گڏهه پاتا گُلَ
ترڪي ڪهاڻي
گڏهه پاتا گُلَ
عزيز نه سِن
سنڌيڪار: اعجاز منگي
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هي ملڪ تمام گهڻو خوشحال هو، ماڻهن کي ڪابه تڪليف نه هئي. ايئن لڳندو هو ته آزاديءَ جو ٻوٽو هتان ڦٽو آهي ۽ جمهوريت جو سج هن زمين تان اڀريو آهي.
وقت گذرندو رهيو، هڪ اهڙو به زمانو آيو جو پوري خطي ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. حالت اها وڃي بيٺي ته جن جا خرار کٽندا ئي نه هئا ۽ جن جي آڱرين مان به گيهه وهندو هو اهي سڪا ٽڪر پيا کائين.
جڏهن بادشاهه ڏٺو ته ڏڪار ماڻهن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ته کيس ملڪ ۾ بغاوت جو خطرو نظر آيو. بغاوت کي ٽارڻ لاءِ بادشاهه هڪ تدبير ڪئي ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي، واهڻ واهڻ، جهر جهنگ ۾ هڪ پڙهو ڏياريو.
“منهنجا هم وطنو ايئن وري نه چئجو ته اسان کي خبر نه پئي. بادشاهه سلامت عوام کي سندس خدمت جي عيوض تحفه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن به ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي هجي سو جلد اچي شاهي محل ۾ پهچي، بادشاهه کين تحفن سان نوازيندو.
پڙهو ٻڌڻ سان ئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن جا ڪٽڪ محل ڏانهن ڪاهي پيا. بک، اڃ، ڏڪار، بيماري ۽ مهانگائي جو احساس به نه رهيو، هر هڪ کي صرف تحفه وٺڻ جي لڳي پئي هئي.
قومي خدمت جي عيوض مختلف قسمن جا تمغه ٺهرايا ويا، ڪي سون جا، ڪي چاندي جا، ڪي پتل جا ۽ ڪي ٽين جا. هزارن جي تعداد ۾ تمغه ٺهرايا ويا ۽ هرهڪ کي ڪو نه ڪو تمغو ڏنو ويو.
بادشاهه وڏي دل جو مظاهرو ڪندي ايترا تمغه ورهايا جو نه بچيو سون ۽ نه لوهه، پوءِ اچي مارو پيو ڪاٺ، چمڙي ۽ ڪپڙن تي. هر ماڻهو کي ڪو نه ڪو تحفو مليو. ڪن کي ٻه ٻه، ٽي ٽي مليا. هر هڪ سيني تي تمغه سجائي سينو تاڻي پيو گهمي ڪاڏي وئي بک ڪاڏي ويو ڏڪار.
هڪ ڳئون جڏهن ڏٺو ته هرهڪ پنهنجي سيني تي ميڊل سجائي مُڇون وٽيندو پيو ٽلي ته کيس خيال آيو ته ڇو نه درٻار ۾ وڃي آزي نيازي ڪري متان کيس ڪو انعام ملي پوي. بک کان سندس پاسراٽيون به نڪري آيون هيون، جسم تي گوشت هئس ئي ڪونه، وڃي بچي هئي هڏن جي مٺ، وڃي پهتي درٻار ۾. درٻارين کيس روڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ اصل نه مڙي. وڏيون رڙيون ڪري چوڻ لڳي ته بادشاهه سلامت کي عرض آهي ته سندن رعيت مان هڪ ڳئون ساڻس ملڻ چاهي ٿي.
بادشاهه درٻار ۾ آيو ۽ ڳئون کي چيائين ته “ڇا تي ملڪ مٿي تي کنيو اٿئي، ٻڌائي ڇا مسئلو آهي.”
