خاص

توهين عدالت ڪيس- ايتري نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا: چيف جسٽس

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ججز کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ متعلق ڪيس ۾ چيو آهي ته ايتري نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا. جج کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي. ملزم آغا افتخار الدين مرزا عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي موڪل کي ڪورونا ٿي ويو آهي، ڪورونا منفي هئڻ کانپوءِ هن جي دل جي اوپن هارٽ سرجري ٿي آهي. وڪيل صفائي ۾ چيو ته عدالت کي استدعا آهي ته افتخار الدين کي معاف ڪيو وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايتري نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا؟ علامه افتخار الدين پيش ٿيندو ته معاملي کي ڏسنداسين. سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.