ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر تاريخ جي آئيني ۾ تحقيق ۽ تحرير: عابد مهيسر | # فيبروي 2022
مون جيئن سنڌ ڌرتي تي انساني تمدن ۽ تھذيب وجود ورتو ۽ انساني تمدن شروعاتي دور ۾ ننڍين ننڍين وسندين يعني ڳوٺن راڄن مان ئي ارتقائيت حاصل ڪري فطري مان مڃتا ماڻي ۽ دنيا جي ٻين تھذيبن کي جنم ڏنو، تيئن اڳتي ھلي سنڌو تھذيب جو پناهه گاهه به سنڌ ڌرتي جا ڳوٺ ئي رھيا آھن ۽ سنڌو تھذيب جو مرڪز اڄ به سنڌ جا ٻھراڙيءَ وارا علائقا ۽ ڳوٺ ئي آھن، جيڪڏھن ٿوري پرک ۽ پروڙ ڪبي ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ئي نِج سنڌي تھذيب ۽ ثقافت جيئن جو تيئن قائم نظر ايندي، جيتوڻيڪ وقتي طور ٿورو گھڻو بدلاءُ به ايندو رھيو آھي، جيڪو ھڪ فطري عمل آھي ۽ نِج سنڌي ٻولي به پنھنجي فطري اوج ۽ عروج سان اڄ به سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ئي ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ جو قديم ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر به اھڙن سنڌ ثقافتي ۽ تھذيبي ڳوٺن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، سنڌي ٽوپي، اجرڪ، پَٽَڪو ۽ شلوار قميص سندن ويس لباس ۽ سڃاڻپ آھي۔
نصرپور شھر کان ڏکڻ/اوڀر طرف اٽڪل پنجن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ۽ ٽنڊو الهيار شھر کان اولھ طرف لڳ ڀڳ اٺ ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٽنڊوالهيار کان نصرپور ويندڙ روڊ کان ڏکڻ طرف اٽڪل ٻن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي واقع ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر هتان جو تمام قديم ۽ تاريخي ڳوٺ آھي. روزاني مهراڻ اخبار حيدرآباد مطابق ”ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر سما دور جي آخر ۾ يعني پندرهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ آباد ٿيو، جڏهن موجوده مهيسر وڏا خيرپورميرس کان سانوڻ خان (اول) مهيسر پنهنجي خاندان وارمن سان ڪنهن ڳالھ تان ڪاوڙجي پنهنجي ڪٽنب سميت ڪشمور سنڌ کان ٿيندو هتي پهتو.“ (1) تڏهن هتي ٿورو اڳيان ڏکڻ طرف موجوده تاجپور (مائنر) شاخ جي لنگھ ۽ درگاهه سيد معصوم شاهه بخاري جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍو شھر علائقي واسين مختلف نالن سان سڏيو ويندڙ، ”ڀورڙي ڀورڙايون“ سنڌو ساڱري جي هڪ آڳاٽي ڇاڙھ جي ڪناري تي قائم هو ۽ ان شھر جو نالو تورڙي/توڙايون آھي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جو مڃيل محقق نصرپور واسي يوسف شاڪر ابڙو لکي ٿو، ”تعلقي ٽنڊوالھيار (موجوده ضلعي) يا ڀر پاسي ۾ اھڙن ڦٽل شھرن جا 15/20 دڙا آھن جن مان نصرپور جي پراڻي (قديم) شھر جا دڙا، ابل جو دڙو، ليلا جا لھوڙ، اگھاماڻي جا دڙا، تورڙي جو دڙو، ماريجي ديھ جو مارو، ڀوڙايون جو ڀڙو (دڙو) مشھور آھن“ (2) ان مان ذڪر ٿيندڙ شھر جي نالي جي به ثابتي ۽ وجود جي خبر ملي ٿي. تاريخي پسمنظر جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته ڀوڙي/ڀوڙايون شھر جو بنياد وچين دور ۾ پيو. سنڌو دريا جي ساڱري وھڪري جي حوالي سان محترم بدر ابڙو لکي ٿو ته، ”وچين دور ۾ سنڌو ساڱرو نصرپور شھر وارن پٽن کان اوڀر ۾ وهندو ھو.“ (3) سو اچي هن جڳھ تان گذرندو هو، تڏهن نصرپور جو شھر اڃان ڪو نه جڙيو هو، وري جڏهن سنڌو ساڱر پنهنجو رخ مٽايو ۽ نصرپور شھر کان مٿان اوڀر طرف موجوده نصير ڪئنال واري جڳھ تان يعني پنھنجي قديم ۽ اصلي گذر گاهه تان گذري موجوده ٽنڊوالهيار جي اتر طرف کان گذري، سنڌ جي تاريخي ۽ قديم شھر اگھاماڻي/اگھم ڪوٽ جي اوڀر کان گذري وڃي رڻ ڪڇ جي پٽن تي واقع سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ياد رھي ته تنھن وقت ۾ سمنڊ موجوده رڻ ڪڇ واري خطي ۾ موجود ھوندو ھو، جڏهن ته ان ئي ذڪر ڪيل دريائي وهڪري مان هڪ ڇاڙھ ڦٽي نڪتي، جيڪا روزاني مھراڻ اخبار حيدرآباد سنڌ مطابق، ”جيئن جو تيئن سنڌو دريا جي مرڪزي وھڪري جيان ذڪر ڪيل سنڌو ساڱري جي اڃان به آڳاٽي وهڪري واري ماڳ تان گذرندي هئي. ان ئي نئين وھڪري جي ڪناري تي ڪجھ وقت اڳ يعني نصرپور شھر جي قائم ٿيڻ کان ڪافي اڳ ڀوڙي/ڀوڙايون شھر جڙي آباد ٿيو هو.