪيو.

1970ع ۾ سنڌ- سنگت جي سالياني ڪنوينشن رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري تاج بلوچ، خزانچي محمد بخش سومرو ۽ آڊيٽر منير سنڌي (ماڻڪ) چونڊيا ويا. رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ سنڌي اديبن ۽ سنڌ جي قومي سياستدانن جي گڏيل جدوجهد رنگ لاتو ۽ ون يونٽ ٽُٽو ۽ سنڌ، پاڪستان جي نقشي تي ٻيهر پنهنجو وجود برقرار رکيو. جيئن ته هن دور ۾ رشيد ڀٽي سياسي طرح وڌيڪ سرگرم رهيو، ان ڪري تاج بلوچ ۽ ٻين رشيد ڀٽيءَ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. 1979ع ۾ تاج بلوچ کي ان شرط تي سنڌي ادبي سنگت جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو ته هُو سنگت جون ترت چونڊون ڪرائيندو. هي پورا پنج سال سنگت جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيو، ان ڪري، سنڌ جي ڪجهه نوجوان اديبن: لياقت رضوي، علي نواز ڦل، ظفر عباسي ۽ ٻين سنڌ جي اديبن سان رابطا ڪري مرڪزي چونڊن لاءِ تحريڪ هلائي. نتيجي طور سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، 5 آگسٽ 1983ع تي، خيرپور پريس ڪلب ۾، رشيد ڀٽي ۽ تاج بلوچ جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جون مرڪزي چونڊون ٿيون، جن ۾، نئين آئيني ترميم موجب، ٻن سالن لاءِ تاج جويو، سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيو. ساڻس گڏ شفيع محمد “مخفي” جوائنٽ سيڪريٽري، علي نواز ڦل خزانچي ۽ امين ٿيٻو آڊيٽر چونڊيا ويا.  جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت مطلب تاج بلوچ ۽ تاج جويي واري دور کان  ڊڪٽيٽر ۽ جاگيرداري رواج جو شڪار ٿيندي رهي. جيڪا هينئر سوڌو سنئين پير ڪونهي.

مان جڏهن سنڌي ادبي سنگت تي جوائنٽ سيڪريٽري جي عُھدي تي بيٺس ته تاج جويو ۽ يوسف سنڌي گروپ ۾ ٺاهه ٿيو، مان هڪڙو يوسف سنڌي جو ماڻهو سمجهيو وڃڻ لڳس ۽ مختيار ملڪ سيڪريٽري جنرل، اختر درگاهي خزانچي ۽ اصغر سُجاڳ آڊيٽر تاج جوئي جا ماڻهو ٿي ويا. اڳتي هلي مون استعيفى ڏني ۽ جان ڇڏايم. ادبي سنگت 1970 تائين پاڻ ملهايو اُن کانپوءِ سواءِ واھ واھ ۽ هڪ ٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ڪيو. ڪو ٻڌائي ته ڪھڙو سنڌي ادب کي ٿنڀا ۽ ٿوڻيون لڳي ويون آهن. هينئر تائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملي سگهيو آهي، هندستان ۾ ڪي سال اڳ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو درجو حاصل ڪري چُڪي آهي. مان اڄ جيڪو به جِھڙو به ڪهاڻيڪار آهيان پنهنجي تخليقي سگھه جي ڪري ئي آهيان ها، پر سنڌي ادبي سنگت ۾ اچڻ ڪري مان به ڪنهن هڪ خاص گروهه جو ڪهاڻيڪار ليکجڻ لڳس، اهو وڏو نقصان ٿيم. مون ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو. ڏاڍو ڏک به ٿيندو اٿم ته يوسف سنڌي جي سٿ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ مرڪزي چونڊن ۾ بيٺس، وري اتفاق سان يوسف سنڌي “سچائي اشاعت گهر” پاران منهنجا ٽي ڪتاب ڇپرايا، ان ڪري مون تي يوسف سنڌي جو ماڻهو هُجڻ جا ليبل لڳي ويا. اُن جا مون کي ڪيڏا نقصان ڀوڳڻا پيا اُهي شايد ڪڏهن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لِکان. شايد اهو به ضرور لکان ته منهنجي ڪهاڻين جي پھرين مجموعي اچڻ کانپوءِ ڪيئن مختلف سياسي ۽ ادبي ڌُرين مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جون آڇون ڪيون جيڪي مون ان وقت به رد ڪيون هيون اڄ به رد ڪريان ٿو. مان سنڌي ٻوليءَ، سنڌ ۽ سموري دنيا جو ڪهاڻيڪار آهيان، ڪنهن تحريڪ ڪنهن تنظيم يا ڌُر جو برانڊ ايمبيسڊر ناهيان.