ڳئون عرض ڪيو ته، بادشاهه سلامت! مون ڏٺو آهي ته توهان هر هڪ کي تمغو ڏنو آهي، ان لاءِ مان به پنهنجو حق وٺڻ لاءِ اچي حاضر ٿي آهيان. توکي اها همت ڪيئن ٿي جو تمغي جي گهر ٿي ڪرين. هن ملڪ ۾ حيوان ڀلا ملڪ ۽ قوم جي ڪهڙي خدمت ٿا ڪريو، بادشاهه سلامت ڳئون کان ڪاوڙ ۾ پڇيو.
ڳئون جواب ڏنو ته، “بادشاهه سلامت جو اقبال بلند هجي! جيڪڏهن مان غريب هن تمغي جي حقدار نٿي ٿي سگهان ته ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو مان اوهان جي ۽ اوهان جي رعايا جي هر خدمت ڪندي آهيان انسان منهنجو کير پيئندا آهن، منهنجو گوشت کائيندا آهن، منهنجي کل مان دهل ۽ چمڙو ٺاهيندا آهن ايتري تائين جو ڇيڻا به استعمال ڪندا آهن، توهان پاڻ ئي انصاف ڪريو ته انصاف وٺڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي خدمت ضروري ٿي سگهي ٿي.
ڳئون جون ڳالهيون ٻڌي بادشاهه خوش ٿي ويو ۽ حڪم جاري ڪيائين ته ڳئون کي خدمت جو تمغو انعام ڏنو وڃي. ڳئون تمغو ڳچيءَ ۾ لڙڪائي ٺينگ ٽپا ڏيندي وڃي رهي هئي ته رستي تي کيس خچر ڏسي ورتو.
“ڀيڻ ڳئون سلام”
“ادا خچر سلام”
ڀيڻ خوش پئي نظر اچين ڇا ڳالهه آهي؟ ڪٿان پئي اچين؟ ۽ ڳچيءَ ۾ ڇا لڙڪايو اٿئي؟
ڳئون خچر کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، خچر کي به جوش اچي ويو وٺي ڀڳو ۽ اچي شاهي محل جي دروازي تي ساهي پٽيائين دربارين کي بادشاهه سان ملڻ لاءِ چيائين، پر ڪنهن به کيس ڪا لفٽ نه ڪرائي. خچر به اچي خانداني ضد ڪيو ته ڇا به ٿئي بادشاهه سان ضرور ملندو. خچر اچي گوڙ ڪيو ته بادشاهه کي سڏايو. نيٺ بادشاهه کي مجبورن اطلاع ڏنو ويو ته هڪ انتهائي بدتميز خچر اوهان سان ملڻ چاهي ٿو.
بادشاهه حڪم ڏنو ته خچر کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي آخر هو به سندس رعايا جو حصو آهي.
خچر اندر اچڻ سان بادشاهه کي سلام ڪيو ۽ تمغي ڏيڻ جو عرض ڪيائين.
بادشاهه پڇيو،
“خچر تنهنجون ڀلا ڪهڙيون خدمتون آهن جو توکي تمغو ڏنو وڃي.”
خچر عرض ڪيو ته،
“بادشاهه سلامت! مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اوهان کي هن ناچيز جي خدمتن جي خبر ئي ناهي. جنگ جي دوران اوهان جون توپون، بارود ۽ جنگي ساز و سامان پنهنجي پٺيءَ تي کڻي ڪير پهچائيندو آهي. چهلڙن تي مان غريب ئي چڙهندو آهيان. اوهان جي سپاهين جو راشن ڪير ڍوئيندو آهي؟ امن جي ڏينهن ۾ اوهان جي رعايا ڪير سفر جون سهولتون مهيا ڪندو آهي. جيڪڏهن سلطنت ۾ خچر نه هجن ها ته اوهان جي بادشاهيءَ جا ڪيترائي ڪم رڪجي وڃن ها.
بادشاهه محسوس ڪيو ته خچر واقعي سچيون ڳالهيون ٿو ڪري، خوش ٿي کيس اعليٰ خدمت جو تمغو ڏنائين. خچر انعام وٺي خوشيءَ مان ڀڄندو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس گڏهه مليو.
