پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن جي شروعات پهرين جولاءِ کان ٿيندي: سعيد غني

سنڌ حڪومت ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ ساليانه امتحانن جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جي بحالي ۽ امتحانن کان اڳ واري پاليسي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته سرڪاري ڪاليجز جي عملي جا 13 هزار 750 ڪورونا ٽيسٽ ڪرايا آهن ان ۾ 200 ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جون رپورٽون مليون آهن. ڪراچي جي ڪجهه ڪاليجز ۾ ڪورونا جا ڪيس سامهون آيا آهن. اڃان به ڪراچي جا 2 ڪالجز ڪورونا سبب بند آهن. سنڌ جا سمورا اسڪول پهرين فيبروري کان کلي ويندا. هلندڙ سال تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون صرف جولاءِ واري مهيني ۾ ٿينديون. سنڌ ۾ نئون تعليمي سال 2 آگسٽ کان شروع ٿيندو. سعيد غني ٻڌايو ته هن سال ٻارن کي امتحانن کانسواءِ ٻئي ڪلاس ۾ ترقي نه ڏني ويندي. نرسري کان اٺين ڪلاس جا امتحان 7 جون کان شروع ٿيندا. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين جاري رهندا. يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جي شروعات 28 جولاءِ کان ٿيندي. امتحانن جي دوران ڪورونا ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويندو. سمورا تعليمي بورڊز امتحانن جا نتيجا 90 ڏينهن ۾ تيار ڪندا. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا نتيجا 15 سيپٽمبر جڏهن ته 11 هين ۽ 12 هين ڪلاس جا نتيجا 15 آڪٽوبر تي جاري ٿيندا. ڪوبه ڪاليج 15 آڪٽوبر کان اڳ داخلا نٿو ڏئي سگهي. تعليم واري وزير وڌيڪ چيو ته شاگردن جي سهولت لاءِ امتحانن جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. نائين کان ٻارهين ڪلاس جا پريڪٽيڪلز جون ۾ هاڻ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٿيندا. پرچي جي لاءِ 3 ڪلاڪ جي بجاءِ هاڻ 2 ڪلاڪن جو وقت هوندو. ايم سي ڪيوز جو 50 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. 30 سيڪڙو تفصيلي ۽ 20 سيڪڙو مختلف سوال ڏنا ويندا.