ارم محبوب:         اوهان جون گهڻي ڀاڱي ڪھاڻيون انتھائي حساس موضوعن تي لکيل آهن يقينن اعتراض به اٿاريا ويا هوندا ان ڏس ۾ اوهان ڇا چوندا؟

ضراب حيدر: سعادت حسن منٽو کي ڪنهن چيو هو ته ماڻهن کان تنهنجون لکڻيون برداشت نه ٿيون ٿين، هن جواب ۾ صرف ايترو چيو هو ته جيڪڏهن ماڻهن کان منهنجون لکڻيون برداشت نه ٿيون ٿين ته پوءِ هي زمانو ئي ناقابل برداشت آهي. مون 2018ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي “حيدرآباد” ۾ پنهنجي پاران ۾ واضع لکيو آهي، سو مون کي اڃان ته لکڻو آهي. باقي اعتراض ته مون تي به جام ٿيا آهن گاريون به مليون آهن، ڪجهه ستن جتن پوتي پاڪ اديبن جو اِهو به چوڻ آهي ته منهنجا ڪتاب گهر ۾ رکڻ جِھڙا ناهن، منهنجو ڪھاڻيون اخلاق کان ڪِريل آهن. اُن لاءِ مان صرف ايترو چوندس ته مون ڪهاڻين ۾ سماج ۽ معاشري جي تصوير ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ اخلاقيات سماج ۽ معاشري تان ئي کنيل آهي. بس منهنجي پيشڪش جو انداز مختلف آهي جيڪو ڪنهن کي وڻي ٿو ڪنهن کي نٿو وڻي.

ارم محبوب: ادب، شوق هئڻ گهرجي يا ذميداري؟

ضراب حيدر: ادب هڪ گهڻ معنائون لفظ آهي، جنهن جي تشريح ڪجهه جملن ۾ نٿي ڪري سگهجي. جديد دور ۽ زماني سان ادب جو ڪينواس به پکڙجندو وڃي ٿو. انساني سوچ کان ويندي عمل سڀ ادب جي ذمري ۾ اچي ٿو، مطلب ادب انساني زندگيءَ جو احاطو ڪري ٿو. منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ادب اصل ۾ تخليق آهي. هر انسان جي فطرت ۾ تخليق جي خواهش ٿئي ٿي، هر ماڻهو جمالياتي حِس رکي ٿو، اُن فطري خواهش يا جمالياتي حِس سان ئي آرٽ پيدا ٿئي ٿو. سو چئي سگهجي ٿو ته ادب شوق به آهي، شوق جيڏو وڌندو اُهو نيٺ ذميداري جو روپ ڌاريندو. هڪ خاص وقت کانپوءِ شوق ذميداري ٿيو وڃي. باقي مون کان پڇو ٿا ته ادب مون لاءِ ڇاھي ته مان چوندس ته ادب منھنجوPassion  (جنون) آھي. جڏھن توھان ۾ ديوانگي آھي ته پوءِ توھان لاءِ ادب رڳو ذميداريResponsibility نٿو رھي، پر توھان جي لاءِAccountability  ٿي وڃي ٿو.