“ (4) ۽ سانوڻ خان مهيسر ان ننڍي، پر قديم شھر جي ڀرسان لڳ ڀڳ پندرهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اچي پنهنجا جھوپا اڏي آباد ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جو بنياد پيو. وري جڏهن سنڌو ساڱري پنهنجو رخ مٽائي نصرپور واري پَٽَن کان اولهائين طرف کان وھڻ لڳو ته ھن وھڪري جو ڪجھ وقت کانپوءِ زور ٽٽي ويو، پر وھندو رھيو ۽ نتيجي طور ڀورڙايون، ڀرڙايون، ڀوڙايون شھر جو به اوج عروج ختم ٿي ويو ۽ وقت جي وکن سان مِٽجي مسمار ٿي ويو. جيتوڻيڪ ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر پوءِ به جيئن جو تيئن قائم رهيو. ياد رهي ته نصرپور شھر ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي آباد ٿيڻ کان اٽڪل ساڍيون ڇھ صديون اڳ آباد ٿيو هو ۽ ڀوڙي/ڀوڙايون شھر نصرپور شھر کان اٽڪل ٨٠۔٩٠ سال اڳ آباد ٿيو ۽ تقريبن سورھين صديءَ جي آخر ۾ ڦٽي ناس ٿي ويو. روزاني اخبار مهراڻ حيدرآباد سنڌ وڌيڪ احوال ڏيندي لکي ٿي ته، ”سنڌ ۾ سما دور جي شروعات ۾ سيد معصوم شاهه بخاري هتي پهتو. چيو وڃي ٿو ته سيد معصوم شاهه بخاري سان گڏ سندس ڀاءُ محبت شاهه بخاري به گڏ آيو هو. هي ٻئي سادات بخارا کان ملتان ۽ وري سيوهڻ کان ٿيندا سنڌ جي تقريبن سمورن درويشن جي آستانن ۽ آرامگاھن کان ٿيندا هتي پهتا، پر محبت شاهه بخاري موجوده وقت جي وسندي ڊاسوڙي لڳ ٽنڊوآدم روڊ وڃي پنھنجو آستانو ٺاھيو ۽ سندس خدمتگار مڱريا ۽ ھنڱورا برادريءَ وارا ٿيا ۽ سندس وفات بعد سندس مزار جوڙائي گادي نشين ٿيا ۽ اھو سلسلو موجوده وقت ۾ به جاري آھي ۽ سيد معصوم شاهه بخاري سنڌ جي قديم شھر ڀوڙايون، ڀورڙايون، ڀرڙايون جي پاسي ۾ اچي آستانو ٺاهي رهي پيو.“ (5), ان طرح سيد معصوم شاهه بخاري هتي اچي رهيو ۽ عبادت رياضت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ۽ سندس خدمتگار ڪهيري قوم جا فرد، جي بعد ۾ سندس درگاهه جا سجاده نشين رهيا ۽ سيد معصوم شاھ جي رحلت صدري روايتن مطابق ” ٨ ذوالحج سن ٩٩/٨٩٨ ھ تي شام ڌاري سندس آستاني تي ٿي ۽ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي رھاڪن مھيسر برادري سميت سانوڻ خان (اول) مھيسر ۽ ڪھيري برادري وارن گڏجي سندس تدفين سندس ڪاٺين سان اڏيل آماجگاهه ۾ ڪئي ۽ وڏيون خير خيراتون ڪيون ۽ ٨ ذي الحج ٨٩٧ ھجري کان باقاعده سيد معصوم شاھ بخاريءَ جو عرس مبارڪ ملھائجندو اچي پيو، جيڪو ھر سال ٨ ۽ ٩ ذي الحج تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويندو آھي.“ (6) سندس حياتيءَ ۾ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي اڏيندڙ سانوڻ خان (اول) مھيسر پنھنجي ڪنھن ڄاڻ سڃاڻ واري لاڳاپيدار ھٿان ڪارونجھر جبل ٿر مان مور پکيءَ جو ھڪ جوڙو گھرائي سندس آماجگاهه تي ويھاريو ۽ مور پکين جي خوب پالنا ڪئي، جيڪي اڃان تائين وڏي تعداد ۾ موجود آھن. سيد معصوم شاھ بخاري جيئن ته ڪاني ڪرامت وارو درويش ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آھي، ان ڪري سندس مريدن جو به وڏو تعداد آھي ۽ خاص ڪري ڪھيري ۽ چھواڻ برادريون پيري مريدي ۽ عقيدتمنديءَ ۾ سڀ کان اڳڀريون رھيون آھن، پر ھن مھل فقط چھواڻ برادري سندس مريديءَ ۾ عقيدت جا گڻ ڳائي رھي آھي ۽ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي مھيسرن ۽ چھواڻن ٢٧ ذي القعد سن ١٣٣٠ ھجريءَ ۾ سيد معصوم شاھ بخاريءَ جي مزار پھريون ڀيرو پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان تعمير ڪرائي ۽ سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر جي مشھور ڪاشي ڪاريگر محمد صديق ڪاشيگر کان ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو. درگاھ سيد معصوم شاھ بخاريءَ جي دالان ۾ مغل دور کان ئي ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جا رھواسي فوتگيءَ بعد دفن ٿيندا رھيا آھن، پر تنھن دور ڪتبا قبرن تي نه رکبا ھئا، پر ڪتبن جي شروعات ڪلھوڙا دور ۾ ٿيل ٿي ڀانئجي ۽ ان جي ثابتيءَ ان قديم تربت تي ڪاشيءَ جي ڪتبي تي عربي لکاوت سان ملي آھي جنھن ۾ ڪجھ ھن طرح لکت آھي.
عرس ولد احدي مھيسر وفات ٢٧ ذي القعد ١١٣٨ھ لکيل آھي، جڏھن ته ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي مھيسر برادريءَ ۾ نسلن کان ھلندڙ صدري روايتن مان اھو به پتو پوي ٿو ته، ”اوائلي وقت ۾ ھن ڳوٺ جي ميتن کي موجوده قبو اسٽاپ لڳ حيدرآباد روڊ ٽنڊوالھيار تي واقع ھڪ درويش پير عالي شاھ قريشي جي آخري آرامگاھ جي آڳنڌ ۾ دفن ڪيو ويندو ھو.“ (7) ھن مھل ھن قبرستان ۾ مھيسر برادريءَ سان گڏ خاصخيلي برادريءَ جا فوت ٿيل ماڻهو دفن ڪيا وڃن ٿا ۽ ان کانسواءِ ڪجھ ميتون چھواڻ ۽ رند برادريءَ جون به دفن ٿيل آھن. سيد معصوم شاھ بخاري واري قبرستان جي طبعي بيھڪ جي جاچ ڪبي ته پنجن ايڪڙن جي لڳ ڀڳ ايراضيءَ تي چؤڙائيءَ نما گول دائري ۾ ۽ گھڻن نُمن جي وڏن ڊگھن ۽ گھاٽن وڻن ۾ دل ۽ دماغ کي فرحت بخشيندي نظر ايندو ۽ قبرستان جي ھڪ ايڪڙ زمين گادي نشين فقير محمد مھيسر جي زرعي استعمال ھيٺ آھي.