گڏهه خچر کي چيو ته،
“ڀائيٽا سلام”
“سلام چاچا”
ڏاڍو خوش پيو نظر اچين، ڏي خبر ڪٿان واپسي آهي.
خچر کيس سڄو حوال سربستو ڪري ٻڌايو.
گڏهه وٺي هينگ ڪئي ته بيهه ڀلا مان به وڃي بادشاهه سلامت کان پنهنجو حق گهران ٿو.
اهو چئي وٺي ڀڳو درٻار ڏانهن. محافظن کيس ڏاڍو ڊيڄاريو پوءِ ايلاز منٿون ڪري کيس واپس وڃڻ لاءِ چوندا رهيا، پر گڏهه صفا گوهي ڪري بيهي رهيو ته بادشاهه سان ضرور ملندس. نيٺ بادشاهه کي اطلاع ڏنو ويو ته گڏهه به اوهان سان ملڻ چاهي ٿو.
انسانن ۽ حيوانن جون ڳالهيون ٻڌي بادشاهه تنگ اچي ويو هو گڏهه کي ڏسڻ سان ئي بادشاهه تپي باهه ٿي ويو.
“گڏهه ڪٿان جا! تنهنجي همت ڪيئن ٿي جو اچي درٻار ۾ پهتين هٺ ۽ وڏائي ايڏي جو اچي ضد ڪيو اٿئي ته ملڪ جي بادشاهه سان ملندين. منهنجي رعايا ۾ ڳئون کير، گوشت ۽ کل عوام کي ڏيندي آهي. خچر جنگ ۽ امن ۾ سامان ڍوئي قوم جي خدمت ڪري ٿو، پر توهان گڏهن هينگون ڪري قوم جي ننڊ ڦٽائڻ کانسواءِ ڪيو ئي ڇا آهي جو توکي انعام ڏيان.”
گڏهه بادشاهه جون ڳالهيون ٻڌي مايوس ٿي ويو، پر همت نه هاريائين.
بادشاهه سلامت! اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته اوهان جي سڀ کان وڌيڪ خدمت گڏهه ئي ڪندا آهن.
ٿورو سوچيو جيڪڏهن مون جهڙا لکين گڏهه اوهان جي سلطنت ۾ نه هجن ها ته اوهان شاهي تخت تي ايترو وقت ڪيئن ويهي سگهو ها. اوهان کي اسان گڏهن کي هر وقت دعائون ڏيڻ گهرجن، جنهن جي ڪري اوهان جهڙا حڪمران تخت حاصل ڪن ٿا. گڏهه جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه سلامت گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. درٻارين، اميرن، وزيرن تي نظر وڌائين جيڪي کيس گڏهه ئي نظر اچي رهيا هئا جيڪي صرف ها ۾ ها ملائيندا آهن ۽ لفظ ناهن ڪڇندا.
بادشاهه عوام جو سوچيو ته ڪيئن نه ڏڪار جهڙي صورتحال ۾ جڏهن بغاوت جو خطرو هو ته هڪ ننڍڙي چال سان کين بيوقوف بڻايائين. بادشاهه جي چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي.
دل ۾ سوچيائين واقعي گڏهه چوي ته سچ ٿو جيڪڏهن ملڪ ۾ لکين گڏهه نه هجن ها ته سندس بادشاهي ڪيئن سلامت رهي ها.
گڏهه کي مخاطب ٿي چيائين.
“منهنجا وفادار گڏهه! سچ ٿو چوين پر تنهنجي عظيم خدمت جي بدلي طور مون وٽ ڪجهه ناهي، پر مان ٻه ڪم ڪندس تو لاءِ، هڪ پنهنجن هٿن سان توکي گل ٿو پارايان ٻيو سرڪاري خزاني مان روزانو هڪ ٻوري توکي گاهه جي ملندي رهندي جيستائين زنده آهين.
گاهه کاءُ ۽ اسان کي دعائون ڏي. تو جهڙن جي ڪري اسان جون بادشاهيون ۽ تخت سلامت آهن.