ارم محبوب: اسان جو اديب ان ذميداري کي نڀائڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي؟

ضراب حيدر: ذميداري فڪري بلوغت سان ايندي آهي اسان جي ادب ۾ اڪثريت سڌڙين جي آهي. اڪثريت اهڙين اديبن جي آهي جيڪي صرف شوق ۽ نالي خاطر لکن پيا، هر صنف تي مٿو کپائين پيا، ان انداز مان سندن متلون مزاجيInconsistency  ظاھر ٿئي ٿي. سوشل ميڊيا ته ليکڪن ۽ ليکڪائن جي فوج ظفر موج پيدا ڪري ڇڏي آهي، هرڪو پنهنجو شوق پورو پيو ڪري. ادبي ذميداري ڇا آهي؟ ان جي کين پرواهه ئي ڪونهي. فرض ڪريو  جيڪڏهن توھان ڪنھن جيGrowth points جي نشاندھي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا توھان ڪنھن لکڻيءَ ۾ امپرومينٽ آڻڻ بابت صلاح ڏني ته توھان سان دشمني شروع ڪري ڏيندا. فرضي نالن سان، مٽن مائٽن جي آءِ ڊيز تان توھان جي خلاف اھڙي مھم ھلائيندا جو توھان ڪنھن چڱي ڳالھه جي تعريف ڪندي به ڊڄندا پيا. الائي ڪيترا لاٺڙيا ۽ ٻولڙيا ته آھن ئي آھن، پر جن بابت سنجيده ۽ سيزنڊ ھجڻ جو تاثر ھجي، اُھي ماڻهو به بدتميزي تي لھي ايندا. هاڻي گارگند ۽ بدتميزي به ادب آهي؟

ارم محبوب: اسان وٽ جيڪو ادب اڄ سرجي پيو وقت ۽ حالتن سان ان ۾ ڪيتري مواقفت نظر ٿي اچي؟

ضراب حيدر: وقت ۽ حالتن پٽاندر سنڌي ادب پنهنجي رفتار سان هلي پيو پر سِکيا جي کوٽ، مُشاهدي ۽ مطالعي جي ڪمي جي ڪري ڪافي نقص آهن جيڪي بھرحال رهندا. اُن جو هڪ خاص سبب اڳ به چئي چُڪو آهيان ته هنڊائڻ وارو رويو اسان جي اديبن ۾ ڪونهي، سڀ ڄمندي ڄام آهن. ھر ڪنھن کي اديب ھجڻ جي خوش خيالي آھي. جڏھن اُن نرگيسيت مان نِڪرنداسين ته ڪجھه فن به سرجي پوندو ته ڪي ڪڻا ٿالھيءَ ۾ نظر به ايندا، پر اُن جو مطلب اِھو ناھي ته ڪو ڪال اچي ويو آھي… ھا البته قحط الرجال آھي، سو آھي، ڇا ڪجي؟

ارم محبوب: سنڌي ادب اڄ ڪھڙي مقام تي بيٺل آهي؟

ضراب حيدر: اسان جي سنڌي ادب جو مقام به اديب سان آهي. اسان جو اديب ٿورو مشھور ٿيڻ سان گهڻو ڪري دانشور ٿي ويندو آهي ۽ باشن ڏيڻ شروع ڪندو آهي، دانشور وري سياستدان ٿي ويندو آهي، وڏو الميو آهي. ماضي جا جيڪي به ناليوارا شاعر يا اديب هئا، سي اڄڪلهه لکن ڪٿي ٿا، باشن پيا ڏين يا وري سياست پيا ڪن. سوشل ميڊيا تي جيڪا مشروم گروٿ ٿي آھي ۽ لکندڙ پيدا ٿيا آھن، سي وري ڄمندي ڄام آهن. سو سنڌي ادب اُتي ئي بيٺو آھي جتي اڌ صدي اڳ هو.

ارم محبوب: اسان جي ادب جا منفي ۽ مثبت لاڙا ڪھڙا آهن؟

ضراب حيدر: ادب جا منفي لاڙا ٿي نٿا سگهن. ادب ته زندگي آھي، زندگيءَ جو اظھار، زندگيءَ جو ڍنگ آھي. ادب ھر حالت ۾ قومن جي موجود ھجڻ جو اِھم اشاريوIndicator  آھي. منفي رويا ٿيندا آھن. البته اسان جو ادب ڏانھن رويو ناڪاري آھي. ادب سماج کي عزت ڏيڻ لاءِ نه پر پنھنجي لاءِ دولت ۽ شھرت ڪمائڻ جو ذريعو بڻجي ويو آھي.