بھرڪيف ڀوڙايون، ڀورڙايون، ڀرڙايون شھر ۾ ملاح، ڪهيري ۽ هندو جاتي واڻيا آباد هئا. واضح رهي ته ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي رهائشي، مهيسرن جي معاش جو ذريعو زراعت رهندو آيو آھي ۽ موجوده وقت ۾ به سندن ڪِرِت ڪاري پوکي ناڙي ۽ زراعت ئي آھي ۽ بنيادي طور مهيسر مالوند ۽ مارو ماڻھو رهيا آھن ۽ سواريءَ جي لاءِ گھوڙا ڪتب آڻيندا هئا. ياد رهي ته ان وقت نصرپور شھر به پنهنجي پوري عروج تي هو ۽ ڏيهان ڏيھ مشھور ۽ معروف ھو. جڏهن ذڪر ڪيل برساتي دريائي وهڪرو بند ٿيو ته هن علائقي جي رهواسين کي فصل پوکڻ ۾ ڪافي مشڪلات ٿيندي هئي ۽ پوءِ صرف برساتن جي جمع ٿيل پاڻي تي فصل پوکيندا هئا، جيئن ته اڳ سنڌ ۾ برساتون به بيحد گھڻيون وسنديون هيون ۽ دريائي وهڪرن وارا پيٽ ڍنڍون ڍورا ۽ ڀِٽون ڀَڏا بڻجي رھجي ويا. سي ڍنڍون ڍورا ۽ ڀَڏا برساتي پاڻين سان ڀرجي ويندا هئا، جن تي پوءِ نار يا هُرلا چاڙھي منجھائن پاڻي کڻي پوکن کي ڏنو ويندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ گھڻو ڪري کوھ کوٽيا ويندا هئا، جي پوءِ اڳتي هلي روايت بڻجي ويا ۽ ويجھي ماضيءَ ۾ به اهي کوھ هن علائقي جي ڳوٺن ۾ رھيا ۽ ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ به ٽي کوھ ۽ انھن مان ھڪ کوھ 1990ع واري ڏھاڪي تائين ڳوٺ جي اوڀارين ڪناري ۾ موجود رھيو، پر ھاڻ تقريبن اهي کوھ پورجي ختم ٿي ويا آھن ۽ جڏهن ڀوڙايون، ڀورڙايون، ڀرڙايون شھر ويران ٿي ختم ٿيو ته هندو جاتي واڻين جا ڪجھ گهر لڏي اچي ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ آباد ٿيا ۽ ملاح نصرپور شھر ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ ڪهيري قوم جا به چند گھر ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي ڀرسان آباد ٿيا. جيئن ته ان وقت هي پورو علائقو جھر جھنگ بنيل هو، سانوڻ خان مهيسر پنهنجي ڪٽنب سميت آباد رهيو ۽ آھستي آھستي آبادي وڌي ويجھي هڪ ڳوٺ بنجي ويو، جيئن مختلف دورن ۾ مختلف حملا آور سنڌ تي ڪاهيندا رهيا هئا، پر حملا آور به گھڻو ڪري شھرن ۽ وڏين آبادين تي حملا ڪري ڦر لٽ ڪند هئا, رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي جڳ مشھور تاليف جنت السنڌ ۾ مدد خان پٺاڻ جو سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ بابت لکي ٿو ته:
”سن 1780ع ڪلهوڙا دور ۾ مدد خان پٺاڻ طوفان وانگر سنڌ تي ڪاھي آيو. بدين تائين سنڌ جا دولتمند ڳوٺ ۽ شھر افغانين ڦري ناس ڪري ڇڏيا“. (8) پر هتي جيئن ته ڪا خاطر خواهه آبادي نه بڻجي سگھي ۽ جهر جهنگ سبب هي علائقو حملا آورن کان محفوظ رهيو ۽ جڏهن ڪلهوڙا دور ۾ مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڦرلٽ ۽ قتل ۽ غارت جو آزار مچائي ڏنائين. روزاني مھراڻ اخبار مطابق جڏھن مدد خان پٺاڻ پنھنجي لشڪر سان بڪيرا شريف تي حملو ڪرڻ لاءِ ھتان گذري رهيو ته رات جي وقت ۾ سندس لشڪر مان سندس ٽي سپاهي ڀلجي ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر ۾ اچي ويا ۽ فقير حامد خان مهيسر جيڪو مالوند ماڻھو هو، سو پنهنجي مال جي وٿاڻ ۾ ستل هو، ان تي حملو ڪيو، پر فقير حامد خان مهيسر ڦڙتيلو جوان هو، جنهن نهايت ئي هوشياريءَ سان لشڪر وارن انهن ٽنهي سپاهين کي پنهنجي قابوءَ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هٿ پير ٻڌي جھنگ ۾ رهايائين ۽ پنهنجي ڳوٺ وارن کي سڄي وارتا ٻڌايائين جن انهن ٽنهي لٽيرن کي ٽن مهينن تائين انهي گھاٽي جھنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ وقت تي کين کاڌو پيتو ڏيندا هئا ۽ جڏهن انهن آئنده اهڙن ڪُڌن ڪمن کان توبهه ڪئي ته کين ڇڏيو ويو. ان دوران مدد خان پٺاڻ به پنهنجي لشڪر سميت سنڌ مان وڃي چڪو هو ۽ سندس هي ٽيئي سپاهي واپس افغانستان هليا ويا.“ (9) اهڙيءَ ريت ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي رهواسين پنهنجي ڳوٺ جي به حفاظت ڪئي ۽ ڦورو افغاني وحشين کي سيکت به ڏني. گھڻو ڪري هي سمورو علائقو حملا آورن ڦورو، لٽيرن کان گھاٽي جھنگ سبب به محفوظ رهيو، پر قدرتي آفتن هن علائقي کي شديد متاثر ڪيو ۽ ٻه وڏيون تاريخي ٻوڏون آيون جن ڪافي وسندين کي صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏيو، تن جو اثر سانوڻ خان مهيسر تي به خطرناڪ حد تائين پيو ۽ ڪجھ ماڻھو انهن ٻوڏن جي لپيٽ ۾ آيا. اهڙيءَ طرح وبائي بيمارين به هن علائقي کي شديد نقصان پهچايو، جنهن سان سانوڻ خان مهيسر جي آبادي ڪافي حد تائين متاثر ٿي ۽ گھٽجي وئي ۽ ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي ڀر ۾ رهندڙ ڪهيري قوم، ڳوٺ ۾ ھندو جاتي واڻيا ۽ آسپاس رهندڙ قومون لڏپلاڻ ڪري وڃي ٻين علائقن ۾ آباد ٿيون. جيئن ته معصوم شاھ بخاريءَ جو اول خدمتگار ۽ بعد سجاده نشين ڪهيري قوم جا فرد ٿيندا آيا، تن مان صرف درگاھ جو سجاده نشين فقير يار محمد ڪھيري عرف فقير يارو ڪھيري درگاھ جي پاسي ۾ جھوپا اڏي رهي پيو. باقي سندس قوم وارا اول نصرپور ۽ بعد ۾ لاڙ سنڌ ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ اهڙيءَ ريت ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر مختلف دورن مان گذرندو تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيندو موجوده دور ۾ پهتو. ڳوٺ ۾ ڪافي فرد ناميارا ۽ سُڌ ٻُڌ وارا ٿي گذريا آھن. هن ڳوٺ جو اڏيندڙ ۽ آباد ڪندڙ سانوڻ خان مهيسر يقينن هڪ هوشيار ۽ سلجھيل، سمجھدار، باهمت ۽ بهادر انسان هو جنهن پنهنجن رشتن ناتن ۽ ڳوٺ راڄ کي ڪن اڻٽر مجبورين جي ڪارڻ ڇڏي ھڪ ٻئي ۽ اڻڄاڻ علائقي ۽ اڻ واقف ماڻھن ۾ ڌارئين ماحول ۾ رهي پنهنجو ڳوٺ قائم ڪيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي. ظاهر آھي ته کيس ڪافي تڪليفون ۽ مشڪلاتون به پيش آيون هونديون، پر انهن سڀني حالتن ۾ گھر ۽ ڳوٺ کي همت ۽ اٽل ارادي سان قائم رکيو. نه ته اھڙين حالتن ۾ گھڻا همت هاري ويهندا آھن، پر سانوڻ خان (اول) مهيسر ان صورتحال جو مقابلو ڪيو ۽ پڪي ۽ مضبوط ارادي سان حالات سان سمجھوتو ڪيو ۽ بي سرو سامانيءَ ۾ پنهنجي ڪٽنب جو خيال رکيو ۽ پرگھور لڌي ۽ نئين ماحول سان مطابقت پيدا ڪئي ۽ ان جو باقائده حصو بڻجي ويو. هن ڳوٺ يعني ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جو اڏيندڙ سانوڻ خان مهيسر (اول) جي ئي تربيت جو اثر سندس اولاد ۽ ايندڙ نسلن تي پوڻ اوس هو ۽ ان طرح اهو سلسلو هلي پيو ۽ مهيسر برادري هن علائقي ۾ الله جي ڪرم سان ۽ پنهنجي همت ۽ حوصلي سان قائم رهي هڪ مثال قائم ڪيو ۽ تاريخ جو حصو بڻجي وئي.
