سليم سولنگي ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات
تعارف: منهنجو نالو عبدالسليم سولنگي آهي، آئون ضلعي ٺٽي سان تعلق رکان ٿو، جهمپير شهر جو رهائشي آهيان، هن وقت جي. او. آر ڪالوني حيدرآباد ۾ مسواڙ جي جڳهه ۾ رهان ٿو. اسان ڇهه ڀائر هئاسين ٽن ڀائرن جو انتقال ٿي ويو آهي، وڏو ڀاءُ عبدالعزيز سولنگي حيدرآباد ۾ رهندو آهي جيڪو ليڪچررا به هو هاڻي رٽائر آهي ۽ ڪاوش اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو آهي. هڪڙو ڀاءُ ڳوٺ رهندو آهي. تعليم مڊل تائين حاصل ڪري سگهيس، تقريبن 20 سالن کان ڪاوش ايڊورٽائيزنگ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪري رهيو آهيان، همسري ۾ مون کي منهنجو تجربو کڻي آيو، همسري جو جون 2015 وارو پهريون مئگزين منهنجي هٿن مان ئي نڪتو آهي. هڪ ڪمپورز طور مون پنهنجي سٺي ساک پيدا ڪئي آهي. منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪمپوزنگ ۾ ڪابه غلطي نه ٿئي، پر ان جي باوجود به ڪڏهن ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ پروف ۾ درست ٿي ويندي آهي.
همسري: هن ٽيم ۾ ڪم ڪندي توهان پنهنجن تجربن کان آگاهه ڪندا؟
سليم سولنگي: آئون همسري جي ٽيم جو پايونيئر ميمبر آهيان. (هه م س ر ي) منهنجي لاءِ همت، مقابلو، ساٿ، ريس ۽ يقين جو نالو آهي. همت ڪئي سين، مقابلو ڪري رهيا آهيون، مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون، هڪٻئي جو ساٿ ڏيئي رهيا آهيون، ٻين مئگزينن کي پٺيان ڇڏي ريس کٽي آهي، هڪٻئي تي ٽيم ميمبرز جو پورو يقين آهي، جنهن جو نالو همسري آهي.
اڄ همسري مئگزين توهان جي سامهون آهي جنهن پنهنجي اهميت مڃرائي آهي ۽ لکندڙن کي پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي. هاڻ يقين سان چئون ٿا ته دنيا جو نمبر 1 سنڌي ماهوار مئگزين صرف همسري ئي آهي. جون 2015 کان جون 2021 تي همسري ڇهين سال ۾ پير پاتو آهي. آئون سال 2015 کان وٺي همسري سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهيان. هينئر جون 2021 ۾ همسري جي ڇهين سالگره آهي، منهنجو ساٿ همسري سان ئي آهي ۽ انشاءَالله هميشه رهندو. ڪافي ماڻهن جو خيال هو ته مئگزين جلد بند ٿي ويندو، مئگزين هلائڻ سولو ناهي، مئگزين کي وقت کپي، پئسو کپي، ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، پنهنجو سڪون برباد ڪرڻو پوندو، پر ميڊم زاهده ابڙو جي همت کي سلام آهي، جنهن صرف شوق خاطر نه پر ٻوليءَ جي خدمت ۽ سماج ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مئگزين هلايو آهي، ميڊم پنهنجا سڀ شوق ڇڏي ڏنا، پنهنجو گهر، ٻار ٻچا، ڪم ڪار، پنهنجون ننڊون قربان ڪيون، اسان ٽيم ميمبرن کي پنهنجي کيسي مان پگهارون ڏي ٿي، پريشانيون کڻي ٿي، مصيبتن کي منهن ڏئي ٿي، مردن سان مرد ٿي مقابلو ڪري ٿي گهڻي ۾ گهڻو وقت صرف مئگزين کي ئي ڏنو آهي. ميڊم جو خواب پورو ٿي ويو، همسري مئگزين ۾ ميڊم جو ساهه آهي، اڄ همسري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اسان هڪ سٺي ٽيم جا ميمبر آهيون اسان ايمانداري، سچائي ۽ شوق سان ڪم ڪندا آهيون. ڪمپوزنگ ڪندي ڪندي ظاهري ڳالهه آهي ته جيڪي به مضمون اچن ٿا، خط ۽ رايا اچن ٿا، ڪهاڻيون ۽ شاعري اچي ٿي. ان کان علاوه پروفائل، انٽرويو جيڪي آئون ڪمپوز ڪندي ڪندي پڙهندو به آهيان ۽ مون کي تمام سٺا لڳندا آهن، اهي سڀ منهنجي نظر مان گذرن ٿا. اسان جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته همسري مئگزين پهرين يا ٻئين تاريخ تائين اسان جي پڙهندڙن تائين پهچي وڃي، پر هينئر ملڪي حالتن سبب مئگزين جي شايع ٿيڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويندي هئي، پر اسين ڪوشش ڪنداسين ته همسري کي وقت سر پڙهندڙن تائين