ارم محبوب: اوهان جو ناول رنگ گرهڻ مڪمل شايع نه ٿي سگهيو، جيڪو همسري ۾ گهڻي وقت کان قسطوار هليو پئي ڪو خاص سبب؟

ضراب حيدر: ڪو خاص سبب نه هو، بس لاڪ ڊائون جي ڪري حالتون ۽ ڪيفيتون ڪجهه اهڙيون ٿي ويون جِن اُن سلسلي کي بريڪ ھڻي ڇڏي، پر مان اڃان به اِهو چوندس ته ناول مون کان ڪجهه گُهريو پئي اُنهن ڪهاڻين وانگي جيڪي سالن کان اڌ ۾ يا وري پُڄاڻي تي ڪجهه گهرجن جي آڌار رُڪيل آهن. مان پنهنجي لکڻي تي ڪڏهن سوار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهيان. مطالعي کان وڌيڪ منهنجو مُشاهدو منهنجي لکڻين کي جان بخشيندو آهي. سو شايد ان ناول کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪي رولاڪيون رهيل هُجن جيڪي ڪرڻيون پون، ڪي ڪردار ۽ جسم هُجن جيڪي اوڍڻا پون.

ارم محبوب: پڙهندڙن وٽان ڪيتري موٽ ملي؟

ضراب حيدر:         منھنجي توقع کان به تمام گهڻي موٽ ملي آھي، ماڻهو ناول جي مڪمل ٿي اچڻ جي انتظار ۾ آهن.

ارم محبوب: اوهان جي خيال ۾ اسان جي سنڌي اديب جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ڪھڙو آهي؟

ضراب حيدر: اديب، مسئلن جا حل ٻڌائيندا آھن، انھن کي ڪوبه مسئلو ٿي نٿو سگهي. ھا ٻين جي مسئلا ئي اديبن جو وڏو مسئلو آھن. توھان ماڻھن جا مسئلا ختم ڪيو، اديب جي اک روئڻ ڇڏي ڏيندي. عاميانو جواب پڇو ٿا ته ڪھڙا سور ويھي پٽجن. ايئن سمجهو ته سچو اديب سنڌ وانگر آھي، جنھن جي ھر نعمت سندس وارثن لاءِ ممنوع آھي.

ارم محبوب: توهان جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد؟

ضراب حيدر: منهنجا هينئر سوڌو چار ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ ٽي ڪهاڻين جا مجموعا: انگن چڙهيو انگ 1989ع، سرحدن کان اڳتي 1996ع، حيدرآباد  2018ع ۽ آتم ڪٿا جو حصو پھريون، زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان 2006ع.

ارم محبوب: اڄڪلهه ڇا پيا سوچيو؟

ضراب حيدر: اھو پڇو ته ڇا ڇا نه پيو سوچيان. باقي جيڪڏھن لِکڻ جو پڇو ٿا ته کوڙ ساريون ڪھاڻيون ۽ ناول “رنگ گِرهڻ” مڪمل ڪرڻ بابت پيو سوچيان.

ارم محبوب: سرڪاري سطح تي اهي ڪھڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن جن سان اسان جو اديب، ادب جي چونڊ ڪري پڇتاءُ جو شڪار نه ٿئي؟

ضراب حيدر:         منهنجي خيال ۾ تخليق انساني فطرت آهي ۽ آرٽ اُن فطري خواهش مان پيدا ٿئي ٿو، آرٽ ۽ ٻين علمن ۾ اِهو فرق آهي ته هي علم مادي نفعي جي غرض نه رکندو آهي. سو پڇتاءُ جو سوال ٿي پيدا نٿو ٿئي. آرٽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ پيدا ناھي ٿيندو. سرڪاري سرپرستيءَ ۾ آرٽ جي نالي تي پروپيگنڊا ٿيندي آھي.