ان کانپوءِ سانوڻ خان (اول) مهيسر جي اولاد به مڙس ٿي وقت ۽ حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ جياپي جي جنگ ۾ سڦلتا ماڻي ۽ نسلن کي نسلن تائين پهچايو، اهڙي طرح وري ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ فقير حامد خان مهيسر، احمد خان مهيسر وڏي همت وارا ۽ سلجهيل ۽ عمده شخصيتن جا مالڪ هوندا هئا. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ته فقير حامد خان وڏي بهادري ۽ هوشياريءَ سان مدد خان پٺاڻ جي لشڪر جي ٽن سپاهين کي ٻڌي ويهاريو. ان واقعي کانپوءِ فقير حامد خان مهيسر ۽ سندس ساٿي ڳوٺاڻن جو پورو علائقي ۾ نالو ٿي ويو.
ان طرح ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ رهندڙ مهيسر برادري نظم و ضبط ۽ ثابت قدميءَ سان هن علائقي ۾ نه صرف پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي، پر پنهنجو اثر رسوخ به پيدا ڪيو ۽ علائقي واسين جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي ۽ سهارو بڻيا. احدي خان (اول) مهيسر، مهدي خان (اول) مهيسر به سڌ ٻڌ وارا ۽ سلجھيل هوندا هئا. ان کانپوءِ وري سندن اولاد مان اڳتي هلي احدي خان (ثاني) مهيسر ۽ مھدي خان (ثاني) مهيسر به سمجھدار ۽ سلجھيل ۽ عمده شخصيتن جا مالڪ هئا ۽ سندن اولاد به سندن ئي نقش قدم تي هلي پنهنجي وڏڙن جو نالو روشن ڪيو. هر ڪنهن سان سٺي ۽ وڻندڙ روش برقرار رکيائون. ان کانپوءِ حمير خان (اول) مهيسر به پنهنجي وڏڙن جي پيروي ڪئي ۽ همت ۽ عقل سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ اثر رسوخ برقرار رکيو. فقير حامد خان مهيسر جيئن ته مالوند ماڻھو هو سندس وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ ڇَتو خان مهيسر پنهنجي گھر جي آڳ واڳ سنڀالي ۽ کير وڪڻڻ، شھر تاجپور وڃڻ لڳو. ياد رهي تاجپور شھر ٽالپر دور ۾ آباد ٿيل شھر آھي ۽ نصرپور شھر کان ڏکڻ ۾ اٽڪل 8 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجوده روهڙي ڪئنال جي اترئين ڪناري تي لڳو لڳو قائم آھي. تاجپور جي رهاڪو قمبراڻي قوم جي هڪ خاندان سان ڇتو خان مهيسر جو تعلق جڙيو جتان پوءِ شادي ڪيائين ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. جنهن مان کيس چار پٽ هرهڪ: مسو خان، سانوڻ خان (ٽيو)، شانو خان ۽ شھمير خان مهيسر ٿيا. ان طرح ڇتو خان مهيسر تاجپور جو رهاڪو بڻجي ويو، پر سندس آخري پٽ شھمير خان مهيسر پنهنجي آبائي ڳوٺ، ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ زندگي جي آخري ايامن تائين ايندو ويندو رهيو ۽ ان کانپوءِ سندس پٽ ٻٻر خان مهيسر تاجپور ۾ رهائش پذير رھيو جنھن جي تازو وفات ٿي آھي ۽ سندس اولاد تاجپور شھر ۾ رھي ٿو. ياد رهي ته شھمير خان مهيسر جو ننڍو پٽ يار محمد مهيسر ڪجھ وقت اڳ وفات ڪري ويو، يار محمد غير شادي شده هو. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جا رھاڪو مھيسر برادريءَ جا فرد به صوفيت جي سرهاڻ سان واسيل رهيا ۽ کين انسانيت سان بيحد گھڻو لڳاءُ رھندو آيو آھي ان ڪري کين درويشن ۽ بزرگن سان بيحد گھڻي عقيدت رھندي آئي آهي. فقير عرس مهيسر پنهنجي ڳوٺ جي ڪجھ ماڻھن سان ڪافين جي بادشاهه سيد مصري شاهه رضويءَ جي حاضري ڀرڻ شھر نصرپور ۾ ويندو رهندو هو ۽ سيد مصري شاهه جي به هنن سان گھڻي دل هوندي هئي، اگر ڪڏهن هي نه وڃي سگھندا هئا ته باقاعده کين ماڻھو موڪلي گھرايو ويندو هو. فقير عرس مھيسر سنڌي ڪافين جي بادشاھ سيد مصري شاھ جي صحبت سبب شعر و شاعري به ڪندو ھو، پر سندس شاعري نه لکجڻ ڪري اڄ اسان کي نه ملي سگھي آهي ۽ روزاني مھراڻ اخبار حيدرآباد سنڌ 1995ع مطابق فقير عرس (ٽيو) مھيسر جو سندس ڳوٺاڻن جي زباني روايتن مان صرف ھڪ ڪچو ڦڪو بيت ملي سگھيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ سندس ويجھي عزيز کي پڻيٺيءَ جي پٽ (حاجي حمير خان مھيسر) جي ڄم جي خبر ٻڌڻ سان چيو ھئائين، اھو بيت ڪجھ ھن ريت آھي:
جنم ورتائين ڄيٺ مھيني، گھر حسين خان جي،
حمير جو اچڻ سونا پل، ھيا ڏٺم ٻالڪپڻو سندئي،
پر سوڳ سيد مصريء جي، گذري ويا يارھن ورھيه۔
(فقير عرس (ٽيو) مھيسر وفات 1919ع)
جيئن ته فقير عرس مھيسر سنڌي ڪافين جي بادشاھ ۽ نصرپور شھر جي ڪامل وليءَ سيد مصري شاھ سان عقيدت رکندڙ ھو ۽ زندگيءَ جو گھڻو عرصو سيد مصري شاھ جي صحبت ۽ سنگت ۾ گذريو ان ڪري سندس به شاعراڻو مزاج بڻيو ٿوري گھڻي شاعري به ڪندو ھو، پر جڏھن سيد مصري شاھ جي رحلت ٿي ته کيس دلي صدمو رسيو ۽ پاڻ ھر وقت سوڳ جي ڪيفيت ۾ غمگين رھندو ھو ۽ وري جڏھن کيس سندس ويجھي مائٽ حسين خان مھيسر ولد حمير خان (ثاني) مھيسر کي پٽ (حمير خان (ثاني) مھيسر، جنھن جو احوال اڳيان ايندو) ڄائو ته کيس ڪجھ سرھائي ٿي ۽ خوشيءَ واري ڪيفيت ۾ اھو بيت چيائين، جيڪو 1980ع واري ڏھاڪي تائين ڳوٺ جي بزرگن جي سيني ۾ محفوظ رھيو. (10)
