پاڪستانخاصدنيانيو‍‍ز

آءِ ايم ايف پاڪستان جو قرض پروگرام بحال ڪري ڇڏيو

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب پاڪستان ادارن جي ڍانچي بابت سڌارا پروگرام جو يقين ڏياريو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جو قرض پروگرام بحال ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ ٻئي کان پنجين جائزي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ جائزه مشن 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قرض پروگرام جا ٻيا هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت نيپرا جي خود مختياري لاءِ قانون تبديل ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري لاءِ به قانونسازي ڪري رهي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ايندڙ اجلاس اپريل ۾ واشنگٽن ۾ متوقع آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي قرض ڏيڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.