ارم محبوب:         سنڌي ادب جديد دور جي تقاضائن تي ڪيتري قدر پورو لٿو آهي؟

ضراب حيدر: ھر پل جدت اچي پئي. ٽي سال اڳ ۾ ڪيل پي ايڇ ڊي، چوٿين سال آئوٽ ڊيٽڊ ٿي ويندي آھي. علم ھر لمحي نئين انڪشاف سان ملاقات پيو ڪرائي. اسان کي ڏسڻو اھو آھي ته دنيا ۾ جيڪي ڪجھه لکجي پيو، اھو اسان جي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿئي پيو ۽ اھو به ته اسان جو ادب دنيا جا ٻيا ماڻھو پڙھن ٿا. جيڪڏھن جواب نھڪار ۾ آھي ته پوءِ  توھان وٽ علم ۽ ادب جي ترسيل ۽ ترويج آھي ئي ڪونه، تقاضائون پوريون ٿيڻ ته پري جي ڳالھه آھي.

ارم محبوب: ادب ۽ ثقافت جي نالي تي اڄڪلهه ميلن ملاکڙن تي گهڻو زور آهي اهي سرگرميون ادب لاءِ ڪيتري حد تائين فائديمند چئي سگهجن ٿيون؟

ضراب حيدر: ميلا ملاکڙا سُٺي ڳالهه آهن، اُنھن کي بلڪل هٿي وٺرائڻ گهرجي. ادبي ميلن ميڙاڪن جي پويان فقط ڪمرشل مقصد نه ھجڻ گهرجن.

ارم محبوب: ماضي جي نسبت اڄ معياري ۽ باقائدگي سان ڇپجندڙ سنڌي رسالا تمام گهٽ آهن ان جو سبب؟

ضراب حيدر: طارق اشرف ۽ ظفر حسن جھڙا عاشق جو اڄ اوطاقن ۾ ڪونھن. 

ارم محبوب: ادب جي حوالي سان اوھان جو ڪو خواب جيڪو اکين ۾ اٽڪيل ھجي؟

ضراب حيدر: ھڪڙو خواب ھو ته شيخ اياز کي ادب تي نوبل پرائز ملي ھا…

ارم محبوب: ڪھاڻي سرجڻ مھل اوھان ڪھڙين ڳالھين کي سامھون رکندا آھيو؟

ضراب حيدر: اول ٿيم! سڀ کان پھرين يعني جيڪا سوچ مون کي اسٽرائيڪ ڪري رھي ھوندي آھي، اُھا ھيءَ ته ھيءُ آئيڊيا دنيا ۾ ڪٿي ڪنھن اڳ ۾ ته ناھي لکيو. اُن کانپوءِ پلاٽ سوچيندو آھيان. پلاٽ ۽ ڪردار گڏ گڏ ذھن ۾ ايندا آھن.

منھنجي منظر نگاري، منھنجي ڪردارن جا مڪالما، سچوئيشنز ۽ لوڪل مشاھدي تي آڌاريل ھوندا آھن. ھيومن سائڪالاجيءَ جي اُميدن جا اُلجهاءَ سمجهڻ ۽ سُلجهائڻ لاءِ تخيل جي طاقت استعمال ڪندو آھيان. پنھنجي مطالعي کي، پنھنجي تخليقن تي مڙھجڻ ناھيان ڏيندو. مان چاھيندو آھيان ته مطالعو منھنجي ذھن جي سِراڻ ڀل ھجي، پر منھنجي تخليق منھنجي مشاھدي جي زور تي “وڄ جا پاڻي” بڻجي.

