گليلو گليلي: (1642-1564)
گليلو گليلي: (1642-1564)
اعجاز منگي
گليلو کان پروفيسر خائف هوندا هئا، سندس سوالن جا جواب پروفيسرن وٽ به نه هوندا هئا، ان لاءِ کانئس لنوائيندا هئا. اڪثر استادن وٽ هڪڙو ئي جواب هوندو هو ته بابا ارسطو اها ڳالهه اڳ ۾ چئي ڇڏي آهي، ان لاءِ ان ۾ بحث جي گنجائش ناهي.
گليلو کين هڪڙو ئي جواب ڏيندو هو ته “ٺيڪ آهي ارسطو ته ايئن چيو آهي، پر اوهان ته پنهنجي راءِ ڏيو” پروفيسر اهڙي آڏي پڇا تي اڪثر پريشان رهندا هئا. گليلو تمام ذهين هو ان لاءِ ڪلاس ۾ ڪافي مشهور هو.
هڪ ڏينهن گليلو پيسا (Pisa) جي ڪليسا ۾ عبادت لاءِ ويو، سندس نگاهه ڇت ۾ ٽنگيل ٽامي جي شمعدان تي پئي جنهن کي هڪ خدمتگار صاف ڪري رهيو هو. صاف ڪرڻ کانپوءِ ان ماڻهو جيئن ئي شمعدان مان هٿ ڪڍيو ته اهو پينڊوليم وانگر لڏڻ لڳو، سندس لڏڻ جو گهير (Cycle) ته گهٽجڻ لڳو، پر وقت ايترو ئي وٺي پيو.
گليلو ارسطو جي اک سان دنيا کي نه ڏسندو هو ڪائنات ۾ ٿيندڙ لقائن ۽ واقعن کي رياضيءَ جي ذريعي بيان ڪندو هو. هن پينڊوليم کي به رياضيءَ ذريعي بيان ڪيو.
گليلو چيو ته پينڊوليم هڪ نقطي کان ٻئي نقطي تائين لڏڻ سندس ڪشادائي (Amplitude) تي دارو مدار نٿو رکي، سندس ايجاد ڪيل پينڊوليم جي بنياد تي وقت ۾ ايندڙ وقفن (Time Interval) ۽ مريضن جي نبض چڪاسڻ ۾ تمام گهڻي سولائي ٿي وئي.
ٻارن جي پينگهه جو لڏڻ به هڪ پينڊوليم آهي.
1800ع تائين ماڻهو ان ڳالهه تي يقين ڪندا هئا ڏهه ڪلو وزني بال، هڪ ڪلو وزني بال کان ڏهه دفعا تيزي سان زمين تي اچي ڪرندو، پر گليلو چيو ته ايئن ناهي ٻئي ساڳي رفتار سان زمين تي اچي ڪرندا.
اچي وٺ وٺان شروع ٿي وئي، هرڪو اچي گليلو کي چوي ته “بابا اچي ڇتو ٿيو آهين اهو ممڪن ئي ناهي اڃان تنهنجي عمر 25 سال به ناهي. هتي اسان عمريون ڳاري ڇڏيون ۽ تون وڏو آڙيڪاپ پيدا ٿيو آهين جو ارسطو کي غلط ثابت ڪندين”
گليلو کي به جهجهڪي اچي وئي سڄو پيسا جو شهر گڏ ڪيائين. ماڻهن جا هجوم اچي گڏ ٿيا هرڪو پيو پڇي ڪير آهي اهو نوجوان جيڪو ارسطو کي غلط ثابت ڪندو.
گليلو پيسا ٽاور جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو ماڻهن جي هجوم کي مخاطب ٿي چيائين.
“تيار آهيو، منهنجو تجربو ڏسڻ لاءِ”
ماڻهو ڪنڌ کڻي کيس ڏسڻ لڳا. گليلو هڪ ڏهه ڪلو جو توپ جو گولو هڪ هٿ ۾ جهليو ۽ ٻيو هڪ ڪِلي جو ٻئي هٿ ۾، هيٺ اڇلايائين بلڪل هڪ ئي وقت ٻئي گولا گڏ ڪريا. پوءِ ته هوڪرا پئجي ويا، گليلو راتون رات مشهور ٿي ويو، سندس تجربي ارسطوءَ کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو هو.
گليلو دوربين به ايجاد ڪئي، اهو واقعو به دلچسپ آهي. کيس خبر پئي ته ڪو نوجوان هڪ ٻن شيشن کي جهلي پري تائين شين کي ڏسي سگهي ٿو. سڄي رات مغز ماري ڪندو رهيو، صبح تائين گليلو دوربين جي ڊزائين تيار ڪري ورتي.
هو دوربين جي ڊزائين تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ڇهن مهينن جي اندر ايتري طاقتور دوربين ٺاهي ورتائين جنهن سان چنڊ جي مٿاڇري کي آسانيءَ سان ڏسي سگهجي پيو. پهريون دفعو انسانن چنڊ جي مٿاڇري کي ڏٺو.
گليلو ان دوربين سان ڪائنات جو مشاهدو ڪرڻ شروع ڪيو. شمسي نظام ۾ موجود سيارن ۽ ان جي ستارن کي ڳولهي لڌائين.
گليلو اها دوربين پنهنجي گهر ۾ لڳائي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ وڏ گهراڻا ماڻهو ۽ شوقين ايندا هئا.
1632ع ۾ هن ڪتاب لکيو “گليلو گليليءَ جو دنيا جو نظام” جنهن ۾ هن پنهنجي دوربين جي بنياد تي پنهنجا ڪائنات جا مشاهده لکيا، جنهن ۾ هن لکيو ته زمين سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ زمين ڪائنات جو مرڪز ناهي.
ان کانپوءِ وٺ سٺ شروع ٿي وئي. سندس ڪتاب بائيبل جي خلاف هو. چرچ جي پادرين کي اچي باهه لڳي. ستر سالن جي گليلوءَ کي عذاب ڏيڻ شروع ڪيائون.
کيس گهر ۾ بند ڪري ڇڏيائون، پر همراهه انهن صعوبتن کي به نه ڏٺو. سندس يقين هو ته “ڪم ڪيو، اوهان پنهنجون تڪليفون وساري ويهندئو.”
بيمار پوڙهو گليلو ڪم ڪندو رهيو، دوربين سان ڪائنات کي ڏسندو رهيو، ايتري تائين جو سندس نور به هليو ويو. آخري عمر ۾ انڌي ٿيڻ بعد به پنهنجي دوربين، ڪائنات ۽ تحقيق کي نه ڇڏيائين ۽ ڪم ڪندي 8 جنوري 1642ع ۾ گذاري ويو.
(وليم اوليور امٽيونز)