روهڙي ۽ پنوعاقل جي وچ تي ڪراچي ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، هڪ عورت فوت، 40 مسافر زخمي
سکر ويجهو ڪراچي کان لاهور ويندڙ ريل گاڏي سان حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 40 مسافر زخمي ٿي پيا. روهڙي ۽ پنوعاقل جي وچ تي ڪراچي ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙي تان لهي هيٺ کاهي ۾ ڪري پيون. حادثي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 40 مسافر زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس سميت امدادي ٽيمون واقعي واري جڳهه تي پهچي ويون. حادثي واري هنڌ گاڏين جو رستو نه هجڻ سبب امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائيون پيش آيون. سول اسپتال سکر ۽ سي ايم ايڇ پنوعاقل ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جتي زخمين کي آندو ويو. فوتي عورت جي سڃاڻپ ڪراچي جي علائقي لانڍي واسڻ عظما زال محمد صابر طور ٿي آهي. حادثي سبب ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنز تي بيهاريو ويو. ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي، زخمين جو انگ 30 کان 40 جي لڳ ڀڳ آهي. ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب ٽرين ڊرائيور اوور اسپيڊنگ ڪئي. ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته پٽڙي ٽٽل هجڻ سبب حادثو پيش آيو، ريل ۾ 18 بوگيون هيون جن مان 9 پٽڙي تان لهي ويون. ريلوي ترجمان موجب واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ويو آهي، 7 ڪلاڪن کانپوءِ ريلوي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي.