ارم محبوب: هاڻي لکجندڙ ڪهاڻي ۽ نون ڪهاڻيڪارن بابت ڇا چوندا؟

ضراب حيدر: ڪھاڻي مري يا رُڪجي وئي آهي؟ پر اھڙي فتويٰ نما بيان تي، جڏهن زندگي ڪٿي جامد ٿي وئي يا سنڌ جي مِٽي به مرحيات ٿي وئي ته پوءِ اِهي ڳالهيون ڪبيون، پر زندگي به چُري پئي ۽ سنڌ به جيئي پئي. سو ڪھاڻي به ڊوڙي نه ته رڙهي ضرور پئي. سنڌ ۾ جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، سا مان مسلسل پڙهان پيو. انيڪ نالا آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ سان جُڙيل آهن. سنڌ ۾ هِن وقت جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، اُن مان جهلڪ اچي پئي ته ها ٻيلي، اُها هاڻي جيڪا اڃان ننڍڙي آهي اٻوجهه آهي، ڪمزور آهي، سا ضرور جوان ٿيندي ۽ اسان جي کُٽي ويل جُهڪي ويل ڪُٻين پوڙهين ڪهاڻين کي ڪُلهن تي ضرور کڻندي. مان ڪنهن ٻئي لاءِ نٿو چوان، پنهنجي لاءِ ٿو چوان ته منهنجي ڪهاڻي وقت سان گڏ پيرسن به ٿيندي ۽ ھڪڙو زمانو ايندو جو نئين ڪهاڻي وقت جي اسڪرين تي نئين جلوي ۽ چمڪي سان چمڪندي.

ڪھاڻي جيتوڻيڪ اَڪ جي ماکي ڪونهي ته لاهي وٺجي، پر کجيءَ جو تُور به ناهي جو ڇاڻي نه سگهجي، اڻ ڄاڻ ته اڪ جي ماکي به لاهي نه سگهندو، سو ڳالهه وري به آهي اُن ڏانءُ جي جيڪو کجيءَ جو تور به لاهي سگهي.

ارتقا جيڪا زندگيءَ جو حِصو آهي، سا ئي ارتقا ڪهاڻيءَ جو به حصو آهي، جو ڪھاڻي زندگيءَ کان ڪنهن به ريت ٻاهر ڪونهي، ڪنهن کي به امر يا وڏو ڪوٺڻ يا بس اُتي دنگ ڪري ڇڏڻ کان اڳ اِهو ضرور سوچڻو آهي ته پويان هڪڙو قافلو آهي، جيڪو ڪاهيندو اچي ۽ ضرور اُهو قافلو، ارتقا جي مرحلن مان گذري ترقيءَ ڏانهن وڌندو، سو مان ته گهٽ ۾ گهٽ نااميد ناهيان.

مان حيرت ۾ آهيان ته اسان جي سنڌي ادب ۾ گاديون توڙي درگاهون ٺاهيون ويون آهن، جن تي مجاور مقرر آهن، جيڪي پويان ايندڙ قافلي کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهن، نه وري اڳتي جي ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

ناصر قاضي، ڪجهه ئي ڪھاڻيون لکيون آهن، پر سندس پيشڪش ۽ ڏانءُ نرالو آهي، سندس ٻولي ۽ لکڻ جو ڏانءُ بنهه منفرد آهي. ناصر قاضي جيڪڏهن ساڳئي محنت سان ڪھاڻيون لِکندو رهيو ته، هُو ايندڙ دور جو نمائندا ڪھاڻيڪار آهي.

عين سحر جي ڪھاڻين ماءُ ۽ ثابتي پڙهڻ کانپوءِ، اندازو ڪري سگهجي ٿو  ته سندس مِٽيءَ ۾ ڪھاڻين جو مُھين دڙو موجود آهي، ھن پاڻ ئي جان مارشل بڻجي، داستاني تھذيب جا سڀ آثار دريافت ڪري دنيا جي آڏو نروار ڪيا آھن. عين سحر جون ڪھاڻيون پنهنجي رک رکاءُ سان پيش ٿين ٿيون، جِن ۾ زندگيءَ جا فظري رنگ جهلڪن ٿا، پر ذڪر هيٺ آيل سندس ٻَئي ڪھاڻيون سنڌي ادب جون شاهڪار ڪھاڻيون آهن، اھو رڳو منھنجي دل جي ڳالهه يا ڪو محض اختراع ناھي. طارق قريشيءَ جھڙي جادُو بيان افسانه نگار به جڏھن اُھي ڪھاڻيون پڙھيون ھيون ته ھن راءِ ڏيندي چيو ھو ته عين سحر جون ڪھاڻيون ماءُ ۽ ثابتي فخر سان دنيا کي پڙھائي سگهجن ٿيون.

