اسرائيل کي تسليم ڪيو ته اسان کي ڪشمير تان به دستبردار ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪيوسين ته اسان کي ڪشمير تان به دستبردار ٿيڻو پوندو. هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته فلسطينين کي حق ملڻ تائين اسرائيل کي تسليم نٿا ڪري سگهون. هن جو چوڻ هو ته اسان جو ضمير اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو، فلسطين جي صورتحال مقبوضه ڪشمير جهڙي آهي، اسرائيل کي تسليم ڪيوسين ته اسان کي ڪشمير تان به دستبردار ٿيڻو پوندو. سعودي عرب سان تعلقات جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سعودي عرب سان خراب لاڳاپن جون خبرون بي بنياد آهن. سعودي عرب جي پنهنجي خارجه پاليسي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو پنهنجو موقف آهي. وزير اعليٰ پنجاب جي طرفان شراب لائسنس جي جاري ڪرڻ واري معاملي تي عمران خان جو چوڻ هو ته هن معاملي تي پنجاب جي چيف ايگزيڪيوٽو کي گهرايو ويو، شراب جي لائسنس جو الزام مذاق آهي، ايڪسائيز کي گهرائڻ کپي ها. وزيراعظم چيو ته عثمان بوزدار تي لڳل هر هڪ الزام کي آءِ بي سي کان چيڪ ڪرائيندس، عثمان بوزدار پهريون ڀيرو وزيراعليٰ بڻيو آهي ۽ هو شيون سکي رهيو آهي. کنڊ جي بحران تي ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته کنڊ بحران ۾ جهانگير ترين جو نالو اچڻ تي ڏک آهي، جڏهن ته شريفن ۽ زردارين سميت ڪيترن ئي سياستدانن جون شوگر ملون آهن. اپوزيشن طرفان تنقيد تي ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته اشرافيه گڏجي ويون گڏ ٿي وئي آهي ۽ حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهي جيترو چاهين بليڪ ميل ڪن، انهن کي ڪونه ڇڏيندس. ڪراچي جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي بابت اهم فيصلا ڪرڻ وارا آهيون.