فقير عرس مھيسر سندس برادريءَ جا ڪجھ فرد سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر نصرپور جي رھواسي ۽ ڀلوڙ شاعر سيد مصري شاھ جي شخصيت ۽ ڪردار کان تمام گھڻو متاثر ھئا ۽ ساڻس عقيدت جي حد تائين چاھت ۽ محبت رکندڙ ھئا. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي رھواسين به سيد مصري شاھ سان لنئون لڳائي، ھڪ اھڙي واقعي جو ذڪر راقم جي تحقيقي تصنيف ”سيد مصري شاهه بحيثيت ڪافي گو شاعر“ ۾ ڪجھ ھن طرح آھي ته: ”مھيسر قوم جا ڪجھ ماڻھو سائين مصري شاھ جا پڪا مريد ۽ پوئلڳ ھئا، جيڪي سائينءَ وٽ سڄو ڏينھن اوتاري ۾ ڪچھريءَ ۾ شامل ھوندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ڏينھن جا ڏينھن ۽ راتين جون راتيون سائينءَ سان رھاڻين ۾ مشغول ھوندا ھئا، سائينءَ جي به ساڻن خاص شفقت ۽ محبت ھوندي ھئي. ھڪ دفعي سيد مصري شاھ جي آستاني تان رات جي محفل جي پڄاڻيءَ تي فقير عرس مھيسر ۽ سندس برادريءَ جا ڪجھ فرد جيڪي سندس ويجھا عزيز ھئا، سائينءَ کان موڪلائي ڳوٺ اچڻ لاءِ اٿيا ته سائينءَ کين فرمايو ته: ”بابا ڪجھ مفاصلو پنڌ ڪرڻ بعد گس تي ٿورو بيھجو، جيئن ته اھا رات جھڙالي ۽ مينھوڳيءَ سبب اونداھيءَ واري ھئي ۽ آڪاش تي بادل دھشتناڪ گجگوڙ ڪري رھيا ھئا. فقيرن سائينءَ جي ٻڌايل جاءِ تي ٿورڙو بيٺا ته چند ئي لمحن ۾ وِڄ جي تيز تجليءَ جي ڪارڻ فقيرن کي ٻه خطرناڪ نانگ گس تان سندن سامھون گذرندي نظر آيا ۽ اھڙيءَ حالت سبب فقيرن پنھنجو گس بدلايو ۽ ان طرح خوفناڪ نانگن کان محفوظ رھيا ۽ کين سائينءَ جو ڏنل اشارو به ياد آيو ۽ گس تي بيھڻ جي ڳالھ به سمجھ ۾ اچي وئي.“ (11)
بھرڪيف ايئن وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽ وري هڪ دور آيو، جنهن ۾ سڌ ٻڌ وارا حاجي رمضان مهيسر، حاجي لاکو فقير مهيسر گادي نشين درگاهه معصوم شاهه بخاري. ياد رهي ته درگاهه حضرت معصوم شاهه جا شروع کان ئي سجاده نشين سندس حياتيءَ ۾ خدمتگار رهندڙ ڪهيري فقير پيڙھي در پيڙھي رهندا آيا ۽ سجاده نشين فقير يار محمد ڪهيري عرف فقير يارو ڪھيري پنهنجي حياتيءَ ۾ لاکي فقير مهيسر کي درگاهه معصوم شاهه جو سجاده نشين بڻائي پاڻ ھتان هليو ويو ۽ مرحوم حاجي حمير خان (ثاني) مهيسر هن علائقي ۾ وڏي ڄاڻ سڃاڻ وارا ٿي گذريا آھن، خاص طور تي مرحوم حاجي حمير خان (ثاني) مهيسر هڪ زنده دل شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ نه صرف پنهنجي وڏڙن جون ويل زمينون ممڪن حد تائين هٿ ڪري پنھنجي برادريءَ ۽ ڀائرن کي ڏنيون، پر پنهنجي ڳوٺ ۽ برادريءَ کي نئين سِري سان مُنظم ڪيو ۽ وقت ۽ حالات جي پيشِ نظر پنهنجي برادريءَ يعني پنھنجي ڳوٺ وارن عزيزن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ سڌارا آندا ۽ نئين نسل کي خاص طور تي تعليم طرف مائل ڪيو. ان کان اڳ يعني پاڪستاڻ قائم ٿيڻ کان به اڳ سندس تعليمي حصول جي حوالي سان ڪوششون هونديون ھيون، پر جيئن ته انگريزن جي دور ۾ هي علائقو خاطر خواهه ترقي ڪري نه سگھيو. ان ڪري هتي ڪابه تعليمي سهولت ميسر نه هئي، پر پاڻ پوءِ به همت نه هاري ۽ مذھبي تعليم جي حوالي سان خاطر خواهه ڪوشش ڪئي. هن ڳوٺ ۾ قرآن پاڪ جي تعليم جو سرشتو باقاعده قائم ڪيو ۽ مردن توڙي عورتن کي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ 1955ع ۾ هڪ نئين جامع مسجد نمره تعمير ڪرائي، جا ڳوٺ جي مرڪزي مسجد طور قائم آھي. هن مسجد ۾ هن ڳوٺ جي ڇوڪرن ۽ نياڻين کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ جو باقاعده سلسلو شروع ٿيو. ياد رهي ته جامع نمره مسجد ۾ تعمير ٿيڻ واري وقت کان حافظ قرآن مقرر ٿيندا رهيا آھن، جن ۾ مرحوم حافظ محمد صديق جتوئي ۽ مرحوم حافظ حاجي خان حاجاڻو نصرپوري وغيره قابل ذڪر آھن. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ درس قرآن پاڪ جي ذميواري مولوين مرحوم نياز ميمڻ ۽ مولوي الله بخش خاصخيلي نڀائي ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مرحوم حافظ عبدالصمد بروهي جهنڊو مري ضلعو ٽنڊوالهيار وارو به نيڪ سيرت ۽ عمده شخصيت جو مالڪ بطور پيش امام رهيو هو. درس قرآن جي ذميواري به نڀائي ۽ مرحوم الھ اوڀايو مھيسر ولد مرحوم حسين خان مھيسر جامع مسجد نمره ۾ پابنديءَ سان ٻانگ نماز جي ذميواري نڀائيندو رھيو. پاڻ مذھبي عملن جي ادائگيءَ ۾ به اڳڀرو رھيو، رائي وِنڊ جي ھر سال ٿيندڙ اجتماعن ۾ به باقائدگيءَ سان ويندو ھو، تبليغي جماعتن سان به تقريبن جڙيل رھندو ھو. جولاءِ 1993ع ۾ وفات ڪيائين ۽ جامع مسجد نمره ۾ تازو حافظ محمد بخش جتوئي بطور پيش امام ۽ خطيب ڪجھ وقت رهي ويو آھي. ھن وقت مولوي الياس جتوئي (ڳوٺ باگو جتوئي لڳ بروھي