سال 2019ع خيرپور ۾ ٿيل “نسيم کرل ڪهاڻي ڪانفرنس” ۽ لاڙڪاڻي ۾ “ملڪ آگاڻي ڪهاڻي ڪانفرنس” ۾ ڪافي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ٻڌيون. سچ پچ هڪ نئين اميد پيدا ٿي. جيتوڻيڪ اصلاح ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي باوجود اُن جي گھڻن ڪهاڻيڪارن ۾ نواڻ ۽ انفراديت هئي. نصرت چانڊيو جي ڪهاڻي “آخري داءُ” صفا ڇرڪائي ڇڏيو، ان  ڪھاڻي ٻُڌڻ کانپوءِ سچ ته اِھو خيال، ايقان ۾ تبديل ٿي ويو ته  بلاشڪ عظيم ڪھاڻي لکجي پئي، پر عناد ۽ تعصب ۾ ورتل ادبي جاگيردار ۽ انھن جا مصاحب ۽ توبچي عظيم ڪھاڻيءَ کي ون يُونٽي ادب کانپوءِ مڃڻ ته ڇا، پر پڙھڻ لاءِ به تيار ناھن. اُن کانپوءِ سندس هڪ اڌ ٻيون ڪهاڻيون مثال طور: “گم ٿيل آڱر” شاندار ڪهاڻيون آهن. ممتاز لوهار جي ڪهاڻي “ڌوتل وڳو، ميرو بدن” ٻُڌم ته دنگ رهجي ويس. ڪھاڻي پڙهڻ جو جيڏو خوبصورت انداز ممتاز وٽ هو، اوترو ئي خوبصورت ڏانءُ سندس لکت جو هو. ڪھاڻي ۾ جنهن سوچڻ جي انداز (ائپروچ) جو ڏس ڏنو آهي تنهن جي هن وقت سنڌي معاشري ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي، مون اڳ ۾ رسول بخش درس جي هڪڙي اهڙي ڪھاڻي پڙهي آهي، پر اُن ڪھاڻيءَ جو رستو هِن ڪھاڻي کان گهڻو الڳ آهي. ٻنهي ڪھاڻين جا ٿيم اُتر ۽ ڏکڻ قطب هُجڻ باوجود سيٽلائيٽ جي مرڪز تي هڪ نظر اچن ٿا. ڪجهه وقت اڳ يار محمد چانڊئي جي ڪهاڻي، “اربع خطا” پڙهي هئي! معمولي قسم جي فائين ٽيون ڪرڻ کانپوءِ اُها ڪهاڻي، سنڌي ادب جي شاهڪار ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي. دريا خان شنباڻيءَ جون بنا ميڪ اپ جي سادڙيون سُهڻيون ڪھاڻيون لکي ٿو، پر کيس ورجاءُ کان پاسو ڪندي ڪھاڻي جي ميدان ۾ ٻين ڏسائن ۾ به نڪرڻ جي ضرورت پوندي، جتي ڪئي ڪھاڻيون دل وٽان ته نه هونديون پر دِل سان ميڙڻيون پونديون. سيما چانڊيو به چڱيون ڪهاڻيون لکي ٿي، سندس ڪھاڻي اعتقاد ۾ هڪڙي معمولي ٿيم کي جنهن خوبصورتي سان پيش ڪيو آهي، سو ئي ڪهاڻيءَ جو آئيندو آهي، بس ڳالهه آهي ته پيشڪش جي ته انداز ڪهڙو ۽ ڪيئن هُجڻ گهرجي؟ اُن لاءِ کيس محنت ڪرڻي پوندي.