پهچايون. همسري مئگزين هڪ طلب، هڪ گهرج، هڪ نشو آهي. پڙهندڙن کي هر مهيني جي پهرين تاريخ کان بيچينيءَ سان انتظار رهندو آهي ته مئگزين ڪڏهن ٿو اپلوڊ ٿئي. هن وقت هر پڙهندڙ جي خواهش آهي ته همسري مئگزين پبلش ٿئي ۽ سندن هٿن ۾ موجود هجي. پهرين هي مئگزين پرنٽ ٿي ايندو هو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي بُڪ اسٽال تي موجود هوندو هو پڙهندڙ شوق سان خريد به ڪندا هئا، پنهنجا خط ۽ رايا به لکندا هئا. مارچ 2020 کان ڪورونا ۽ ٻين سببن جي ڪري مئگزين ڇپجي نه پيو سگهي جنهن ۾ وڏو سبب مالي بحران به آهي. ڇو ته هڪ اهڙو مئگزين جيڪو رجسٽرڊ به آهي، ABC به ٿيل آهي ۽ سينٽرل ميڊيا لسٽ تي به آهي، پر بدقسمتي سان صرف سنڌي مئگزين هجڻ ڪري ان کي ايڊورٽائيز نٿيون ملن، جنهن جي ڪري هن مئگزين کي هاڻي پرنٽ ۾ آڻڻ بجاءِ ان کي اِي-مئگزين ۾ تبديل ڪري humsari.com تي آن لائين ڪيو ويو آهي. همسري ۾ سٺو مواد شايع ٿئي ٿو، نوان نوان ليکڪ به لکن پيا ۽ شوق سان پڙهن پيا. همسري مئگزين جو پنهنجو يوٽيوب چئنل به آهي. جنهن تي همسري ۾ شايع ٿيل مواد کي وائيس اوور ۾ تبديل ڪري ان جون وڊيوز ٺاهي رکيون وينديون آهن جنهن ۾ اسان جو ٽيم ميمبر ثاقب ابڙو ۽ فرحان سخيراڻي پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. همسري ٽيم جي محنت رائيگان نه وئي، همسري ٽيم سچائي ۽ دل سان محنت ڪئي، اڄ همسري مئگزينن ۾ هڪ برانڊ آهي. همسري کي ويب سائيٽ تي سڄي دنيا جا ماڻهو شوق سان پڙهن ٿا. پڙهندڙن کي گذارش آهي ته وڌ ۾ وڌ همسري مئگزين پاڻ به پڙهن، دوستن يارن کي شيئر ڪن، ڪمينٽس ڏين، لائيڪ ڪن. اسان جي محنت جاري رهندي، انشاءَ الله هڪ ڏينهن همسري هڪ مضبوط ادارو بڻجندو.
همسري: همسري جي باري ۾ توهان کي ٻاهران ڪهڙو فيڊ بيڪ ملندو آهي؟
سليم سولنگي: اڪثر ماڻهو مون کان همسري جي باري ۾ پڇندا آهن، آئون پهرين صرف عبدالسليم هئس همسري ۾ اچڻ کانپوءِ هاڻي آئون سليم سولنگي ٿي ويو آهيان. تقريبن هاڻي ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا ۽ همسري جي حوالي سان منهنجي سڃاڻڻ وارن جو حلقو به وسيع ٿي ويو آهي. اڪثر ماڻهو پاليسي جي باري ۾ پڇندا آهن، انهن کي ٻڌائيندو آهيان ته اسان جي پاليسي ڇا آهي، ڪوبه شايع ٿيل آرٽيڪل اسان وٽ همسري ۾ پبلش ناهي ٿيندو يا وري فيس بڪ تي رکيل ڪوبه مواد همسري ۾ شايع ناهي ٿيندو، جيڪڏهن ٿيندو به آهي ته ان لاءِ ٽيم ان جي ميرٽ تي فيصلو ڪري پوءِ ان کي شايع ڪندي آهي. همسري جي آفيس ۾ بلڪل گهر جهڙو ماحول آهي سڪون سان ڪم ڪندا آهيون ڪابه پريشاني ناهي هوندي، ڪو پريشر ناهي هوندو بس وقت جي پابندي سان سڀ شيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ سڄي ٽيم جي ڪوشش اها هوندي آهي ته مئگزين ٽائيم تي آن لائين ٿي وڃي.
همسري: توهان همسري جي ڇهين سالگره تي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
سليم سولنگي: همسري جي ڇهين سالگره تي آئون سڄي ٽيم کي ۽ همسري جي سڀني انهن پڙهندڙن کي جن جو تعلق همسري سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رهيو آهي انهن سڀني کي مبارڪون ٿو ڏيان ته همسري باقائدگي سان شايع ٿي رهيو آهي ۽ پڙهجي رهيو آهي. ان کان علاوه انهن سڀني پڙهندڙن کي اها گذارش ڪندس ته اسان سڄي ٽيم محنت ڪري سٺو مواد توهان تائين پهچايون ٿا ته جيئن توهان دنيا جي باري ۾ پنهنجي ارد گرد جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهو ۽ توهان جو ساٿ اسان کي اهو گهرجي ته ان کي آن لائين پڙهو، لائيڪ ڪريو، جيڪڏهن ڪو مشورو ڏيڻ چاهيو ٿا ته اسان اڃان به همسري کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهون ٿا اهو به ڏيو، اهوئي منهنجو سڀني پڙهندڙن کي پيغام آهي ۽ گذارش به آهي.