موري) ٻيھر مقرر ٿيو آھي. جامع مسجد نمره جي سن 2009ع ۾ نئين سر تعمير پڻ ڪرائي وئي آھي. جامع مسجد نمره ۾ جمع نماز ۽ عيد نمازون باقاعدگيءَ سان ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه رمضان المبارڪ ۾ ختم القرآن جا پروگرام ۽ جلسا منقعد ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ سنڌ جا جَيَد عالم شريڪ ٿي خطاب ڪن ٿا ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا رهاڪو وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آھن. جڏهن ته جامع مسجد نمره کانسواءِ ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ ڳوٺ جي قديم مسجد، المعروف جادل مسجد (جيڪا ھن وقت زبون حالت ۾) آھي. چيو وڃي ٿو ته جادل نالي ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر ۾ ھڪ پوڙهي رھندي ھئي جنھن کي ڪو اولاد نه هو، جڏھن سندس گھر وارو وفات ڪري ويو، تڏھن پوڙھي جادل ھن ڳوٺ ۾ قائم ھن مسجد جي سار سنڀار لھندي ھئي ۽ وفات کان ٿورو اڳ پنھنجن عزيزن کي اھا وصيت ڪيائين ته کيس مرڻ بعد ھن مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪجو، جنھن ڪري سندس وفات بعد کيس مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو. جنھن ڪري اڳتي ھلي هيءَ مسجد جادل مسجد سڏجڻ لڳي ۽ ان نالي سان مشھور ٿي. بعد ۾ جادل مسجد کي ويجھو ھئڻ ڪري مرحوم اڪ خان مھيسر جي پٽ مرحوم ميان بخش خان مھيسر جي حوالي رھي ۽ سندس وفات کانپوءِ جادل مسجد جي سار سنڀال جي ذميواري سندس پٽن جي حوالي ٿي، جن شروع ۾ مسجد جي نئين سر تعمير ڪرائي. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر ۾ ھڪ ٻي مسجد به قائم آھي جيڪا شروع ۾ ڪچي ۽ ويران رھي، پر پوءِ ڳوٺ وارن چندا ۽ ڦوڙيون ڪري ان مسجد کي نئين سر تعمير ڪرايو. مسجد کي بلال مسجد نالو ڏيئي آباد ڪيو ۽ سڀ کان پھرئين ان مسجد ۾ پيش امام طور حافظ موسا آرائين کي مقرر ڪيو ويو. تنھن بعد ان مسجد ۾ مولوي ابراھيم خاصخيلي کي مقرر ڪيو ويو، جنھن ھن مسجد ۾ چڱو خاصو وقت ذميواري نڀائي ۽ تازو ملو ابراھيم خاصخيلي به فارغ ڪيو ويو آھي. بلال مسجد جي نظرداري علي بخش ولد الھ اوڀايو مھيسر جي حوالي آھي ۽ پنج وقت نماز جي پابنديءَ ۽ اذان جي ذميواري حاجي محمد سليمان مھيسر نڀائي رھيو آھي. حاجي حمير خان مهيسر فلاحي ڪمن ۾ به حصو ورتو ۽ وقت جي حڪومتن کان غريبن کي هر ممڪن امداد ڏياري ۽ پنهنجي قوم وارن جو به سهارو بڻيو. ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ بجليءَ لاءِ حاجي حمير خان مهيسر ڪوششون ورتيون ۽ آخرڪار 1996ع ۾ ڳوٺاڻن جي تعاون سان ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر کي بجليءَ جي سهولت ميسر ڪيائين. ڳوٺ بخشو خان خاصخيليءَ کي ۽ ڳوٺ انب خاصخيلي (جيڪو ھاڻ مڪمل طور ڳوٺ بخشو خان خاصخيليءَ ۾ ضم ٿي ويو آھي) کي به بجليءَ جي سھولت ڏياري ۽ ان دوران حاجي حمير خان (ثاني) مھيسر 1997ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪئي. 19 ڊسمبر 2002ع خميس جي ڏھاڙي شام مھل وفات ڪري ويو.
هن مهل ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ هڪ پرائمري اسڪول جنهن لاءِ پلاٽ حاجي حمير خان مهيسر جي فرزند ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙسي جا اھم فرائض سرانجام ڏيندڙ وڪيل محمد عارف مھيسر پنهنجي اباڻي زرعي زمين مان في سبيل الله طور ڏنو. ان طرح ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر کي پڪي رستي جي به سهولت ميسر آھي. ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ ڪجھ ٻيون به سُڌ ٻُڌ واريون شخصيتون ٿي گذريون آھن جن ۾ مرحوم سانوڻ خان مهيسر (چوٿون) ۽ مرحوم ميان بخش مهيسر شامل آھن. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر ۾ سگھڙائپ ۽ شاھ لطيف جي ڪلام سان انسيت ۽ عقيدت رکندڙ شخصيتون ٿي گذريون آھن جن ۾ مرحوم ويڌل ڄام ولد حسين خان مھيسر به شامل آھي. مرحوم ويڌل ڄام کي شاھ لطيف جا ڪافي بيت بر زبان ياد ھئا ۽ پاڻ ڳجھارتن ۽ پرولين جو به ماھر ۽ پارکو رھيو. بِينَ ۽ بانسريءَ وڄائڻ ۾ به ماھر ھو، سندس وفات فيبروري 1997ع ۾ ٿي. ان طرح مرحوم فقير محرم ولد حاجي خان مھيسر به شاھ لطيف جي بيتن ۽ ڳجھارتن جو ڄاڻو ھو. سندس وفات سيپٽمبر 2014ع ۾ ٿي. هن مهل ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر ۾ وڏي عمر وارا، حاجي محمد سليمان مهيسر ولد مرحوم حسين خان مھيسر، فقير محمد خان مهيسر ولد مرحوم حاجي خان مهيسر سجاده نشين حضرت معصوم شاهه بخاري (لاکي فقير مھيسر زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ کيس درگاھ جو گادي نشين مقرر ڪيو) ۽ علي بخش مهيسر ولد مرحوم الھ اوڀايو مهيسر پيرسن فرد موجود آھن.
ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي چڱي مڙس حاجي حمير مھيسر جي وفات بعد پيءُ جي پڳ وڏي پٽ عابد حسين ولد مرحوم حاجي حمير خان مهيسر کي ٻڌرائي وئي، پر ڳوٺ جي چڱ مڙسي ۽ آڳ واڳ سندس ننڍي ڀاءُ وڪيل محمد عارف مهيسر جي حوالي ٿي. ان طرح ڳوٺ جو چڱو مڙس محمد عارف ولد مرحوم حاجي حمير خان مھيسر آھي. ھو ان جي لائق ۽ قابل به آھي، محمد عارف مھيسر نئين نسل ۾ سڀ کان وڌيڪ سُڌ ٻُڌ وارو سلجھيل ۽ باشعور بااصول انسان آھي. ڳوٺ راڄ ۾ سندس سٺي اٿي ويٺي آھي، ھر مسئلي کي ساڀائتي انداز سان حل ڪندو آھي، پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي برادريءَ وارن ۾ اگر ڪنھن ڳالھ تان اڻ وڻت يا ڪو تنازعو ٿيندو آھي ته ان کي به وقت تي سليقي ۽ انصاف واري فيصلي سان سلجھائي سڀني کي پاڻ ۾ پرچائي ھڪ ڪندو آھي. منجھس ھڪ سمجھدار چڱي مڙس وارا سمورا گُڻ آھن، سڄي سنڌ ۾ پنھنجي مھيسر برادريءَ سان تمام سٺا تعلقات اٿس ۽ مرڻي پرڻي ۾ باقائدگيءَ سان شرڪت ڪندو آھي. ھن وقت مھيسر برادريءَ جي فلاحي تنظيم ”مسوا“ جو ضلعي نائب صدر آھي ۽ قانون جي به کيس پوري ڄاڻ آھي، سنڌ سِوِل سيشن ۽ ھاءِ ڪورٽ جي بھترين وڪيل طور پنھنجون ذميواريون نڀائي رھيو آھي. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر ۾ ھن وقت علم ۽ ادب سان واڳيل شخصيتون نم خان ولد مرحوم محمد ھاشم مهيسر ۽ عابد حسين (راقم) ولد مرحوم حاجي حمير خان مهيسر آھن. نم خان مهيسر شاعري ۽ نثر نگاريَ ۾ محوء عمل آھي، خاص طور تي ھائيڪي ۽ غزل تي فني فڪري دسترس حاصل اٿس ۽ ڪجھ مذھبي اردو ڪتابن جو سنڌي ترجمو ڪري هڪ ماهوار مذھبي شماري ۾ ڇپايو اٿس. چند مانائتين شخصيتن تي پراثر مضمون به لکيا اٿس ۽ پيشي جي لحاظ کان استاد آهي.
عابد انجم مهيسر (راقم) شاعري سان گڏوگڏ نثر نگار ۽ مترجم پڻ آھي. سندس شاعري ۽ ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ ماهوار مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن پيا. جڏهن عابد انجم مهيسر جي شاعري هن مهل تائين سنڌ جي ڀلوڙ راڳي وحيد سمون، سميرا ناز، فقير شوڪت علي، نعت خوان مقصود سولنگي ۽ خالد محمود سولنگي ڳائي چڪا آھن. اهو سلسلو به هلندڙ آھي، عابد انجم جي شاعري سڀ کان اول جڏهن نائين ڪلاس جو شاگرد هو تڏهن نصرپور شھر ۾ مهراڻ ڪلب جي ماهوار مئگزين ”رهاڻ“ ۾ هڪ غزل ڇپيو هو. ان کانپوءِ ”عبرت مئگزين“ ۾ به غزل شايع ٿيو، تنهن کانپوءِ اهو سلسلو شروع ٿيو جو تاحال جاري و ساري آھي. ان کانسواءِ عابد انجم جا تحقيقي مقالا ۽ آرٽيڪل، تحقيقي جرنل ڪارونجھر اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ ماهوار ادبي مئگزين احساس، ادبي مئگزين سنڌ راڻي، ادبي مئگزين انڊلٺ، ادبي مئگزين ھمسري، ادبي مخزن تحقيقي جرنل تخيل، امرتا ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان شايع ٿيندڙ ٽماھي ادبي رسالي مھراڻ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهيا آھن. ان کانسواءِ پاڻ ڪجھ اھم اردو ڪتابن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما پڻ ڪيا آھن ۽ تازو اتر سنڌ جي سرجڻھارن سان گڏيل شاعري جي البيلي صنف وائي تي مشتمل مجموعو ”وايون مهڪن واٽ تي” شايع ٿيو آھي، جنهن ۾ سندس وايون به شامل آھن ۽ سندس اڻ ڇپيل حالت ۾ ڇھن ڪتابن جي لڳ ڀڳ شاعريءَ جو مواد جن ۾ بيت، دوها، سورٺا، چوسٽا، ڇھ سٽا، ڪافيون، وايون، گيت، غزل، نظم، نثري نظم، ھائيڪا ۽ ٽيڙو وغيره شامل آھن. ڪجھ نثري مواد جن ۾ سماجي ڪالم ۽ شخصيتن تي خاڪا ترتيت ڏنا آھن ۽ هڪ تحقيقي ڪتاب ”مصري شاهه بحيثيت ڪافي گو شاعر“ موجود آھن ۽ سي پڻ عنقريب ڇپجي پڌرا ٿيندا. مالڪ جي مهر سان اهو سلسلو هلندڙ آھي ۽ وٽس ھڪ ننڍي ۽ مختصر، پر اھم ادبي ماخذن ۽ پرڀائتن پستڪن سندي لاکائتي لائبريري پڻ آھي، جنھن ۾ ڪتابن سان ڪچھري ۽ قلم سان انڌي منڊي قلمڪاري ڪندو رھي ٿو. جڏهن شاگردي واري وقت ۾ عابد مهيسر ”انجم سنڌي“ جي نالي سان وقت ۽ حالات جي پيش نظر عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ جو متحرڪ ڪارڪن رهيو ۽ ايس. ايم سائنس ڪاليج ۾ ان وقت سنڌي شاگرد ايڪشن ڪميٽيءَ جو اول ڊپٽي آرگنائيزر، بعد ۾ ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو ۽ عوامي تحريڪ جي تنھن وقت جي اهم اڳواڻن، محترم رسول بخش پليجو، محترم جامي چانڊيو، محترم ڊاڪٽر ولي محمد راهمون، محترم ڊاڪٽر خير محمد خاصخيلي ۽ حنيف سارنگ سان ڪنهن حد تائين ميل جول هوندي هئس. 1993ع ۾ عابد مهيسر جي ڪوششن سان سماجي فلاحي تنظيم ”سنڌ وليج ويلفيئر سوسائٽي“، قائم ٿي ۽ ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي پاڙيسري ڳوٺ، ڳوٺ بخشو خان خاصخيلي به ان سماجي فلاحي تنظيم جو حصو بڻيو. ان تنظيم ۾ عابد مهيسر بطور پريس سيڪريٽري وس ۽ وت آھر بيحد گھڻي جفاڪشي ڪئي ۽ مذڪوره ڳوٺن جي مسئلن کي اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ ۽ وسوارن عملدارن جي ڌيان ۾ آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. واضح رهي ته تنهن وقت ۾ عابد مهيسر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، اڳتي هلي ڳوٺاڻي فلاحيءَ تنظيم زماني جي بي ثباتين ۽ ناعاقبتن سبب تحليل ٿي وئي. ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي چوڌاري مهيسر برادريءَ جون زمينون آھن جيڪي سموريون آباد آھن ۽ گھڻو ڪري انبن جا باغ آھن. هتي جون زمينون سرسبز ۽ زرخيز آھن. ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي طبعي بيھڪ مطابق، خط استوا 02 ڊگريون 01 فوٽ ويڪرائي ڦاڪ اولھ ۽ 06 ڊگريون 03 فوٽ اوڀر 07 ميٽر ڊگھائي ڦاڪ جي بيهڪ تي واقع آھي. ڪل ايراضي يعني پکيڙ اٽڪل 10 ايڪڙن تي مشتمل آھي. ھن ڳوٺ جي هن وقت آبادي اٺن ويڙھن تي مشتمل آھي ۽ ھر ويڙھي ۾ 6 کان 7 گھر آباد آھن. نئين ٽھيءَ ۾ ديني ۽ دنياوي تعليمي رجحان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌندڙ ۽ اطمينان جوڳو آھي. سرڪاري ملازمن جو تعداد نالي ماتر آھي. ياد رهي ته گذريل پنجن صدين کان درگاهه حضرت معصوم شاھ بخاري ؒ ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر جي احاطي ۾ مور پکي ولرن جي صورت ۾ ھلندي رونق بخشيندا رھن ٿا. مور پکي مذڪوره پوري علائقي ۾ پکڙجي ڦھلجي ويو آھي. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي مرڪزي ۽ واحد اوطاق مرحوم حاجي حمير خان (ثاني) مھيسر 1950ع واري ڏھاڪي ۾ تعمير ڪرائي، ان کان اڳ سندس وڏن جي اوطاق ساڳي جاءِ تي ئي ھئي. اوطاق ۾ ڪجھ وقت اڳ سڄا سڄا ڏينھن ۽ راتيون ڪچھريون ھلنديون رھنديون ھيون ۽ قصا ۽ داستانن کانسواءِ ڳجھارتون، ڏِٺون، پروليون، ھنري بيت ۽ شاھ لطيف جا بيت ٻڌا ٻڌايا ويندا ھئا. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ رات جو بي. بي. سي ريڊيو اسٽيشن جون خبرون باقائدگيءَ سان ٻڌبيون ھيون ۽ رات جو وڏو حصو ڪچھرين ۾ گذرندو ھو، پر ھاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪچھريون گھٽ ٿين ٿيون ۽ ڳوٺ ۾ ھڪ وڏي عرصي کان دڪان به قائم رھندو آيو آھي. موجوده وقت ۾ عمران ولد مرحوم حاجي حمير خان مھيسر جو دڪان ڳوٺ جي مرڪزي ۽ واحد اوطاق جي سامھون موجود آھي. جڏھن ته ان کان اڳ ۾ دڪانن جو اھو سلسلو ھلندو رھيو آھي، شروعات ۾ ته ڳوٺ جي ڀرسان مسمار ٿي ويل قديم شھر ڀوڙي، ڀرڙايون شھر ۾ ھٽ ۽ دڪان ھوندا ھئا، پر وري جڏھن ذڪر ڪيل قديم شھر ڦٽي اجڙي ناس ٿي ختم ٿيو ته ڪھيري برادريءَ وارن مختلف باشندن جا دڪان مختلف دورن ۾ قائم ٿيندا ۽ ختم ٿيندا رھيا، سڀ کان آخر ۾ ڪھيري برادريءَ وارن باشندن جو دڪان فقير يارو ڪھيري گادي نشين معصوم شاهه بخاريءَ جو ھو، تنھن بعد وري مھيسر برادريءَ جي مختلف فردن جا دڪان جڙندا ۽ ڦٽندا رھيا. موجوده دور ۾ مرحوم ويڌل ڄام ولد مرحوم حسين خان مھيسر جو دڪان ھو ۽ وري حاجي سليمان ولد مرحوم حسين خان مھيسر جو دڪان ڪجھ وقت ھليو. ان طرح دڪانن جو سلسلو اچي موجوده دڪاندار عمران ولد مرحوم حاجي حمير خان مھيسر واري دڪان تائين پھتو. ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي آسپاس رهندڙ ذاتيون برادريون، خاصخيلي، چاچڪ، قاضي، ڪاڪيپوٽا، رند، ٽالپر ۽ لاشاري آباد آھن. ڳوٺ سانوڻ خان مهيسر هن وقت انتظامي طور نائون وارڊ ٽائون ڪاميٽي نصرپور تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊوالهيار سان منسلڪ آھي.
حوالا ۽ سمجھاڻيون:
1 . روزاني مهراڻ اخبار ص 2 ڪالم 1، جلد 42، اڱارو 10 جنوري 1995ع مطابق 8 شعبان المعظم 1415 ھ شمارو 10 حيدرآباد سنڌ 1995ع.
2 . ص 128 موھن جو دڙو احسان دانش سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ 2012ع
3 . ص 255 سنڌو جو سفر، بدر ابڙو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي سنڌ 1989ع.
4 . روزاني مھراڻ اخبار، ص 3 ڪالم 2، جلد 43، اربع 11 جنوري 1995ع مطابق 8 شعبان المعظم 1415 ھ شمارو 11 حيدرآباد سنڌ
5 . حوالو 1 ۽ ص 3
6 . درگاھ معصوم شاھ جي گادي نشين فقير محمد مھيسر ساڪن ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر
7 . ساڳيو حوالو.
8 . ص 456 جنت السنڌ رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي سنڌ 2008ع
9 . حوالو 4 ص 4
10 . حوالو 1 ۽ ص 3
11 . ص، 18 ”مصري شاھ بحيثيت ڪافي گو شاعر“ (مونوگراف) مصنف عابد مھيسر (اڻ ڇپيل) سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ 1997ع.
***