سيما عباسيءَ جي  ڪهاڻين ۾ هڪڙو روشن ٽٻڪو نظر آيم، مان پڪ سان چوان ٿو ته سيما عباسي بجاءِ ٻين پاسن ڏانهن پنھنجا پَر پکيڙڻ جي جيڪڏهن ڪھاڻيءَ کي پنهنجي پَرن ۾ لِڪائيندي ۽ سنڀاليندي ته، سندس ڪھاڻيون پرِين جيان ادب جي ڪوهه قاف تي ڪيترا ديوَ ماري رکنديون. ويجهڙ ۾ ياسمين چانڊيو جون ڪھاڻيون نياڻي ۽ ڀانڊارو پنهنجي رنگ ۾ ڏاڍيون رچيل محسوس ٿيون، جن ۾ ننڍڙا ننڍڙا احساس، ڪنهن معصوم ٻار جي مُرڪن ۽ لڙڪن جيان جَڙيل هئا. ياسمين کي به ڪهاڻيءَ جي پنڌ ۾ اڃان تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي.

اظهار بالاديءَ جي ڪهاڻين تي سامونڊي گِهم جا انوکا رنگ چڙهيل آهن، جن ۾ محبوبيت ۽ رومانس جو رنگ گهڻو رتل نظر اچي ٿو، تن کي لُڪ واري ديس جو سير ضرور ڪرائڻو پوندو. سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو جَھان آهي، جنهن ۾ انيڪ نالا آهن، جيڪي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن، ڪليم ٻُٽ، اختر حفيظ، جهانگير عباسي، عبدالسلام ٿهيم، ميان گُل ڪلهوڙو، مرتضيٰ اوٺو، امداد رند، جعفر شاهاڻي، حسيب ڪانھيو، صنم ڪاظمي، فوزيه سيال، ظفر پياروي، محمد دين راڄڙي، غفار سومرو، فلڪ حُسين ٻُٽ، امداد ڪانھيو، مخدوم آسيه قريشي، هوش محمد ڀٽي، آصف ڪالرو، سرمد عباسي، امداد ڪانهيو، احساس ابڙو، ممتاز ساقي، شفيع بڪڪ، مختيار چنو، ذلفي زنئور پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن چڱيون ڪهاڻيون پيا لکن.

مٿي ذڪر ڪيل سمورن ڪھاڻيڪارن ۽ جيڪي نالا رهجي ويا آهن جون ڪھاڻيون مان اکين سان نه، پر دل سان پڙھندو آھيان. مان نون ۽ سينئرز ۽ انھن ليکڪن جن اڃان ھاڻي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون آھن يا شروع ڪرڻ وارا آھن کي گڏ ڪرڻ چاھيان ٿو. ھا منھنجو خواب آھي ته ھڪڙو ڪٿا اسٿان قائم ڪري، ڪھاڻيون ٻڌجن ۽ ٻُڌائجن. اُھي ڪھاڻيون وري ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿينديون به رھن. طارق اشرف وانگر وري ڪي نوان ڪھاڻيڪار دريافت ڪجن، نه ته خود ساخته ڏاھا ۽ تبصرا نگار توھان کي اھو ئي راڳ ٻڌائيندا رھندا ته سنڌ ۾ نوان (سُٺا) ڪھاڻيڪار ڪٿي آھن…؟

جيڪي تبصرا نگار، تحقيق ڪندڙ، جائزه لکندڙ يا دانشور وغيره آھن، انھن کان توھان اھو سوال ته پڇو ته موجوده دور ۾ واقعي عظيم سنڌي ڪھاڻي ڪونھي؟

جيڪڏھن ھو چون ٿا ته عظيم سنڌي ڪھاڻي، سنڌ ۾ ڪونه ٿي لکجي ته پوءِ پڪ سمجهو ته ھنن گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏھاڪن کان سنڌ جي ڪھاڻيءَ کي پڙھيو ڪونھي يا انھن ڪھاڻيڪارن جي ڏات کين ڏنڀ ٿي ڏئي.

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments